3 - يوحنا 1
1
1هن بزرگ جي طرفان پياري گايس ڏانهن، جنهن کي آئون دل و جان سان پيار ٿو ڪريان.
2اي پيارا، آئون دعا ٿو گهُران تہ تو سان هميشہ خير هجي ۽ تون تندرست رهين: آئون ڄاڻان ٿو تہ روح ۾ تون خوش آهين. 3ڇالاءِ تہ جنهن سچائيءَ جي تون پيروي پيو ڪرين، تنهن جي شاهدي، جڏهن ڀائرن اچي ڏني، تڏهن مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. 4منهنجي لاءِ انهي کان وڌيڪ ٻي خوشي ڪانهي تہ آئون پنهنجن ٻارن بابت ٻُڌان تہ اهي سچ جي پيروي پيا ڪن.
5اي پيارا، جيڪي ڀائر تو وٽ مسافر طور ٿا اچن، تن کي جيتوڻيڪ تون سڃاڻين ڪونہ، تہ بہ جيڪي تون ڪرين ٿو سو ايمان جو ڪم آهي. 6انهن ڪليسيا جي اڳيان تنهنجي پيار جي شاهدي ڏني آهي. تون اُنهن کي اهڙيءَ طرح سفر تي روانو ڪر، جهڙيءَ طرح خدا جي خدمت جي لائق آهي. 7ڇالاءِ جو هو انهي جي نالي جي واسطي نڪري پيا ۽ غير قومن کان ڪي بہ ڪين ورتائون. 8تنهنڪري اسان کي گهرجي تہ اهڙن جون گهُرجون پوريون ڪريون، تہ سچائيءَ ۾ سندن هم خدمت ٿيون.
9مون ڪليسيا ڏانهن ڪي ڪجهہ لکيو هو؛ پر دياترفيس، جو هنن ۾ وڏو ٿيڻ ٿو گهُري، سو اسان کي قبول نٿو ڪري. 10تنهنڪري جي آئون آيس تہ جيڪي ڪم هو ڪري ٿو، سي اچي ظاهر ڪندس، تہ ڪيئن هو اسان جي برخلاف خراب ڳالهيون ٿو بڪي. ۽ ايتري تي بہ راضي نہ آهي پر پاڻ ڀائرن کي قبول نٿو ڪري، ۽ جيڪي قبول ڪرڻ گهُرن ٿا تن کي بہ منع ٿو ڪري، ۽ ڪليسيا مان ڪڍيو ڇڏي. 11اي پيارا، برائيءَ جي پيروي نہ ڪر، پر چڱائي ڪر. جيڪو نيڪي ٿو ڪري، سو خدا مان آهي؛ جيڪو بدي ٿو ڪري، تنهن خدا کي ڏٺو ئي ڪينهي. 12دميتريس بابت سڀيئي ماڻهو ۽ خود حق بہ شاهدي ٿو ڏئي، بلڪ آئون بہ شاهدي ٿو ڏيان، ۽ تون ڄاڻين ٿو تہ منهنجي شاهدي سچي آهي.
13مون کي گهڻيون ئي ڳالهيون تو ڏانهن لکڻيون هيون، پر مَس ۽ قلم سان اهي لکڻ نٿو گهُران: 14پر اُميد اٿم تہ سگهو ئي اچي توکي گڏبس ۽ پاڻ ۾ روبرو ڳالهيون ڪنداسين. 15شل توکي اطمينان حاصل ٿيندو رهي. دوست توکي سلام ٿا ڏين. دوستن کي نالي وار سلام ڏج.
Currently Selected:
3 - يوحنا 1: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: