YouVersion Logo
Search Icon

عبرانين 5

5
1ڇالاءِ جو سڀڪو سردار ڪاهن جو ماڻهن مان ٿو چونڊجي؛ سو ماڻهن جي لاءِ انهن ڳالهين واسطي مقرر ڪيو ٿو وڃي، جي خدا سان لاڳاپو ٿيون رکن، انهي لاءِ تہ نذر ۽ گناهن جون قربانيون ادا ڪري. 2اُهو جاهلن ۽ گمراهہ ٿيلن سان نرميءَ جي هلت ڪري ٿو سگهي، ڇالاءِ جو هو پاڻ بہ ڪمزوريءَ کان آجو نہ آهي. 3انهي ڪري مٿس اهو فرض آهي تہ گناهن جي لاءِ جهڙي اُمت جي واسطي قرباني ڪري، تهڙي پنهنجي واسطي بہ ڪري. 4۽ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي لاءِ تيسين اها عزت اختيار نٿو ڪري، جيسين ڪ هارون وانگر خدا کان سڏيو نٿو وڃي. 5ساڳيءَ طرح مسيح بہ سردار ڪاهن ٿيڻ جي عزت پاڻ کي پاڻهي نہ ڏني، پر انهي ڏنيس جنهن کيس چيو، تہ ”تون منهنجو فرزند آهين، اڄ تون مون کان پيدا ٿئين“؛ 6جيئن ڪ ٻئي هنڌ بہ چيل آهي، تہ ”تون ملڪ صدق جي طريقي جو هميشہ لاءِ ڪاهن آهين.“
7پنهنجي جسماني زندگيءَ ۾ يسوع زار زار روئي دانهون ڪري انهي کان دعائون گهُريون، جو کيس موت کان بچائي ٿي سگهيو، ۽ سندس خدا ترسيءَ جي ڪري اهي دعائون قبول پيون. 8جيتوڻيڪ هو فرزند هو، تہ بہ هن ڏک سهي فرمانبرداري سکي؛ 9۽ ڪامل بڻجي پنهنجن سڀني فرمانبردارن لاءِ ابدي نجات جو باني ٿيو؛ 10۽ خدا جي طرفان ملڪ صدق جي طريقي جي سردار ڪاهن جو عهدو مليس.
11انهي بابت اسان کي گهڻيون ڳالهيون چوڻيون آهن؛ جن جي سمجهاڻي ڏيڻ مشڪل آهي، ڇالاءِ جو اوهين ڪَنن کان گهٻرا ٿيا آهيو. 12هن ڪري جو هيتري وقت ۾ تہ اوهان کي استاد ٿيڻ گهُربو هو، پر اوهان کي اڃا انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت آهي تہ ڪو ماڻهو خدا جي ڪلام جي اصولن جي ابتدائي تعليم اوهان کي ڏئي؛ ۽ اهڙا ٿيا آهيو جو سخت کاڌي کائڻ جي بدلي اوهان کي اڃا کير جي گهُرج آهي. 13ڇالاءِ جو جيڪو کير پياڪ آهي، تنهن کي راستبازيءَ جي ڪلام جو ڪوبہ آزمودو ڪونهي، جو هو اڃا ٻار آهي. 14پر سخت کاڌو بالغن جي لاءِ آهي، يعني اُهي جن جا حواس استعمال ڪرڻ ڪري هو نيڪيءَ ۽ بديءَ جو امتياز ڪري سگهن ٿا.

Currently Selected:

عبرانين 5: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in