حزقي ايل 13
13
1۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 2اي آدمزاد، اسرائيل جا نبي جي نبوت پيا ڪن، تن جي برخلاف تون نبوت ڪر، ۽ جيڪي پنهنجي دل مان ٺاهي نبوت ٿا تن کي چئُہ، تہ اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو؛ 3خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ انهن جي بي عقل نبين جي حال تي افسوس آهي، جي پنهنجي روح جي پيروي ٿا ڪن، ۽ ڏٺو ڪي بہ ڪين اٿن! 4اي اسرائيل تنهنجا نبي اهڙا آهن جهڙا ويران هنڌ ۾ لومڙ. 5اوهين خندقن ۾ نہ ويا آهيو، ۽ نہ اسرائيل جي گهر جي لاءِ ڀت ڏني اٿوَ، انهي لاءِ تہ خداوند جي ڏينهن جنگ ۾ بيهي سگهو. 6هنن اجايون شيون ۽ ڪوڙيون فالون ڏٺيون آهن، جو چون ٿا تہ خداوند ٿو فرمائي، ۽ خداوند هنن کي ڪونہ موڪليو آهي: ۽ هنن ماڻهن کي اهو آسرو ڏنو آهي تہ سندن ڳالهہ پوري ٿيندي. 7اوهان باطل رويا ڏٺو آهي، ۽ اوهان ڪوڙي فال ٻڌائي آهي، جو اوهين چئو ٿا تہ خداوند ٿو فرمائي، اگرچہ مون فرمايو ئي ڪونهي.
8تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان باطل ڳالهيون ڪيون آهن ۽ ڪوڙا رويا ڏٺا اٿوَ، تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي تہ ڏسو، آءٌ اوهان جي برخلاف آهيان. 9۽ منهنجو هٿ انهن نبين جي برخلاف ٿيندو جي باطل شيون ٿا ڏسن، ۽ ڪوڙيون فالون ٿا وجهن: اُهي منهنجي قوم جي جماعت ۾ شامل نہ ٿيندا، نڪي اُهي اسرائيل جي گهراڻي جي دفتر ۾ لکيا ويندا، ۽ نہ اُهي اسرائيل جي زمين ۾ داخل ٿيندا؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان. 10ڇالاءِ جو هنن منهنجي قوم کي ڀُلايو آهي، ۽ چيو اٿن تہ خير سلامتي آهي، پر خير سلامتي ڪانهي؛ ۽ جڏهن ڪو ڀِت جوڙي ٿو، تڏهن ڏسو، هو اُنهي کي اڻ گڏيل ڪچو گارو ٿا لڳائين. 11جيڪي اهو اڻ گڏيل ڪچو گارو ٿا لڳائين تن کي چئو، تہ اها ڀِت ڪِري پوندي؛ هڪڙي تمام سخت برسات پوندي ۽ وڏا وڏا ڳڙا وسندا، ۽ طوفان جهڙي واچ انهي کي ڀڃي ڇڏيندي. 12ڏسو، جڏهن اُها ڀِت ڪِرندي، تڏهن اوهان کي ائين نہ چوندا ڇا، تہ جنهن گاري سان اوهان لنبي هئي سو ڪٿي آهي؟ 13تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ ۾ انهي کي طوفان جهڙي واچ سان ڀڃي ڇڏيندس؛ ۽ منهنجي غصي ۾ هڪڙي تمام زور واري برسات ايندي، ۽ وڏا غضب جا ڳڙا انهي کي چٽ ڪري ڇڏيندا. 14انهي طرح جيڪا ڀِت اوهان اڻ گڏيل ڪچي گاري سان جوڙي آهي، تنهن کي آءٌ ڀڃي ڊاهي ڇڏيندس؛ جنهنڪري ان جو بنياد ظاهر ٿي پوندو، ۽ اُها ڪِري پوندي، ۽ انهي جي وچ ۾ اوهين مري چٽ ٿي ويندا؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان. 15انهي طرح آءٌ انهي ڀِت تي پنهنجي ڪاوڙ پوري ڪندس ۽ انهن تي بہ جن اڻ گڏيل ڪچي گاري سان اُها لنبي آهي؛ ۽ آءٌ اوهان کي چوندس تہ نہ ڀِت رهي ۽ نہ اُهي جن اُها لنبي هئي. 16يعني اسرائيل جا نبي جي يروشلم جي نسبت ۾ نبوت ڪن ٿا، ۽ ان جي خير سلامتيءَ جا رويا ڏسن ٿا، پر خير سلامتي آهي ئي ڪونہ؛ خداوند ائين ٿو فرمائي.
17اي آدمزاد، تون پنهنجي قوم جي ڌيئرن ڏانهن منهن ڪر، جي پنهنجي دل مان نبوت ٿيون ڪن؛ ۽ تون انهن جي برخلاف نبوت ڪر. 18۽ چئو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ: افسوس آهي انهن زالن تي، جي سڀني ڪراين تي تعويذ ٿيون سِبن، ۽ سڀ ڪنهن قد جي ماڻهو جي مٿي لاءِ رومال ٿيون ٺاهين، تہ روحن جو شڪار ڪن! اوهين منهنجي قوم جي روح جو شڪار ڪنديون ۽ پنهنجا روح بچائي ويٺيون هونديون ڇا؟ 19۽ اوهان جَوَن جي مٺين لاءِ، ۽ ماني جي ٽڪرن لاءِ، منهنجي قوم ۾ منهنجي بي ادبي ڪئي آهي، انهي لاءِ تہ انهن کي ماريو، جي مرڻ جا لائق ناهن؛ ۽ اُهي بچايو جي بچائڻ جا لائق نہ آهن: ۽ منهنجي قوم، جا ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌي ٿي، تنهن کي ڪوڙ ٻڌائڻ سان اوهين ائين ڪريو ٿيون. 20تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ اوهان جي تعويذن جي برخلاف آهيان، جن سان اوهين روحن سان راند ڪرڻ لاءِ انهن جو شڪار ٿيون ڪريو، ۽ اُهي آءٌ اوهانجين ٻانهن تان ڇني ڦاڙي ڇڏيندس، ۽ روحن کي ڇڏي ڏيندس، انهن روحن کي جن جو اوهين شڪار ٿيون ڪريو تہ انهن سان راند ڪريو. 21اوهان جا رومال بہ آءٌ ڦاڙي ڇڏيندس، ۽ پنهنجي قوم کي اوهان جي هٿان ڇڏائيندس، ۽ اُهي اوهان جي هٿ ۾ نہ رهندا تہ اوهين انهن جو شڪار ڪريو: ۽ اوهين ڄاڻنديون تہ آءٌ خداوند آهيان. 22ڇالاءِ جو ڪوڙ سان، جن سچارن کي مون غمگين نہ ڪيو آهي، تن جي دل کي اوهان رنج ڪيو آهي؛ ۽ شرير جي هٿن کي زور وارو ڪيو اٿوَ، تہ اُهو پنهنجي خراب رستي کان باز نہ اچي ۽ جيئرو نہ رهي. 23تنهنڪري اوهين باطل شيون وري ڪڏهن نہ ڏسنديون ۽ نہ فالون وجهي غيب گوئي ڪنديون: ۽ آءٌ پنهنجي قوم کي اوهان جي هٿان ڇڏائيندس؛ ۽ اوهين ڄاڻنديون تہ آءٌ خداوند آهيان.
Currently Selected:
حزقي ايل 13: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.