YouVersion Logo
Search Icon

حزقي ايل 28

28
1خداوند جو ڪلام وري بہ مون تي نازل ٿيو، تہ 2اي آدمزاد، صور جي بادشاهہ کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهنجي دل مٿي چڙهي ويئي آهي، ۽ تو چيو آهي تہ آءٌ هڪڙو خدا آهيان، ۽ خدا جي جاءِ تي سمنڊ جي وچ ۾ ٿو ويهان؛ انهي هوندي بہ تون انسان آهين ۽ نہ خدا، جيتوڻيڪ تو پنهنجي دل خدا جهڙي بنائي آهي. 3ڏس تون داني ايل کان ڏاهو آهين؛ هو ڪوبہ ڳجهہ توکان لڪائي نہ سگهندا: 4پنهنجي ڏاهپ ۽ پنهنجي سمجهہ سان تو دولت هٿ ڪئي آهي، ۽ پنهنجن خزانن ۾ سون ۽ روپو موجود ڪيو اٿيئي. 5پنهنجي وڏي سياڻپ سان ۽ پنهنجي سوداگريءَ سان تو پنهنجي دولت وڌائي آهي، ۽ انهي دولت جي ڪري تنهنجي دل مٿي چڙهي وئي آهي: 6خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇالاءِ جو تو پنهنجي دل خدا جي دل جهڙي بنائي آهي؛ 7تنهنڪري ڏس آءٌ توتي ڌاريا ماڻهو آڻيندس جي قومن ۾ هيبتناڪ هوندا: ۽ اُهي تنهنجي ڏاهپ جي سونهن تي پنهنجون تراريون ڪڍندا ۽ تنهنجي رونق برباد ڪندا. 8هو توکي لاهي کڏ ۾ وجهندا؛ ۽ تون انهن جو موت مرندين، جي سمنڊ جي وچ ۾ قتل ٿين ٿا. 9پوءِ بہ تون پنهنجي قتل ڪرڻ واري جي اڳيان چوندين ڇا تہ آءٌ خدا آهيان؟ پر تون انسان آهين، نہ خدا؛ ۽ اُنهي جي هٿ ۾ آهين جو توکي زخمي ڪري ٿو. 10تون ڌارين جي هٿان اڻ طهريلن وارو موت مرندين: ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون ائين حڪم ڪيو آهي.
11وري بہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 12اي آدمزاد، صور جي بادشاهہ لاءِ مرثيو کڻ، ۽ چئينس تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تون ڪمال جو خاتم، ڏاهپ سان ڀريل، ۽ حسن ۾ ڪمال آهين. 13تون خدا جي باغ عدن ۾ هئين؛ سڀ قيمتي پٿر تو ٿي ڍڪيا، ياقوت، پکراج، هيرا، فيروزا، سليماني پٿر، يشب، نيلم، زمرد، ۽ لعل ۽ سون: تنهنجي ڍولڪن ۽ بنسرين جي ڪاريگري تو ۾ هئي؛ جنهن ڏينهن تون خلقيو ويو هئين، انهي ڏينهن اُهي بہ تيار ڪيون ويون هيون. 14تون مسح ڪيل ڪروبي هئين جو مٿان ڇانوَ ٿو ڪري: ۽ مون توکي مقرر ڪيو تہ خدا جي جبل تي رهين؛ تون باهہ جي پٿرن جي وچ ۾ گهمندو هئين. 15جنهن ڏينهن تون خلقيو ويو هئين، انهي کان وٺي تون پنهنجين راهن ۾ ڪامل هئين، جيستائين ڪ تو ۾ بدڪاري ڏٺي ويئي. 16تنهنجي واپار جي گهڻائي کان هنن تنهنجو وچ ظلم زبردستيءَ سان ڀري ڇڏيو، ۽ تو گناهہ ڪيو آهي: تنهنڪري مون توکي پليت ڄاڻي خدا جي جبل تان اُڇلائي ڇڏيو آهي، ۽ اي ڇانوَ ڏيندڙ ڪروبي، مون توکي باهہ جي پٿرن جي وچ مان ناس ڪري ڇڏيو آهي. 17تنهنجي دل تنهنجي حسن جي ڪري مٿي چڙهي ويئي، ۽ تو پنهنجي رونق سبب پنهنجي ڏاهپ خراب ڪري ڇڏي آهي: مون توکي زمين تي اُڇلائي ڇڏيو آهي، مون توکي بادشاهن جي اڳيان رکيو آهي تہ اُهي توکي ڏسن. 18پنهنجن گناهن جي گهڻائيءَ کان، پنهنجي واپار جي بڇڙائيءَ ڪري، تو پنهنجا پاڪ مڪان ناپاڪ ڪري ڇڏيا آهن؛ تنهنڪري مون تنهنجي وچ ۾ باهہ آندي آهي، جنهن توکي ڳڙڪائي ڇڏيو آهي، ۽ تنهنجي سڀني ڏسڻ وارن جي روبرو مون توکي زمين تي ساڙي رک ڪري ڇڏيو آهي. 19قومن مان جيڪي توکي سڃاڻن ٿا، سي سڀ توتي حيران ٿيندا: تون خوف جو سبب ٿي پيو آهين، ۽ تون اڳتي وري ڪڏهن بہ نہ هوندين.
20۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 21اي آدمزاد، پنهنجو رخ صيون ڏانهن ڪر ۽ انهي جي برخلاف نبوت ڪر، 22۽ چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اي صيون، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان؛ ۽ اوهان جي وچ ۾ منهنجو جلال ظاهر ڪيو ويندو: ۽ هو تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ اُن ۾ فتوائن جي تعميل ڪندس، ۽ اُن ۾ منهنجي پاڪيزگي ظاهر ٿيندي. 23ڇو جو آءٌ اُن ۾ مري موڪليندس، ۽ ان جي گهٽين ۾ رت وهندو؛ ۽ ان جي وچ ۾ سندن سڀ ڪنهن پاسي کان آيل ترار سان ڦٽيل ڪرندا؛ ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان. 24۽ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ وري ڪڏهن بہ چُڀندڙ ڪانڊيرو يا سندن چوڌاري ايذاءُ ڏيندڙ ڪنڊو ڪونہ رهندو؛ پوءِ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند خدا آهيان.
25خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جن قومن ۾ اسرائيل جو گهراڻو ڇڙوڇڙ ٿي ويو آهي، تن مان جڏهن آءٌ انهن کي گڏ ڪندس، ۽ ٻين قومن جي روبرو هو منهنجي پاڪيزگي ظاهر ڪندا، تڏهن هو انهي پنهنجي زمين ۾ رهندا، جا مون پنهنجي ٻانهي يعقوب کي ڏني هئي. 26پوءِ هو انهيءَ ۾ سلامتيءَ سان رهندا، بلڪ هو گهر جوڙيندا ۽ ڊاک جا منهہ لڳائيندا ۽ سلامتيءَ سان پيا گهمندا؛ اُهي سڀ جي هن جي چوڌاري هن تي نفرت ٿا ڪن، تن تي آءٌ فتوائن جي تعميل ڪندس؛ تڏهن هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند سندن خدا آهيان.

Currently Selected:

حزقي ايل 28: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in