واعظ 12
12
1پنهنجي جواني جي ڏينهن ۾ پنهنجي خالق کي ياد ڪر، نہ تہ جڏهن خراب ڏينهن ايندا، ۽ ورهيہ ويجها اچي پوندا، تڏهن تون چوندين تہ انهن مان مون کي ڪابہ خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي؛
2يا جڏهن سج، ۽ روشنائي، ۽ چنڊ، ۽ تارا، ڪارا ٿي ويندا، ۽ ڪڪر مينهن کان پوءِ موٽي ايندا:
3جنهن ڏينهن گهر جا مالڪ ڏڪندا، ۽ زور ڀريا ماڻهو ڪنڌ جهڪائيندا، ۽ پيهڻ وارا ٿورن هئڻ ڪري بس ڪندا، ۽ درين مان ٻاهر نهارڻ وارا اونداهيءَ ۾ اچي ويندا،
4۽ گهڻيئي در بند ٿي ويندا، جڏهن پيهڻ جو آواز ڍرو ٿيندو، ۽ ماڻهو پکيءَ جي ٻوليءَ تي اُٿندو، ۽ سڀ ڳائڻ واريون ڇوڪريون ضعيف ٿي وينديون؛
5هائو جيڪو مٿي آهي تنهن کان هو ڊڄنديون، ۽ رستي ۾ خوف هوندا؛ ۽ بادام جو وڻ ٻور ڪندو، مڪڙ بار ٿي پوندا، ۽ ڪرڙ ۾ ڏونئرا نہ ٿيندا: ڇالاءِ جو ماڻهو پنهنجي مدامي گهر ڏانهن هليو ويندو، ۽ ماتم ڪندڙ گهٽين ۾ هيڏي هوڏي پيا گهمندا.
6يا جڏهن چانديءَ جي ڏور ڍري ٿيندي، يا سونو پيالو ڀڄي پوندو، يا دلو چشمي تي ڀڄي پوندو، يا نار کوهہ تي ڀڄي پوندو؛
7۽ مٽي زمين ۾ موٽندي جيئن اصل هئي، ۽ روح خداوند وٽ موٽندو، جنهن ڏنو هو.
8واعظ ٿو چوي تہ اها بيهودگين جي بيهودگي آهي؛ سڀ ڪجهہ بيهودگي آهي.
9۽ وڌيڪ هي بہ تہ واعظ ڏاهو هو تنهن ڪري هن هميشہ ماڻهن کي علم سيکاريو؛ هائو، هن خيال ڪيو ۽ ڳولي ڪڍيائين، ۽ گهڻا ئي پهاڪا ترتيب وار بيهاريائين.
10واعظ ڪوشش ڪري پسنديءَ جهڙيون ڳالهيون، ۽ جيڪي سچيءَ طرح لکيل هو، يعني سچ جون ڳالهيون ڳولي لڌيون.
11ڏاهي جون ڳالهيون ٻلهين وانگر آهن، ۽ جماعتن جي اُستادن جون ڳالهيون مضبوط لڳل ڪلين جهڙيون آهن، جي هڪڙي ڌنار جون ڏنل آهن.
12۽ ٻيو هي بہ تہ اي منهنجا پٽ، نصيحت وٺ: گهڻن ڪتابن لکڻ جي حد ئي ڪانهي: ۽ گهڻو پڙهڻ ماڻهوءَ کي ٿڪايو ڇڏي.
13ڳالهہ جي پڇاڙي اها آهي: سڀ مقرر ٿي ويو آهي: خدا کان ڊڄ، ۽ انجا حڪم مڃ، ڇالاءِ جو انسان جو سمورو فرض اهو آهي.
14ڇالاءِ جو خدا سڀڪو ڪم، سڀ ڪنهن چڱي يا بڇڙي لڪل ڳالهہ سان گڏ عدالت ۾ آڻيندو.
Currently Selected:
واعظ 12: SB62
Highlight
Share
Copy

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.