YouVersion Logo
Search Icon

پيدائش 8

8
1پوءِ خدا نوح کي، ۽ جيڪي ساهوارا ۽ ڍور ساڻس گڏ ٻيڙيءَ ۾ هئا، تن کي ياد ڪيو، ۽ خدا زمين تي واءُ آندو ۽ پاڻي گهٽجي ويو. 2۽ وڏي سمنڊ جا چشما ۽ آسمان جون دريون بہ بند ٿيون، ۽ آسمان مان وسندڙ مينهن بہ جهلجي ويو؛ 3۽ پاڻي زمين تان لهڻ لڳو ۽ ڏيڍ سؤ ڏينهن کان پوءِ گهڻو گهٽجي ويو. 4پوءِ ستين مهيني جي سترهين تاريخ ٻيڙي اچي اراراط جبل تي بيٺي. 5۽ ڏهين مهيني تائين پاڻي لهندو ويو: ڏهين مهيني جي پهرين تاريخ جبل جون چوٽيون ڏسڻ ۾ آيون.
6۽ چاليهن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو جو نوح ٻيڙيءَ ۾ جيڪا دري هئي سا کولي، 7۽ هڪڙو ڪانءُ اُڏايائين، جو زمين تي پاڻيءَ جي سڪڻ تائين هيڏانهن هوڏانهن پئي آيو ويو. 8وري هن پاڻ وٽان هڪڙو ڪبوتر اُڏايو؛ انهي لاءِ تہ خبر پوي تہ زمين تان پاڻي لهي ويو آهي يا نہ. 9پر ڪبوتر کي پير رکڻ جي بہ جاءِ ڪانہ ملي. تنهن ڪري هو موٽي وٽس ٻيڙيءَ ۾ آيو؛ ڇالاءِ جو اڃا ساري زمين تي پاڻي بيٺل هو: ۽ هن پنهنجو هٿ ڊگهيري انهيءَ کي کڻي پاڻ وٽ ٻيڙيءَ ۾ آندو. 10پوءِ هو ٻيا ست ڏينهن ترسيو، تنهن کان پوءِ وري ٻيڙيءَ مان ڪبوتر کي اُڏايائين، 11۽ اهو ڪبوتر سانجهيءَ جو وري وٽس موٽي آيو؛ ۽ ڏسو، هن جي چهنب ۾ هڪڙو زيتون جو تازو ڇنل پن هو: جنهن مان نوح سمجهيو تہ زمين تان پاڻي لهي ويو آهي. 12پوءِ ٻيا ست ڏينهن ترسي ڪبوتر اُڏايائين، جو وري وٽس ڪونہ آيو.
13هاڻي هيئن ٿيو جو ڇهہ سؤ پهرئين ورهيہ جي پهرئين مهيني جي پهرين تاريخ زمين تان پاڻي سڪي ويو؛ تڏهن نوح ٻيڙيءَ جي ڇت کولي ۽ ڏٺائين تہ زمين جو مٿاڇرو سڪي ويو آهي. 14۽ ٻئي مهيني جي ستاويهين تاريخ ساري زمين سڪي ويئي. 15پوءِ خدا نوح کي چيو تہ 16تون پنهنجيءَ زال، پنهنجن پٽن ۽ پنهنجن پٽن جي زالن سوڌو ٻيڙيءَ مان نڪري اچ. 17۽ سڀئي ساهوارا جيڪي توسان گڏ آهن، پکي توڙي جانور توڙي سرندڙ جيت، تن کي بہ پاڻ سان گڏ ٻاهر وٺي اچ، تہ اهي زمين تي پنهنجو نسل وڌائين، ۽ وڌن ۽ ويجهن. 18تڏهن نوح، پنهنجيءَ زال ۽ پنهنجن پٽن ۽ پنهنجن پٽن جي زالن کي پاڻ سان وٺي ٻاهر آيو، 19۽ سڀئي جانور، ۽ سڀيئي سرندڙ جيت، ۽ سڀئي پکي ۽ سڀ جيڪي زمين تي هلن ٿا، سي ٻيڙيءَ مان نڪري ٻاهر آيا.
20پوءِ نوح خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي ۽ سڀني پاڪ جانورن ۽ سڀني پاڪ پکين مان ڪي قربانگاهہ تي آڻي قرباني چاڙهيائين. 21۽ خداوند کي انهيءَ جي خوشبوءِ پهتي، ۽ خداوند پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ آءٌ انسان جي ڪري زمين تي وري لعنت نہ ڪندس، ڇالاءِ جو انسان جي دل جو خيال ننڍپڻ کان خراب آهي؛ ۽ نڪي سڀ ڪنهن ساهواري کي ماريندس، جيئن هاڻي ڪيو اٿم. 22جيسين زمين هوندي تيسين پوکڻ ۽ لڻڻ، سردي ۽ گرمي، سيارو ۽ اونهارو، ڏينهن ۽ رات برابر ٿيندا رهندا.

Currently Selected:

پيدائش 8: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy