YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 1

1
1جنهن ڏينهن يسوع پنهنجي چونڊيلن رسولن کي پاڪ روح جي معرفت حڪم ڏيئي مٿي کڄي ويو، 2تنهن ڏينهن تائين، اي ٿيوفلس، جيڪي ڪي هو ڪندو رهيو، توڙي سيکاريندو رهيو، سو سڀ ڪجهہ مون پنهنجي اڳوڻي ڪتاب ۾ قلمبند ڪيو آهي. 3۽ هن کين پنهنجي ڏک سهڻ کان پوءِ ڪيترين ئي ثابتين سان پاڻ کي جيئرو ڏيکاريو، جيئن تہ چاليهن ڏينهن تائين هنن کي پاڻ ڏيکاريندو رهيو، ۽ خدا جي بادشاهت جون ڳالهيون ڪندو رهيو: 4۽ ساڻن گڏجي کين تاڪيد ڪيائين تہ يروشلم کان ٻاهر نہ وڃجو پر ابي جو واعدو، جيڪو اوهان مون کان ٻُڌو، تنهن جو انتظار ڪجو: 5ڇالاءِ جو يوحنا تہ پاڻيءَ سان بپتسما ڏني؛ پر اوهان کي ٿورن ئي ڏينهن کانپوءِ پاڪ روح سان بپتسما ملندي.
6سو جڏهن هو اچي گڏ ٿيا، تڏهن کانئس پڇيائون، تہ اي خداوند، تون هينئر ئي اسرائيل جي بادشاهت کي وري قائم ڪندين ڇا؟ 7تڏهن چيائين تہ وقت ۽ معيادون، جي ابي پنهنجي وس رکيون آهن، تن کي ڄاڻڻ اوهان جو ڪم ناهي. 8پر جڏهن پاڪ روح اوهان تي نازل ٿيندو، تڏهن اوهان کي طاقت ملندي: ۽ اوهين يروشلم ۾ توڙي سڄي يهوديہ ۽ سامريہ، بلڪ زمين جي حدن تائين منهنجا شاهد ٿيندا. 9۽ اڃا ايترو چيائين، ۽ هنن بيٺي نهاريو، تہ هو مٿي کڄي ويو؛ ۽ هڪڙي ڪڪر جي ڪري سندن نظر کان غائب ٿي ويو. 10۽ جيئن هو کڄي ويو ۽ هنن چتائي آسمان ڏانهن پئي نهاريو، تيئن اوچتو ئي ٻہ ماڻهو اڇن وڳن ۾، سندن پاسي ۾ اچي بيهي رهيا؛ 11۽ چيائون تہ اي گليليو، اوهين آسمان ڏانهن ڇو بيٺا نهاريو؟ اِهو يسوع، جو اوهان وٽان آسمان ۾ چاڙهيو ويو آهي، سو جيئن اوهان هن کي آسمان ڏانهن ويندو ڏٺو، تيئن وري بہ اوهان وٽ ايندو.
12تڏهن هو زيتون نالي ٽڪر، جو يروشلم جي ويجهو آهي ۽ هڪ سبت جي ڏينهن جيترو پنڌ آهي، تنهن تان موٽي يروشلم ۾ آيا. 13۽ جڏهن اتي پهتا، تڏهن اُنهيءَ ماڙيءَ تي چڙهي ويا، جتي پطرس، ۽ يوحنا، ۽ يعقوب، ۽ اندرياس، ۽ فلپس، ۽ توما، ۽ برتلمئي، ۽ متي، ۽ حلفي جو پٽ يعقوب، ۽ شمعون زلوتيس، ۽ يعقوب جو پٽ يهودا، اهي سڀيئي رهندا هئا. 14اِهي مڙيئي، ۽ جيڪي زالون اُتي هيون، ۽ يسوع جي ماءُ مريم، ۽ سندس ڀائر، هڪ دل ٿي عبادت ڪرڻ ۽ دعا گهُرڻ ۾ مشغول رهندا هئا.
15۽ اُنهن ڏينهن ۾ جڏهن اٽڪل هڪ سؤ ويهہ ڄڻا اُتي اچي گڏ ٿيا هئا، تڏهن پطرس سڀني ڀائرن جي وچ ۾ اُٿي بيٺو، ۽ چوڻ لڳو تہ اي ڀائرو، 16پاڪ لکيت جو بيان پورو ٿيڻو هو، جو پاڪ روح اڳيئي دائود جي واتان، يهوداهہ جي بابت چيو هو جو يسوع جي جهلڻ وارن جو سونهون ٿيو: 17ڇالاءِ جو هو اسان مان ئي هڪڙو ليکبو هو، ۽ هن خدمت جي ڪم ۾ حصو هوس. 18(هاڻي اِنهي ماڻهوءَ، پنهنجي گناهہ جي اُجوري مان وڃي هڪڙي ٻني خريد ڪئي؛ ۽ اونڌو ٿي ڪِري پيو، ۽ پيٽ ڦاٽي پيس ۽ سڀ آنڊا نڪري آيس، 19۽ هن ڳالهہ جي يروشلم جي سڀني رهاڪن کي خبر آهي. ايتري قدر جو انهيءَ ٻنيءَ جو نالو سندن ٻوليءَ ۾ اڪيلداما پئجي ويو، يعني خون جي ٻني.) 20ڇالاءِ جو زبور جي ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ ”سندس رهڻ جي جاءِ ويران ٿي پوي ۽ اتي ڪوبہ ڪونہ رهي: ۽ سندس عهدو ٻئي ڪنهن کي ملي.“ 21تنهنڪري جيڪو وقت خداوند يسوع اسان وٽ ايندو ويندو هو، تنهن وقت ۾ جيڪي ماڻهو اسان سان گڏ گذاريندا هئا، 22يعني يوحنا جي بپتسما کان وٺي، انهي ڏينهن تائين جڏهن ڪ هو اسان وٽان مٿي چڙهي ويو، تن مان هڪڙو ضرور يسوع جي وري جي اُٿڻ جو شاهد رهي. 23۽ هنن ٻن ڄڻن کي کڙو ڪيو، هڪڙو يوسف، جنهن کي برسبا سڏيندا هئا، جنهن جو لقب يوسطس هو؛ ۽ ٻيو متياهہ. 24پوءِ هنن دعا گهُري چيو، تہ اي خداوند، تون جو دلين جو ڄاڻڻ وارو آهين، سو تون ٻُڌاءِ تہ هنن ٻن مان تو ڪنهن کي چونڊيو آهي، 25انهيءَ لاءِ تہ اهو هن خدمت ۽ رسالت ۾ اُها جاءِ وٺي، جنهن تان يهوداهہ خارج ٿيو، ۽ پنهنجي جاءِ ڏانهن هليو ويو. 26پوءِ انهن جي لاءِ پُکا وڌائون؛ ۽ پُکو متياهہ جي نالي نڪتو؛ تڏهن اهو انهن يارهن رسولن ۾ شامل ٿيو.

Currently Selected:

رسولن جا ڪم 1: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy