YouVersion Logo
Search Icon

پيدائش 42

42
1جڏهن يعقوب کي اها خبر پيئي تہ مصر ۾ اَن آهي، تڏهن هن پنهنجن پٽن کي چيو تہ اوهين ڇو ويٺا هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو؟ 2۽ چيائين تہ ڏسو، مون ٻڌو آهي تہ مصر ۾ اَن آهي: اوهين اوڏانهن وڃو ۽ اتان اسان جي لاءِ خريد ڪري اچو؛ تہ اسان جي جان بچي، ۽ مري نہ وڃون. 3سو يوسف جا ڏهہ ڀائر مصر مان اَن خريد ڪرڻ لاءِ روانا ٿيا. 4پر يوسف جي ڀاءُ بنيمين کي يعقوب سندس ڀائرن سان گڏ نہ موڪليو؛ جو چيائين تہ متان مٿس ڪا مصيبت اچي پوي. 5پوءِ ٻيا جيڪي ماڻهو اَن خريد ڪرڻ لاءِ اتي آيا هئا، تن سان گڏ اسرائيل جا پٽ بہ آيا: ڇالاءِ جو ڪنعان جي ملڪ ۾ بہ ڏڪار هو.
6۽ يوسف ملڪ جو حاڪم هو، اهوئي هو جنهن ماڻهن کي ان پئي وڪيو: سو يوسف جي ڀائرن اچي سندس اڳيان جهڪي سجدو ڪيو. 7يوسف پنهنجن ڀائرن کي ڏسي کين سڃاتو، پر پاڻ ڌارئي وانگر ساڻن کهرو ڳالهايائين؛ ۽ چيائين تہ اوهين ڪٿان ٿا اچو؟ هنن چيو تہ اسين کاڌو خريد ڪرڻ لاءِ ڪنعان جي ملڪ مان آيا آهيون. 8ائين يوسف تہ پنهنجن ڀائرن کي سڃاتو، پر هنن نہ سڃاتس، 9۽ جيڪي خواب يوسف هنن جي بابت ڏٺا هئا، سي کيس ياد آيا. پوءِ هنن کي چيائين تہ اوهين جاسوس آهيو؛ ۽ هن ملڪ جو برو حال ڏسڻ آيا آهيو. 10پر هنن چيس تہ نہ منهنجا سائين، تنهنجا ٻانها کاڌو خريد ڪرڻ آيا آهن. 11اسين سڀيئي هڪڙي ئي ماڻهوءَ جا پٽ آهيون؛ اسين سچا آهيون، تنهنجا ٻانها جاسوس نہ آهن. 12پر هن چين تہ نہ، اوهين هن ملڪ جو برو حال ڏسڻ آيا آهيو. 13تڏهن هنن چيس تہ اسين تنهنجا ٻانها، ڪنعان ملڪ جي هڪڙي ئي ماڻهوءَ جا ٻار آهيون ۽ ڏس، سڀني کان ننڍو اڄ اسان جي پيءُ وٽ آهي، ۽ هڪڙي جو پتو ڪونهي. 14پر يوسف چين تہ ڳالهہ اِها ئي آهي، جا مون اوهان کي چئي آهي، تہ اوهين جاسوس آهيو. 15هاڻي هن ريت اوهان کي آزمائبو؛ فرعون جي حياتيءَ جو قسم آهي تہ جيسين اوهان جو ننڍو ڀاءُ هتي نہ ايندو، تيسين اوهين هتان وڃي ڪين سگهندا. 16اوهين پاڻ مان هڪڙي کي موڪليو تہ اهو وڃي اوهان جي ڀاءُ کي وٺي اچي، جيسين اوهان جي ڳالهہ جي خاطري ٿئي تہ اوهين سچا آهيو يا نہ، تيسين اوهان کي بند ۾ رکبو: نہ تہ فرعون جي حياتيءَ جو قسم آهي تہ اوهين بيشڪ جاسوس آهيو. 17سو هن کين ٽن ڏينهن تائين بند ۾ گڏ رکيو. 18پوءِ ٽئين ڏينهن يوسف انهن کي چيو تہ آءٌ خدا کان ڊڄان ٿو، سو اوهين هيئن ڪريو تہ اوهان جي جان بچي پوي. 19جيڪڏهن اوهين سچا آهيو، تہ اوهان ڀائرن مان هڪڙو هن قيد خاني ۾ بند رهي؛ ۽ اوهين ٻيا ڏڪار جي لاءِ اَن کڻي پنهنجن گهرن ۾ وڃو، 20۽ پنهنجي سڀ کان ننڍي ڀاءُ کي مون وٽ وٺي اچو؛ اهڙيءَ طرح اوهان جي ڳالهہ ثابت ٿيندي، ۽ اوهان جي جان بچي پوندي. سو هنن ائين ئي ڪيو، 21۽ هو پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ سچ اسين پنهنجي ڀاءُ جي بابت ڏوهاري آهيون؛ ڇالاءِ تہ جڏهن هن اسان کي نيزاريون ٿي ڪيون، تڏهن اسان هن جي جيءَ جو ڏک ڏسي بہ سندس ڳالهہ قبول نہ ڪئي. تنهنڪري اسان تي هيءَ مصيبت آئي آهي. 22تڏهن روبن ورندي ڏيئي انهن کي چيو تہ مون اوهان کي ڪين ٿي چيو تہ هن ٻار سان ظلم نہ ڪريو، پر اوهان نہ مڃيو، تنهن ڪري ڏسو، هاڻي هن جي خون جو بدلو ورتو ٿو وڃي. 23هنن کي اها خبر ڪانہ هئي تہ سندن ڳالهہ ٻولهہ يوسف سمجهي رهيو آهي: ڇالاءِ جو سندن وچ ۾ ٻئي ماڻهوءَ ترجمو ٿي ڪيو. 24تڏهن هو پاڻ هنن کان پرڀرو وڃي روئڻ لڳو. پوءِ وري وٽن اچي، ساڻن گفتگو ڪيائين ۽ منجهانئن شمعون کي وٺي، سندن اڳيان بند ڪيائين. 25تنهن کان پوءِ يوسف حڪم ڏنو تہ هنن جي ٻورن ۾ اَن ڀريو، ۽ هر ڪنهن ماڻهوءَ جا پيسا بہ موٽائي سندن ٻوري ۾ وجهو، ۽ واٽ جي لاءِ سمر بہ ڏيون، ۽ ائين ئي ساڻن ڪيائون.
26پوءِ هو پنهنجن گڏهن تي اَن لڏي اُتان روانا ٿيا. 27۽ جڏهن انهن مان هڪڙي ڄڻي منزل تي پنهنجي گڏهہ کي داڻي ڏيڻ لاءِ پنهنجو ٻورو کوليو، تڏهن ڇا ٿو ڏسي، تہ سندس پيسا ٻوري جي منهن ۾ پيا آهن. 28تنهن تي هن پنهنجن ڀائرن کي چيو تہ منهنجا پيسا تہ مون کي موٽائي ڏنا اٿن، اِجهو منهنجي ٻوري جي منهن ۾ پيا آهن: تڏهن هنن جو هانءُ ئي هارجي ويو، ۽ ڏڪي هڪ ٻئي ڏانهن ڦري چوڻ لڳا تہ هي خدا اسان سان ڇا ڪيو آهي؟ 29پوءِ هو ڪنعان جي ملڪ ۾ پنهنجي پيءُ يعقوب وٽ آيا، ۽ جيڪي ساڻن ٿي گذريو هو، سو کيس ٻڌايائون؛ ۽ چيائون 30تہ جيڪو ماڻهو انهيءَ ملڪ جو حاڪم آهي، تنهن اسان سان کهرو ڳالهايو، ۽ اسان کي انهيءَ ملڪ جا جاسوس ڪري سمجهيائين. 31اسان هن کي چيو تہ اسين سچا ماڻهو آهيون، اسين جاسوس نہ آهيون: 32اسين ٻارهن ڀائر هڪڙي پيءُ جا پٽ آهيون؛ هڪڙي جو پتو ڪونهي، باقي سڀني کان ننڍو اڄ ڪنعان جي ملڪ ۾ اسان جي پيءُ وٽ آهي. 33تڏهن انهيءَ ملڪ جي حاڪم اسان کي چيو تہ هن ريت مون کي خبر پوندي تہ اوهين سچا آهيو؛ جو اوهان ڀائرن مان هڪڙي کي مون وٽ ڇڏي، باقي ٻيا ڏڪار جي لاءِ اَن کڻي پنهنجن گهرن ڏانهن وڃو: 34۽ پنهنجي سڀ کان ننڍي ڀاءُ کي مون وٽ وٺي اچو: پوءِ آءٌ سمجهندس تہ اوهين جاسوس نہ آهيو، پر سچا ماڻهو آهيو: تنهن کان پوءِ اوهان جو ڀاءُ اوهان کي موٽائي ڏيندس، ۽ پوءِ اوهين ڀلي هن ملڪ ۾ واپار ڪجو.
35۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن پنهنجا ٻورا خالي ٿي ڪيا، تڏهن ڇا ڏسن تہ هر ڪنهن جي پيسن جي ڳنڍڙي سندس ٻوري ۾ پئي آهي: ۽ جڏهن هنن ۽ سندن پيءُ پيسن جون ڳنڍڙيون ڏٺيون، تڏهن ڊپ وٺي وين. 36پوءِ سندن پيءُ يعقوب چين تہ اوهان مون کي بي اولاد ڪيو آهي: يوسف جو پتو ڪونهي، شمعون بہ آهي ڪونہ، ۽ هاڻي بنيمين کي بہ وٺي ويندا: اهي سڀ ڳالهيون منهنجي برخلاف آهن. 37تڏهن روبن پنهنجي پيءُ کي چيو تہ جيڪڏهن آءٌ هن کي موٽائي تو وٽ نہ آڻيان تہ تون منهنجا ٻئي پٽ ماري ڇڏج: هن کي منهنجي حوالي ڪر، ۽ آءٌ کيس موٽائي تو وٽ آڻيندس. 38پر هن چيو تہ منهنجو پٽ اوهان سان نہ ويندو؛ هن جو ڀاءُ مري ويو آهي، ۽ هو اڪيلو رهجي ويو آهي: ۽ رستي ۾ هن جي مٿان ڪا آفت اچي پيئي، تہ پوءِ اوهين منهنجن اڇن وارن کي ڏک سهندي قبر ۾ موڪليندا.

Currently Selected:

پيدائش 42: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in