2 - يوحنا 1
1
1هن بزرگ جي طرفان اُنهيءَ چونڊيل بيگم ۽ سندس ٻارن ڏانهن، جن کي آئون سچو پيار ٿو ڪريان؛ نہ رڳو آئون پر اُهي سڀ بہ جي سچ کي سڃاڻن ٿا؛ 2اُنهي سچ جي ڪري جو اسان ۾ رهي ٿو، ۽ جو هميشہ اسان سان رهندو. 3خدا پيءُ کان، ۽ پيءُ جي فرزند يسوع مسيح کان، فضل ۽ رحم ۽ اطمينان، سچائيءَ ۽ پيار ۾ اسان سان رهندو. 4آئون ڏاڍو خوش ٿيس جو جيئن اسان کي پيءُ کان حڪم مليو تيئن ئي مون تنهنجن ٻارن مان ڪن کي حق تي هلندو ڏٺو آهي. 5۽ هاڻي آئون توکي هڪڙو عرض ٿو ڪريان. آئون ڪو نئون حڪم ڪونہ ٿو لکان، پر اُهو پراڻو ئي حڪم جيڪو اسان کي شروعات ۾ مليو هو، تہ اسين هڪٻئي کي پيار ڪريون. 6۽ پيار هي آهي تہ خدا جي حڪمن تي هلون. هي اهو حڪم آهي، جو اوهان شروعات کان وٺي ٻُڌو، ۽ اوهان کي انهي تي هلڻ گهرجي. 7ڇالاءِ جو گهڻيئي گمراهہ ڪندڙ دنيا ۾ نڪري پيا آهن، جي هن ڳالهہ کي نٿا مڃين تہ يسوع مسيح مجسم ٿيو. اهو ئي گمراهہ ڪندڙ ۽ مسيح جو مخالف آهي. 8پنهنجي سنڀال ڪريو تہ جيڪي ڪم اسان ڪيا آهن سي اجايا نہ ٿي وڃن، پر اوهين پورو انعام حاصل ڪريو. 9جيڪو حد کان ٻاهر ٿو وڃي، ۽ مسيح جي تعليم تي قائم نٿو رهي، تنهن وٽ خدا موجود نہ آهي: جيڪو تعليم تي قائم ٿو رهي، تنهن وٽ پيءُ بہ موجود آهي ۽ فرزند بہ. 10جيڪڏهن ڪوبہ اوهان وٽ اچي اها تعليم نہ ڏئي، تہ انهي کي پنهنجي گهر ۾ اچڻ نہ ڏيو ۽ نڪي سلام ڪريوس؛ 11ڇالاءِ جو جيڪو انهي کي سلام ڪري ٿو، سو هن جي خراب ڪمن ۾ شريڪ ٿو ٿئي.
12مون کي اوهان ڏانهن گهڻيون ئي ڳالهيون لکڻيون آهن، پر اُهي ڪاغذ ۽ مَس سان لکڻ ڪونہ ٿو گهُران: مگر اُميد اٿم تہ اوهان وٽ ايندس ۽ روبرو ڳالهيون ڪندس، تہ اوهان جي خوشي پوري ٿئي. 13تنهنجي برگزيدہ ڀيڻ جا ٻار توکي سلام ٿا ڏين.
Currently Selected:
2 - يوحنا 1: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: