پيدائش 38
38
1۽ انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو، جو يهوداہ پنهنجن ڀائرن کان ڌار ٿي، حيرہ نالي هڪڙي ادولام جي رهندڙ زال وٽ ويو. 2اُتي هن هڪڙي ڪنعانيءَ جي ڌيءَ ڏٺي، جنهن جو نالو سوع هو. ۽ هن انهيءَ سان شادي ڪئي، ۽ ساڻس ستو. 3۽ هوءَ حاملہ ٿي ۽ پٽ ڄايس؛ جنهن جو نالو عير رکيائين. 4۽ هوءَ وري بہ حاملہ ٿي ۽ پٽ ڄايس: ۽ انهي جو نالو اونان رکيائين. 5۽ هن کي وري بہ هڪڙو پٽ ڄائو، جنهن جو نالو سيلہ رکيائين. جڏهن هو ڄائو، تڏهن يهوداہ ڪزيب ۾ رهندو هو. 6۽ يهوداہ پنهنجي وڏي پٽ عير جي شادي ڪرائي ۽ انهيءَ زال جو نالو تمر هو. 7هاڻي، يهوداہ جو وڏو پٽ عير خداوند جي نظر ۾ بدڪار هو، تنهنڪري خداوند هن کي ماري وڌو. 8تڏهن يهوداہ اونان کي چيو تہ تون پنهنجي ڀاءُ جي زال وٽ وڃ، ۽ ڏير جو فرض ادا ڪري، پنهنجي ڀاءُ جو نسل جاري ڪر. 9اُونان کي خبر هئي تہ اهو اولاد منهنجو نہ سڏبو؛ سو هيئن ٿيو تہ جڏهن هو پنهنجيءَ ڀاڄائيءَ وٽ ويندو هو، تڏهن مني زمين تي هاري ڇڏيندو هو، تہ متان هن مان سندس ڀاءُ جي لاءِ اولاد پيدا ٿئي. 10پر هن جو اهو ڪم خداوند جي نظر ۾ خراب هو، سو هن انهيءَ کي بہ ماري وڌو. 11پوءِ يهوداہ پنهنجيءَ ننهن تمر کي چيو تہ جيسين منهنجو پٽ سيلہ وڏو ٿئي، تيسين پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ بيوہ ٿي گذار؛ ڇالاءِ جو چيائين تہ متان هو بہ پنهنجن ڀائرن وانگي مري وڃي. تڏهن تمر وڃي پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ رهڻ لڳي.
12۽ ڪيتري وقت کان پوءِ سوع جي ڌيءَ، يهوداہ جي زال مري ويئي؛ ۽ جڏهن يهوداہ جو غم لٿو، تڏهن هو پنهنجي ادولامي دوست حيراہ سان گڏجي، تمنت ۾ پنهنجين رڍن جي اُن ڪترڻ وارن وٽ ويو. 13۽ ماڻهن تمر کي ٻڌايو تہ ڏس تنهنجو سهرو تمنت ۾ پنهنجين رڍن جي اُن ڪترڻ ٿو وڃي. 14تڏهن هن پنهنجي عذر جا ڪپڙا لاهي، برقعو ڍڪيو، ۽ پاڻ کي ويڙهي سيڙهي عينيم جي دروازي وٽ اچي ويٺي، جو تمنت جي رستي تي هو؛ ڇالاءِ جو هن ڏٺو تہ سيلہ وڏو ٿيو آهي، ۽ اڃا سندس شادي هن سان نہ ڪرائي اٿن. 15پوءِ جڏهن يهوداہ هن کي ڏٺو، تڏهن سمجهيائين تہ هيءَ ڪا ڪسبياڻي آهي؛ ڇو تہ هن جو منهن ڍڪيل هو. 16۽ هو واٽ تان ڦري، هن ڏانهن ويو ۽ چيائينس تہ مون کي پاڻ وٽ اچڻ ڏي؛ ڇالاءِ جو هن کي اها خبر ڪانہ هئي، تہ هيءَ سندس ننهن آهي. تڏهن هن چيو تہ مون وٽ اچڻ لاءِ مون کي ڇا ڏيندين؟ 17هن چيو تہ آءٌ تولاءِ ڌڻ مان هڪڙو ڇيلو موڪليندس. تنهن تي هن چيس تہ جيسين اهو موڪلين، تيسين ڪا سوٿي ڏيئي وڃ؟ 18هن چيو تہ ڪهڙي سوٿي ڏيانءِ؟ هن چيو تہ پنهنجي منڊي، ڏوري ۽ لٺ جا هٿ ۾ اٿئي. تنهن تي هن اهي شيون کيس ڏنيون، پوءِ هو وٽس ويو، ۽ هوءَ منجهانئس حاملہ ٿي. 19پوءِ هوءَ اتان اٿي هلي ويئي ۽ برقعو لاهي پنهنجا عذر جا ڪپڙا پاتائين. 20۽ يهوداہ پنهنجي ادولامي دوست جي هٿان ڇيلو موڪليو، تہ انهيءَ زال وٽان سندس سوٿي موٽائي وٺي اچي: پر هوءَ لڌس ئي ڪانہ. 21تڏهن انهيءَ هنڌ جي ماڻهن کان پڇا ڪيائين تہ جيڪا ڪسبياڻي رستي جي ڀرسان عينيم وٽ ويٺي هئي، سا ڪٿي آهي؟ هنن چيو تہ هتي تہ ڪابہ ڪسبياڻي ڪانہ هئي. 22تڏهن هو موٽي يهوداہ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ مون کان تہ هوءَ ڪانہ لڌي، بلڪ انهيءَ هنڌ جي ماڻهن چيو تہ هتي تہ ڪابہ ڪسبياڻي ڪانہ آهي. 23تڏهن يهوداہ چيو تہ ڀلي تہ هوءَ پاڻ وٽ اهي شيون رکي، متان اسين بدنام ٿيون: ڏس، مون تہ ڇيلو موڪليو، پر توکان هوءَ ڪانہ لڌي.
24۽ هيئن ٿيو جو اٽڪل ٽن مهينن کان پوءِ ڪن ماڻهن يهوداہ کي خبر ڏني تہ سندس ننهن تمر، ڪسبياڻي وارو ڪم ڪيو آهي، بلڪ ڏس، هوءَ حرام مان حاملہ ٿي آهي. تڏهن يهوداہ چيو تہ هن کي وٺي اچو ۽ ساڙي ڇڏيوس. 25پر جڏهن هن کي وٺي آيا، تڏهن هن پنهنجي سهري ڏانهن چوائي موڪليو، تہ جنهن ماڻهوءَ جون هي شيون آهن، تنهن مان آءٌ حاملہ ٿي آهيان: ۽ چيائين تہ ڀلائي ڪري سڃاڻ تہ هيءَ منڊي، ڏوري ۽ لٺ ڪنهن جون آهن. 26۽ يهوداہ اهي شيون سڃاڻي چيو تہ هوءَ مون کان وڌيڪ راستباز آهي؛ ڇالاءِ جو مون پنهنجي پٽ سيلہ سان هن جي شادي نہ ڪرائي. ۽ انهي کان پوءِ هو وري وٽس نہ ويو.
27۽ هيئن ٿيو جو ويم جي سورن مهل ڏٺائون تہ هن جي پيٽ ۾ جاڙا ٻار آهن. 28۽ ويامڻ وقت هڪڙي ٻار جو هٿ ٻاهر نڪتو، ۽ دائيءَ هن جي هٿ تي قرمزي ڌاڳو ٻڌي ڇڏيو ۽ چيائين تہ هي پهرين ٻاهر نڪتو. 29۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن پنهنجو هٿ وري اندر ڇڪي ورتو، تہ ڏسن تہ سندس ڀاءُ نڪري آيو: تنهن تي دائيءَ چيو تہ تو ڪيئن پنهنجي لاءِ جاءِ ڪئي، تنهنڪري انهي جو نالو فارص رکيو ويو. 30تنهن کان پوءِ سندس ڀاءُ نڪتو، جنهن جي هٿ تي قرمزي ڌاڳو ٻڌل هو: ۽ انهي جو نالو زارح رکيائون.
Currently Selected:
پيدائش 38: SB62
Highlight
Share
Compare
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.