YouVersion Logo
Search Icon

خروج 37

37
1۽ بضلي ايل ٻٻر جي ڪاٺ جي صندوق جوڙي؛ انهيءَ جي ڊيگهہ اڍائي هٿ، ۽ ويڪر ڏيڍ هٿ، ۽ اوچائي بہ ڏيڍ هٿ هئي. 2۽ هن انهيءَ کي اندران ۽ ٻاهران سون جو پٽ چاڙهيو، ۽ انهيءَ جي مٿان چوڌاري سون جو ڇٽ رکيائين. 3۽ انهيءَ جي چئن ئي پاون لاءِ سون جا چار پلٽيل ڪڙا جوڙيائين، ٻہ ڪڙا هڪڙي پاسي، ۽ ٻہ ڪڙا ٻئي پاسي لاءِ. 4۽ هن ٻٻر جي ڪاٺيءَ جا ڏنڊا جوڙيا، ۽ انهن تي بہ سون جو پٽ چاڙهيائين. 5۽ اهي ڏنڊا صندوق جي کڻڻ لاءِ انهيءَ جي پاسن وارن ڪڙن ۾ وڌائين. 6۽ هن نج سون جو رحمت جو پوش جوڙيو؛ انهي جي ڊيگهہ اڍائي هٿ، ۽ ويڪر ڏيڍ هٿ هئي. 7۽ هن سون جا ٻہ ڪروبي جوڙيا؛ اهي رحمت جي پوش جي ٻنهي ڇيڙن تي گهڙيل سون جا هئا، 8هڪڙو ڪروبي هڪڙي ڇيڙي تي، ۽ ٻيو ڪروبي ٻئي ڇيڙي تي هو؛ هن ٻنهي ڇيڙن تي اهي ٻئي ڪروبي، انهي ساڳئي ٽڪر مان، رحمت جي پوش سان گڏيل جوڙيا. 9انهن ڪروبين جا پر رحمت جي پوش جي مٿان پکڙيل هئا، ۽ سندن منهن هڪ ٻئي جي سامهون، رحمت جي پوش ڏانهن هئا.
10۽ هن ٻٻر جي ڪاٺ جي ميز جوڙي؛ انهيءَ جي ڊيگهہ ٻہ هٿ، ۽ ويڪر هڪ هٿ، ۽ اوچائي ڏيڍ هٿ هئي؛ 11۽ هن انهيءَ تي نج سون جو پٽ چاڙهيو، ۽ انهيءَ جي چوڌاري سون جو ڇٽ جوڙيائين. 12۽ انهيءَ جي چوڌاري چار آڱر ويڪري ڪناري جوڙيائين، ۽ انهيءَ ڪناريءَ جي آس پاس سون جا ڇٽ جوڙيائين. 13۽ هن انهيءَ جي لاءِ سون جا چار پلٽيل ڪڙا جوڙيا، ۽ اهي ڪڙا انهيءَ جي چئن پاون جي چئن ڪنڊن ۾ وڌائين. 14اهي ڪڙا ڪناريءَ جي ويجهو، ميز جي کڻڻ لاءِ، ڏنڊن وجهڻ جي جاين واسطي هئا. 15۽ هن ميز جي کڻڻ لاءِ ٻٻر جي ڪاٺيءَ جا ڏنڊا جوڙيا، ۽ انهن تي سون جو پٽ چاڙهيائين. 16۽ هن ميز تي رکڻ لاءِ ٿانو جوڙيا، يعني انهيءَ جون رڪابيون، چمچا، وٽا، ۽ اوتڻ لاءِ پيالا، اهي سڀ نج سون جا جوڙيائين.
17۽ هن نج سون جو شمعدان جوڙيو: اهو شمعدان گهڙيل ڪم جو هو؛ ۽ انهي جو ٿُڙ، شاخون، ڏياٽيون، بونبا ۽ گل، اهي سڀ هڪڙي ئي ٽڪر مان جوڙيل هئا. 18۽ انهي جي پاسن کان ڇهہ شاخون ٻاهر نڪتل هيون، يعني شمعدان جون ٽي شاخون هڪڙي پاسي کان ٻاهر نڪتل هيون، ۽ ٽي شاخون ٻئي پاسي کان؛ 19۽ ٽي ڏياٽيون باداميءَ جي گلن جهڙيون، هڪڙي بونبي، ۽ هڪڙي گل سميت، هڪڙي شاخ ۾ هيون، ۽ ٽي ڏياٽيون باداميءَ جي گلن جهڙيون، هڪڙي بونبي، ۽ هڪڙي گل سميت، ٻي شاخ ۾ هيون: اهڙيءَ طرح شمعدان جون ڇهہ شاخون جيڪي ٻاهر نڪتل هيون تن ۾ ڏياٽيون هيون. 20۽ چار ڏياٽيون باداميءَ جي گلن جهڙيون، بونبن ۽ گلن سميت، شمعدان جي وچ ۾ جڙيل هيون: 21۽ ٻن شاخن جي هيٺان هڪڙو بونبو انهي ساڳئي ٽڪر مان جڙيل هو، ۽ ٻين ٻن شاخن جي هيٺان هڪڙو بونبو انهيءَ ساڳئي ٽڪر مان جڙيل هو، ۽ ٽين ٻن شاخن جي هيٺيان بہ هڪڙو بونبو انهي ساڳئي ٽڪر مان جڙيل هو. اهڙيءَ طرح شمعدان مان نڪتل ڇهن ئي شاخن جي هيٺان بونبا هئا. 22انهي جون شاخون، ۽ انهي جا بونبا انهي ساڳئي، هڪڙي ئي ٽڪر مان جڙيل هئا، اهي سڀيئي نج سون جي هڪڙي ئي ٽڪر مان گهڙيل هئا. 23۽ هن انهي جي لاءِ ست ڏيئا جوڙيا، ۽ انهن جي ڦلن لاهڻ جا چمٽا، ۽ رڪابيون نج سون جون جوڙيائين. 24هن اهو، ۽ انهي جا سڀ ٿانو، نج سون جي هڪڙي قنطار مان جوڙيا.
25۽ هن ٻٻر جي ڪاٺ مان لوبان ساڙڻ جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي؛ انهيءَ جي ڊيگهہ هڪڙو هٿ، ۽ ويڪر بہ هڪڙو هٿ هئي، ۽ اها چورس هئي؛ ۽ انهيءَ جي اوچائي ٻہ هٿ هئي؛ ۽ انهيءَ جا سڱ انهي ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان جڙيل هئا. 26۽ هن انهيءَ تي نج سون جو پٽ چاڙهيو، جو انهيءَ جي مٿان، ۽ چئن پاسن تي، ۽ سڱن تي هو؛ ۽ انهيءَ جي مٿان چوڌاري سون جو ڇٽ جوڙيائين. 27۽ هن انهي جي لاءِ ڇٽ جي هيٺان ٻنهي پاسي، سندس ٻن پٽين تي سون جا ٻہ ڇلا جوڙيا، تہ انهيءَ جي کڻڻ لاءِ ڏنڊن وجهڻ جون جايون ٿين. 28۽ هن ٻٻر جي ڪاٺيءَ جا ڏنڊا جوڙيا، ۽ انهن تي سون جو پٽ چاڙهيائين. 29۽ هن عطارن جي هنر موجب، مسح ڪرڻ جو پاڪ تيل ۽ خوشبودار مصالحن جو لوبان جوڙيو.

Currently Selected:

خروج 37: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in