YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 3

3
1هاڻي پطرس ۽ يوحنا گڏجي ٽئين پهر جي نماز جي مهل هيڪل ڏانهن پئي ويا. 2۽ هڪڙو ماڻهو جو ڄائي ڄم کان منڊو هو، تنهن کي ڏهاڙي هيڪل جي اندر در وٽ، جو سهڻو ڪري سڏبو هو، آڻي رکندا هئا؛ انهي لاءِ تہ جيڪي هيڪل ۾ اچن، تن کان خيرات گهُري. 3تنهن پطرس ۽ يوحنا کي هيڪل ۾ گهڙندو ڏسي کانئن خيرات گهُري. 4۽ پطرس توڙي يوحنا اکيون کُپائي چيس، تہ اسان ڏانهن نهار. 5سو هن ڏانهن نهاريو، انهيءَ اُميد تي تہ هو مون کي ڪي ڏيندا. 6پر پطرس چيس تہ رپو ۽ سون تہ مون وٽ ڪونهي؛ پر جيڪي اٿم سو توکي ڏيان ٿو. يسوع مسيح ناصريءَ جي نالي اُٿي گهُم ڦر. 7۽ کيس ساڄي هٿ کان وٺي اُٿاريائين، تہ اتي جو اتي سندس پيرن ۽ مُرين ۾ طاقت اچي ويئي. 8پوءِ هو ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺو ۽ هلڻ لڳو، ۽ ساڻن گڏ هلندو، ۽ ٽپندو، ۽ خدا جي تعريف ڪندو هيڪل ۾ ويو. 9۽ سڀني ماڻهن هن کي پنڌ ڪندو ۽ خدا جي تعريف ڪندو ڏٺو: 10۽ سڃاتائونس تہ هي اُهو ئي آهي جو هيڪل جي سهڻي در وٽ ويهي پنندو هو: ۽ جيڪي مٿس ٿي گذريو هو، تنهن تي ڏاڍو عجب لڳن ۽ حيران ٿي ويا.
11۽ اڃا هو پطرس ۽ يوحنا کي جهليو بيٺو هو، تہ سڀيئي ماڻهو ڏاڍي عجب ۾ پئجي انهي ورانڊي ۾ اچي گڏ ٿيا، جنهن کي سليماني ڪري سڏيندا آهن. 12جڏهن پطرس اهو حال ڏٺو، تڏهن ماڻهن کي ورندي ڏيئي چيائين، تہ اي اسرائيليو، هن ماڻهوءَ تي عجب ڇو ٿو لڳيوَ؟ يا اسان ۾ اکيون پائي ڇو بيٺا آهيو، ڄڻ تہ اسان پنهنجيءَ قدرت ۽ دينداريءَ ڪري هن کي هلڻ جي طاقت ڏني آهي؟ 13ابراهيم، ۽ اسحاق ۽ يعقوب جي خدا، اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا، پنهنجي بندي يسوع کي جلال بخشيو، جنهن کي اوهان جهلايو، ۽ جڏهن پلاطس هن کي ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن سندس اڳيان انڪاري ٿيا. 14۽ اوهان انهي پاڪ ۽ راستباز جو انڪار ڪري، هڪڙي خونيءَ جي لاءِ عرض ڪيو تہ اسان لاءِ ڇڏيو وڃي، 15۽ زندگيءَ جي مالڪ کي ماريوَ، جنهن کي خدا مُئلن مان جياريو. ۽ انهيءَ ڳالهہ جا اسين شاهد آهيون. 16سو انهي نالي ڪري ۽ انهي جي نالي تي ايمان رکڻ جي ڪري، هي ماڻهو جنهن کي اوهين ڏسو ۽ سڃاڻو ٿا، سَگهو ٿيو آهي: هائو، سندس ايمان جو هن تي آهي، تنهن جي ئي ڪري اوهان سڀني جي اڳيان هو بلڪل چڱو ڀلو ٿيو آهي. 17۽ هاڻي اي ڀائرو، آئون سمجهان ٿو تہ اوهان جو هي ڪيو، سو اڻ ڄاڻائيءَ جي ڪري؛ ۽ اوهان جي حاڪمن بہ ائين ئي ڪيو. 18پر جي ڳالهيون خدا پنهنجن سڀني نبين جي واتان اڳيئي ڏيکاريون هيون، تہ سندس مسيح ڏک سهندو، سي انهيءَ طرح پوريون ڪيائين. 19تنهنڪري اوهين توبهہ ڪريو، ۽ ڦري اچو، تہ اوهان جا گناهہ ميٽجي وڃن، ۽ انهي طرح خداوند جي حضور مان تازگيءَ جا ڏينهن اچن؛ 20تہ هو، مسيح يعني يسوع کي موڪلي، جو اوهان جي لاءِ مقرر ٿيل آهي. 21هو تيستائين ضرور آسمان ۾ رهندو، جيستائين ڪ سڀني ڳالهين جي بحال ٿيڻ جا ڏينهن اچن، جن بابت خدا پنهنجي پاڪ نبين جي واتان دنيا جي شروع کان وٺي چيو هو. 22جيئن موسيٰ چيو تہ ”خداوند خدا اوهان لاءِ اوهان جي ڀائرن مان مون جهڙو هڪڙو نبي کڙو ڪندو؛ اهو جيڪي بہ ڳالهيون اوهان کي ٻُڌائي، سي سڀ ٻُڌجو. 23۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو بہ ماڻهو انهيءَ نبيءَ جي ڳالهہ نہ ٻُڌندو، سو اُمت مان بلڪل برباد ٿي ويندو.“ 24هائو، ۽ سڀ نبي، سموئيل کان وٺي جيڪي بہ کانئس پوءِ ٿيا، تن مان جن جن نبوت ڪئي، تن سڀني بہ هنن ڏينهن جو ذڪر ڪيو آهي. 25اوهين نبين جو اولاد آهيو، ۽ انهي عهد جا شريڪ آهيو، جو خدا اوهان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو، جڏهن ڪ ابراهيم کي چيائين تہ ”تنهنجي نسل جي ڪري زمين جي سڀني قبيلن کي برڪت ملندي.“ 26سو پهريائين خدا پنهنجو بندو کڙو ڪري اوهان ڏانهن موڪليو، تہ اوهان مان هر ڪنهن کي سندس براين کان ڦيري برڪت ڏئي.

Currently Selected:

رسولن جا ڪم 3: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy