YouVersion Logo
Search Icon

حزقي ايل 34

34
1۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 2اي آدمزاد، اسرائيل جي ڌنارن جي برخلاف نبوت ڪر؛ نبوت ڪري انهن کي، يعني انهن ڌنارن کي چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ويل آهي اسرائيل جي ڌنارن سان، جي پاڻ کي چارين ٿا! ڌنارن کي ائين نہ ڪرڻ گهرجي ڇا تہ رڍن کي چارين؟ 3اوهين چرٻي کائو ٿا، ۽ اُن جا ڪپڙا ڍڪيو ٿا، ۽ ٿلها پهرو ڪهو ٿا؛ پر اوهين رڍن کي نٿا چاريو. 4ضعيفن کي اوهان زور نہ ڏياريو، نڪي بيمارن کي اوهان ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو آهي؛ نڪي ڀڳلن کي اوهان ٻڌي سڄو ڪيو، نڪي جيڪا ڪاهجي ويئي تنهن کي اوهان موٽائي آندو، نڪي جيڪا گم ٿي ويئي تنهن کي اوهان ڳولي لڌو؛ پر زور ۽ زبردستيءَ سان اوهان هنن تي حڪم هلايو آهي. 5۽ هو ٽڙي پکڙي ويون، ڇالاءِ جو ڌنار ڪونہ هو: ۽ هو جهنگ جي سڀني جانورن جو قوت ٿيون ۽ ٽڙي پکڙي ويون. 6منهنجون رڍون سڀني جبلن تي، ۽ سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ تي رلنديون رهيون: هائو، منهنجون رڍون سڄي زمين تي پکڙجي ويون؛ ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جو انهن کي ڳولي يا پٺيان پئي هٿ ڪري. 7تنهنڪري، اي ڌنار، اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو: 8خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي، تہ جڏهن منهنجون رڍون شڪار ٿي ويون ۽ منهنجون رڍون جهنگ جي سڀني جانورن جو قوت ٿي ويون، جو ڌنار ڪونہ هو، نڪي منجهن ڌنارن پنهنجون رڍون ڳوليون، پر انهن ڌنارن پنهنجو پيٽ ڀريو، ۽ منهنجين رڍن کي نہ چاريائون؛ 9تڏهن انهي ڪري، اي ڌنار، اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو. 10خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ انهن ڌنارن جي برخلاف آهيان؛ ۽ آءٌ پنهنجون رڍون انهن کان ڇڪي وٺندس، ۽ رڍن چارڻ کان انهن کي موقوف ڪندس؛ نڪي اُهي ڌنار وري اڳتي پنهنجو پيٽ ڀريندا؛ ۽ آءٌ پنهنجون رڍون هنن جي وات مان ڇڏائيندس، تہ هو انهن جو قوت نہ ٿين. 11ڇالاءِ جو خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو آءٌ پاڻ پنهنجين رڍن جي تلاش ڪندس ۽ انهن کي ڳولي لهندس. 12جيئن ڪو ڌنار انهي ڏينهن پنهنجو ڌڻ ڳولي لهي، جنهن ڏينهن هو پنهنجين رلي ويل رڍن ۾ هجي، تيئن آءٌ بہ پنهنجون رڍون ڳولي لهندس؛ ۽ جن جن جاين تي هو بادل ۽ اونداهيءَ واري ڏينهن پکڙي ويون آهن اُتان آءٌ انهن کي ڇڏائيندس. 13۽ آءٌ انهن کي قومن منجهان ڪڍندس، ۽ ملڪن مان آڻي گڏ ڪندس، ۽ انهن کي سندن ملڪ ۾ آڻيندس؛ ۽ انهن کي اسرائيل جي جبلن تي پاڻيءَ جي نهرن جي ڪنارن تي ۽ ملڪ جي سڀني آباد جاين تي چاريندس. 14آءٌ هنن کي چڱو چارو چاريندس، ۽ انهن جو واڙو اسرائيل جي مٿانهن جبلن تي ٿيندو: اُتي هو هڪڙي چڱي واڙي ۾ آرام ڪنديون ۽ اسرائيل جي جبلن تي عمدو چارو چرنديون. 15خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ آءٌ پاڻ پنهنجون رڍون چاريندس، ۽ انهن کي آرام ڏيندس. 16جيڪا گم ٿي ويئي هوندي تنهن کي ڳولي لهندس، ۽ جيڪا ڪاهجي ويئي هوندي تنهن کي ورائيندس، ۽ جنهن جو ڪو عضوو ڀڄي پيو هوندو تنهن جو اُهو عضوو ٻڌندس، ۽ جيڪا بيمار هوندي تنهن کي زور وٺائيندس: ۽ ٿلهن ۽ زور وارن کي آءٌ ناس ڪري ڇڏيندس؛ انهن کي آءٌ عدالت جي رستي چاريندس. 17باقي اي منهنجا ڌڻ، اوهان جي بابت خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ جانور ۽ جانور جي وچ ۾، توڙي گهٽن ۽ ٻڪرن جي وچ ۾ انصاف ٿو ڪريان. 18اها ڪا اوهان جي نظر ۾ هلڪي ڳالهہ آهي ڇا تہ اوهين چڱو چارو پئي چريا آهيو، ۽ جيڪي باقي بچيو سو اوهان پنهنجن پيرن سان لتاڙي خراب ڪيو؟ يا اوهان صاف پاڻي پيتو، ۽ جيڪي باقي بچيو سو اوهان پنهنجن پيرن سان لتاڙي ڪِنو ڪيو؟ 19۽ منهنجون رڍون اُهو چارو ٿيون چرن جو اوهان پنهنجن پيرن سان لتاڙيو آهي، ۽ هو اُهو پاڻي ٿيون پيئن جو اوهان پنهنجن پيرن سان ڪِنو ڪيو آهي.
20تنهنڪري خداوند خدا انهن کي هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ، ٿلهي مال ۽ ڏٻري مال جي وچ ۾ انصاف ڪندس. 21ڇالاءِ جو اوهين پنهنجي پاسي ۽ پنهنجي ڪلهي سان ڌڪيو ٿا، ۽ سڀني بيمارن کي پنهنجن سڱن سان ٿيلها ٿا ڏيو، ۽ انهن کي پري پري پکيڙي ڇڏيو اٿوَ؛ 22تنهنڪري آءٌ پنهنجي ڌڻ کي بچائيندس ۽ انهن کي اڳتي شڪار ٿيڻ نہ ڏيندس؛ ۽ آءٌ رڍن ۽ ٻڪرين جي وچ ۾ انصاف ڪندس. 23۽ آءٌ هنن تي هڪڙو ڌنار مقرر ڪندس ۽ اُهو انهن کي چاريندو، يعني پنهنجو ٻانهو دائود؛ اُهو هنن کي چاريندو ۽ اُهو هنن جو ڌنار ٿيندو. 24۽ آءٌ خداوند هن جو خدا ٿيندس، ۽ منهنجو ٻانهو دائود هنن جو بادشاهہ ٿيندو؛ مون خداوند ائين فرمايو آهي. 25۽ آءٌ هنن سان صلح جو عهد اقرار ڪندس، ۽ خراب جانورن کي انهي زمين مان موقوف ڪري ڇڏيندس: پوءِ هو سلامتيءَ سان بيابان ۾ رهندا ۽ ٻيلي ۾ سمهندا. 26۽ آءٌ انهن کي، ۽ پنهنجي ٽڪريءَ جي آس پاس وارين جاين کي، برڪت جو سبب ڪندس؛ ۽ آءٌ مندائتو مينهن وسائيندس؛ بلڪ برڪت جا وسڪارا ٿيندا. 27۽ ميدان جا وڻ پنهنجو ڦر ڏيندا، ۽ زمين پنهنجي اُپت پيدا ڪندي، ۽ هو پنهنجي ملڪ ۾ صحيح سلامت رهندا؛ ۽ تڏهن هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ هنن جي پاڃاريءَ جا گز ڀڃي ڇڏيندس، ۽ جيڪي هنن کان خدمت چاڪري وٺندا هئا تن جي هٿان هنن کي ڇڏائيندس. 28۽ هو اڳتي وري غير قومن جو شڪار نہ ٿيندا، ۽ نہ زمين جا جانور انهن کي ڳهي ويندا؛ پر هو سلامتيءَ سان رهندا ۽ ڪوبہ هنن کي نہ ڊيڄاريندو. 29آءٌ هنن جي لاءِ هڪڙو نامور ٻوٽو برپا ڪندس، ۽ هو اڳتي زمين ۾ ڏڪار ڪري نہ مرندا، ۽ نہ وري ڪڏهن غير قومن جو طعنو کڻندا. 30۽ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند، سندن خدا، ساڻن آهيان، ۽ هو، يعني اسرائيل جو گهراڻو منهنجي قوم آهي. 31۽ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ اوهين جي منهنجون رڍون، يعني منهنجي چراگاهہ جون رڍون آهيو، سي انسان آهيو، ۽ آءٌ اوهان جو خدا آهيان.

Currently Selected:

حزقي ايل 34: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in