YouVersion Logo
Search Icon

پيدائش 40

40
1انهن ڳالهين کان پوءِ هيئن ٿيو جو مصر جي بادشاهہ جي ساقيءَ ۽ بورچيءَ پنهنجي مالڪ مصر جي بادشاهہ جو ڪو ڏوهہ ڪيو. 2تنهنڪري فرعون پنهنجن ٻنهي عملدارن تي ڏاڍو ڪاوڙيو، جن مان هڪڙو سردار ساقي ۽ ٻيو سردار بورچي هو. 3پوءِ هن کين نگهبانيءَ جي لاءِ پهريدار سپاهين جي ڪپتان جي گهر ۾، انهي ساڳئي قيد خاني ۾ کڻي وڌو، جتي يوسف بند ٿيل هو. 4۽ پهريدارن جي ڪپتان انهن کي يوسف جي حوالي ڪيو، جو کين سنڀاليندو رهيو: ۽ انهن ڪيترائي ڏينهن قيد ۾ گذاريا. 5پوءِ مصر جي بادشاهہ جي ساقيءَ ۽ بورچيءَ، جي ٻئي قيد ۾ بند هئا، تن ٻنهي ساڳيءَ رات پنهنجي پنهنجي منهن خواب لڌو، جنهن جي تعبير ڌار ڌار هئي. 6۽ صبح جو جڏهن يوسف وٽن آيو، ۽ انهن ڏانهن نهاريائين، تڏهن اهي غمگين نظر آيس. 7تڏهن هو فرعون جي انهن عملدارن کان پڇڻ لڳو، جي ساڻس گڏ، سندس مالڪ جي گهر ۾ بند هئا، ۽ چيائين تہ اوهين اڄ اهڙا غمگين ڇو ٿا ڏسجو؟ 8تنهن تي انهن چيس تہ اسان هڪڙو خواب لڌو آهي، ۽ اهڙو ڪو ڪونهي، جو انهيءَ جي تعبير ڪري سگهي. تڏهن يوسف چين تہ تعبير ڪرڻ خدا جي هٿ ۾ نہ آهي ڇا؟ ڀلائي ڪري اِهو مون کي ٻڌايو. 9تڏهن سردار ساقيءَ پنهنجو خواب يوسف کي ٻڌايو، ۽ چيائينس تہ ڏس مون پنهنجي خواب ۾ ڏٺو تہ هڪڙي ڊاک جي ول منهنجي سامهون آهي: 10۽ انهيءَ ڊاک جي ول ۾ ٽي ٽاريون هيون: ۽ ائين ٿي ڏسڻ ۾ آيو تہ ڄڻ انهيءَ ٻور ڪيو ۽ منجهس گل بہ نڪتا؛ ۽ انهيءَ جي ڇڳن ۾ پڪل ڊاک بہ نڪتي: 11۽ فرعون جو پيالو منهنجي هٿ ۾ هو؛ پوءِ مون ڊاک کڻي فرعون جي پيالي ۾ نچوڙي وڌي ۽ اهو پيالو فرعون جي هٿ ۾ ڏنم. 12تڏهن يوسف هن کي چيو تہ انهيءَ جي تعبير هن ريت آهي: اهي ٽي ٽاريون ٽي ڏينهن آهن؛ 13ٽن ڏينهن جي اندر فرعون توکي سرفراز ڪندو، ۽ تنهنجو عهدو توکي موٽائي ڏيندو: ۽ جڏهن تون سندس ساقي هئين، تڏهن جيئن ڪندو هئين، تيئن وري بہ فرعون جو پيالو سندس هٿ ۾ ڏيندين. 14پر جڏهن تنهنجي مراد پوري ٿئي، تڏهن ڀلائي ڪري منهنجي يادگيري ڪج، ۽ مهرباني ڪري فرعون وٽ منهنجو ذڪر ڪج ۽ مون کي هن گهر مان ٻاهر ڪڍج: 15ڇالاءِ جو سچ ڪري پڇين تہ مون کي عبرانين جي ملڪ مان چورائي کڻي آيا هئا: ۽ هتي بہ هن قيد خاني ۾ پوڻ جهڙو ڪوبہ ڪم مون ڪونہ ڪيو آهي.
16جڏهن سردار بورچيءَ ڏٺو تہ اها تعبير چڱي آهي، تڏهن يوسف کي چيائين تہ مون بہ خواب لڌو آهي ۽ ڏس، مانين جون ٽي ٽوڪريون منهنجي مٿي تي آهن: 17۽ سڀ کان مٿينءَ ٽوڪريءَ ۾ فرعون جي لاءِ هر قسم جا پڪل طعام هئا، ۽ پکين منهنجي مٿي تان انهيءَ ٽوڪريءَ مان پي کاڌو. 18تڏهن يوسف ورندي ڏيئي چيس، تہ انهيءَ جي تعبير هن ريت آهي: اهي ٽي ٽوڪريون ٽي ڏينهن آهن؛ 19ٽن ڏينهن جي اندر فرعون تنهنجي سسي لهرائي توکي وڻ تي لٽڪائي ڇڏيندو؛ ۽ پکي تنهنجو ماس تو مان ڇني کائيندا.
20۽ هيئن ٿيو جو ٽئين ڏينهن، جڏهن فرعون جي جنم جو ڏينهن آيو، تڏهن هن پنهنجن سڀني نوڪرن جي مهماني ڪئي: ۽ پنهنجن نوڪرن مان سردار ساقيءَ ۽ سردار بورچيءَ کي بہ ياد ڪيائين. 21۽ سردار ساقيءَ کي وري سندس عهدي تي مقرر ڪيائين؛ ۽ هو وري فرعون جي هٿ ۾ پيالو ڏيڻ لڳو: 22پر سردار بورچيءَ کي ڦاسيءَ تي چاڙهيائين، جيئن ڪ يوسف هنن کي تعبير ڪري ٻڌايو هو. 23انهيءَ هوندي بہ سردار ساقيءَ يوسف جي يادگيري ڪانہ ڪئي، پر وساري ڇڏيائينس.

Currently Selected:

پيدائش 40: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in