YouVersion Logo
Search Icon

پيدائش 18

18
1وري ٻنپهرن جي وقت جڏهن هو پنهنجي تنبوءَ جي در وٽ ويٺو هو، تڏهن ممريءَ جي شاہ بلوطن ۾ خداوند کيس ڏيکاري ڏني. 2۽ هن پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاريو تہ ٽي ماڻهو پنهنجي سامهون بيٺل ڏٺائين، ۽ انهن کي ڏسي، هو پنهنجي تنبوءَ جي در تان ڊوڙي کين گڏجڻ ويو، ۽ جهڪي سجدو ڪيائين، 3۽ چيائين تہ اي منهنجا سائين، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ جيڪڏهن تنهنجي مهر جي نظر مون تي ٿي آهي تہ هاڻي پنهنجي ٻانهي وٽان هليو نہ وڃ. 4آءٌ ٿورو پاڻي آڻيان ٿو، اوهين پنهنجا پير ڌوئي هن وڻ جي هيٺ آرام ڪريو: 5۽ آءٌ مانيءَ ٽڪر کڻي ٿو اچان، سو کائي آرام ڪريو، ۽ پوءِ هليا وڃجو؛ ڇالاءِ جو انهيءَ لاءِ اوهين پنهنجي ٻانهي وٽ آيا آهيو. تڏهن هنن چيس تہ جيئن چيو اٿئي، تيئن ڀلي ڪر. 6پوءِ ابرهام تڪڙو تڪڙو تنبوءَ ۾ سارہ وٽ ويو ۽ چيائينس تہ جلدي ڪري ٽي ماڻ اٽو ڳوهي مانيون پچائي وٺ. 7۽ ابرهام پاڻ ڌڻ ڏانهن ويو ۽ هڪڙو ٿلهو متارو وهڙو آڻي نوڪر کي ڏنائين، ۽ هن اهو جلد پچائي تيار ڪيو. 8پوءِ مکڻ، کير، ۽ پڪل وهڙو آڻي هنن جي اڳيان رکيائين؛ ۽ پاڻ سندن پاسي ۾ در وٽ بيهي رهيو، ۽ هنن کاڌو. 9پوءِ هنن چيس تہ تنهنجي زال سارہ ڪٿي آهي؟ هن چيو تہ اِجها تنبوءَ ۾ آهي. 10هن چيو تہ جڏهن وري هيءَ بهار جي مند ايندي، تڏهن آءٌ ضرور تو وٽ موٽي ايندس ۽ ڏس، تنهنجيءَ زال سارہ کي پٽ ڄمندو. ۽ هن جي پٺيان تنبوءَ جو در هو، اُتان سارہ هيءَ ڳالهہ ٻڌي. 11هاڻي ابرهام ۽ سارہ ٻڍا ۽ وڏيءَ عمر جا هئا؛ ۽ سارہ جي ماهواري بہ بند ٿي ويئي هئي. 12سو سارہ دل ۾ کلي چيو تہ آءٌ ٻڍي ٿي ويئي آهيان ۽ منهنجو خاوند بہ ٻڍو آهي؛ ڀلا هن کان پوءِ مون کي ڪيئن خوشي حاصل ٿيندي؟ 13تڏهن خداوند ابرهام کي چيو تہ سارہ ڇو کلي چيو تہ آءٌ جا ٻڍي آهيان، سا سچ پچ پٽ ڄڻينديس ڇا؟ 14خداوند جي لاءِ ڪابہ ڳالهہ مشڪل آهي ڇا؟ وري هيءَ ساڳي مند ايندي، تڏهن ٺهرايل وقت تي آءٌ تو وٽ موٽي ايندس، ۽ سارہ کي پٽ ڄمندو. 15تنهن تي سارہ انڪار ڪري چيو تہ مون ڪونہ کليو؛ ڇالاءِ جو هوءَ ڊڄي ويئي. پر هن چيو تہ نہ، تو برابر کليو.
16پوءِ اُهي ماڻهو اٿي کڙا ٿيا ۽ سدوم ڏانهن رخ ڪيائون ۽ ابرهام کين اُماڻڻ لاءِ رستي تائين ساڻن گڏجي ويو. 17۽ خداوند چيو تہ جيڪي آءٌ ڪريان ٿو، سو ابرهام کان لڪائيندس ڇا؟ 18ابرهام مان تہ ضرور هڪڙي وڏي ۽ زور واري قوم پيدا ٿيندي، ۽ زمين جي سڀني قومن کي هن جي وسيلي برڪت ملندي: 19ڇالاءِ جو مون کي هن جي خبر آهي تہ هو ضرور پنهنجن ٻارن کي ۽ پنهنجي خاندان کي، جو کانئس پوءِ ٿيندو، تنهن کي حڪم ڪندو تہ هو خداوند جي واٽن تي قائم رهن، انصاف ۽ عدالت ڪن؛ انهيءَ لاءِ تہ خداوند جيڪي ابرهام جي بابت چيو آهي سو پورو ڪري. 20سو خداوند چيو تہ سدوم ۽ امورہ جي دانهن وڌي ويئي آهي ۽ هنن جا گناهہ تمام گهڻا ٿيا آهن. 21تنهنڪري هاڻي آءٌ هيٺ وڃي ڏسندس تہ جيڪا دانهن مون تائين پهتي آهي، تنهن موجب هنن ڪيو آهي ڇا؟ ۽ جي نہ تہ بہ مون کي خبر پوندي.
22پوءِ اهي ماڻهو اتان ڦري سدوم ڏانهن وڃڻ لڳا، پر ابرهام اڃا خداوند جي حضور ۾ بيٺو هو، 23۽ ابرهام ويجهو اچي چيو تہ تون راستبازن کي بہ بدڪارن سان گڏ برباد ڪندين ڇا؟ 24شايد پنجاهہ راستباز ماڻهو انهيءَ شهر ۾ هجن، پوءِ بہ تون اهو شهر برباد ڪندين ۽ انهن پنجاهہ راستبازن جي ڪري، هن کي ڇڏي ڪين ڏيندين؟ 25شل توکان ائين نہ ٿئي، جو بدڪارن سان گڏ راستبازن کي بہ برباد ڪرين، ۽ راستباز بدڪارن جهڙا ليکجن. ساريءَ دنيا جو منصف انصاف ڪين ڪندو ڇا؟ 26تڏهن خداوند چيو تہ جيڪڏهن مون کي سدوم شهر ۾ پنجاهہ راستباز ماڻهو ملندا، تہ هنن جي صدقي آءٌ سڄي شهر کي ڇڏي ڏيندس. 27تڏهن ابرهام جواب ڏيئي چيو تہ هاڻي ڏس، مون خداوند سان ڳالهائڻ جي همت ڪئي آهي، جيتوڻيڪ آءٌ فقط مٽي ۽ رک آهيان: 28شايد پنجاهہ راستبازن مان پنج گهٽ ٿي پون، تہ پوءِ بہ تون انهن پنجن جي گهٽ هئڻ ڪري سڄو شهر برباد ڪندين ڇا؟ هن چيو تہ جيڪڏهن آءٌ اتي پنجيتاليهہ ڏسندس، تہ بہ انهيءَ کي برباد نہ ڪندس. 29وري بہ هن ساڻس ڳالهايو ۽ چيائين تہ شايد اتي چاليهہ لڀن. تڏهن هن چيو تہ آءٌ انهن چاليهن جي صدقي بہ ائين نہ ڪندس. 30۽ هن چيو تہ جي خداوند ڪاوڙجي نہ، تہ آءٌ چوان: شايد اتي ٽيهہ ڄڻا لڀن. ۽ هن چيو تہ جي آءٌ اتي ٽيهہ ڄڻا ڏسندس تہ بہ ائين نہ ڪندس. 31وري بہ هن چيو تہ ڏس مون خداوند سان ڳالهائڻ جي همت ڪئي آهي، شايد اتي ويهہ ڄڻا هجن. هن چيو تہ ويهن جي صدقي بہ انهي کي برباد نہ ڪندس. 32تڏهن هن چيو تہ جي خداوند ڪاوڙجي نہ، تہ آءٌ هڪڙو ڀيرو وري بہ ڳالهايان: شايد اتي ڏهہ لڀن. هن چيو تہ ڏهن جي صدقي بہ انهيءَ کي برباد نہ ڪندس. 33پوءِ جڏهن خداوند ابرهام سان ڳالهائي چڪو، تڏهن اتان روانو ٿيو ۽ ابرهام موٽي پنهنجيءَ جاءِ تي آيو.

Currently Selected:

پيدائش 18: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy