يهوداهہ 1
1
1يهوداهہ، جو يسوع مسيح جو غلام ۽ يعقوب جو ڀاءُ آهي، تنهن جي طرفان انهن ڏانهن جيڪي سڏيل، ۽ خدا پيءُ جا پيارا، ۽ يسوع مسيح لاءِ حفاظت ۾ رکيل آهن، 2شل رحم ۽ اطمينان ۽ پيار اوهان جي لاءِ وڌندو وڃي.
3اي پيارو، جڏهن مون اوهان ڏانهن اُنهيءَ نجات بابت لکڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ اسين سڀيئي شريڪ آهيون، تڏهن مون ضروري سمجهيو تہ اوهان کي اها نصيحت ڪريان تہ جيڪو ايمان هڪ ئي ڀيري پاڪ ٿيلن کي سونپيو ويو، تنهن جي لاءِ ڏاڍي جانفشاني ڪريو. 4ڇالاءِ جو ڪي ماڻهو آهن جي لڪي ڇپي گهڙي آيا آهن، يعني اُهي جي قديم زماني کان هن سزا جي لاءِ مقرر ڪيا ويا هئا، ۽ اُهي بي دين ماڻهو آهن، جي اسان جي خدا جو فضل ڦيرائي شهوت پرستي ٿا ڪن، ۽ اسان جي هڪڙي ئي مالڪ ۽ خداوند يسوع مسيح جو انڪار ٿا ڪن.
5هاڻي جيتوڻيڪ اوهان کي اڳيئي سڀني ڳالهين جي سُڌ آهي، تہ بہ اوهان کي ياد ڏيارڻ ٿو گهُران، تہ خداوند هڪڙيءَ اُمت کي مصر جي ملڪ مان صحيح سلامت ڪڍڻ کانپوءِ، جن ايمان نہ آندو، تن کي برباد ڪري ڇڏيو. 6۽ جن ملائڪن پنهنجو درجو قائم نہ رکيو، پر پنهنجي خاص جاءِ ڇڏي ڏني، تن کي هن هميشہ جي قيد ۾ عظيم ڏينهن واري عدالت تائين اوندهہ منجهہ رکيو آهي. 7جهڙيءَ طرح ڪ سدوم ۽ عموراہ ۽ اُنهن جي آس پاس وارا شهر، جي انهن وانگر زناڪاريءَ ۽ لونڊي بازيءَ جي پٺيان پيا، سي هميشہ جي باهہ جي سزا پيا سهن، تہ ٻين جي عبرت لاءِ هڪڙو مثال ٿين. 8تڏهن بہ ساڳيءَ طرح اهي ماڻهو بہ پنهنجن اجاين خيالن ۾ پئجي جسم کي ناپاڪ ٿا ڪن، ۽ حڪومت کي ڪين جهڙو ٿا ڄاڻن، ۽ جلال وارن کي بي عزت ٿا ڪن. 9پر جڏهن وڏي ملائڪ ميڪائيل موسيٰ جي لاش بابت شيطان سان جهيڙو ۽ تڪرار ڪيو، تڏهن کيس ايتري همت نہ ٿي تہ هن جي برخلاف ڦٽڪار ڪري، پر فقط ايترو چيائين تہ خداوند توکي ملامت ڪري. 10پر هي ماڻهو تہ انهن سڀني ڳالهين تي ڦٽڪار ٿا هڻن، جن جي کين ڪابہ خبر ڪانهي؛ ۽ جن ڳالهين کي هو بي عقل جانورن وانگر طبعي ٿا سمجهن، تن ۾ هو پاڻ کي خراب ٿا ڪن. 11افسوس آهي انهن تي، ڇالاءِ جو هو قائن جي واٽ تي هليا، ۽ لالچ جي ڪري بلعام جهڙيءَ گمراهيءَ ۾ ڪاهي پيا، ۽ قوراہ وانگر مخالفت ڪري برباد ٿيا. 12هي جڏهن اوهان سان گڏ کائين پيئن ٿا، تڏهن اوهان جي محبت جي مجلسن ۾ لڪل ڇپون آهن، ۽ بنا ڊپ ڊاءَ جي پنهنجي پيٽ ڀرڻ وارا ڌنار آهن؛ ۽ بي پاڻيءَ ڪڪر آهن، جن کي هوائون کنيو اُڏائينديون وتن. سرءُ جي موسم جا وڻ آهن جن ۾ ڦل ڪونهي، ۽ اصل ئي سُڪل ۽ پاڙون پٽيل آهن. 13سمنڊ جون شوخ لهرون آهن، جي پنهنجي بي شرميءَ جي گجي ٿيون اُڇلائين. گهُمندڙ تارا آهن، جن جي لاءِ ڀڀ اوندهہ هميشہ واسطي ٺهرايل آهي. 14۽ انهن ئي جي نسبت ۾ حنوڪ، جو آدم جي ستين پيڙهيءَ ۾ هو، تنهن پيشنگوئي ڪري چيو تہ، ”ڏسو، خداوند پنهنجن لکن پاڪ ٿيلن سان آيو، 15انهي لاءِ تہ سڀني جو انصاف ڪري ۽ سڀني بي دينن کي، سندن انهن سڀني بي دينيءَ جي ڪمن لاءِ، جي هنن بي دينيءَ سان ڪيا آهن، ۽ انهن سڀني سخت ڳالهين لاءِ، جي بي دين گنهگارن سندس برخلاف ڪيون آهن، ڏوهاري ٺهرائي.“ 16اهي ڪُرڪندڙ، شڪايت ڪندڙ، ۽ پنهنجين بڇڙين خواهشن تي هلندڙ آهن، ۽ سندن وات مان وڏيون ٻٽاڪون پيون نڪرن؛ ۽ هو فائدي جي لاءِ ماڻهن جي پاسخاطري ٿا ڪن.
17پر اي پيارو، اُهي ڳالهيون ياد رکو جي اسان جي خداوند يسوع مسيح جي رسولن اڳيئي ڪري ڇڏيون آهن؛ 18جو اهي اوهان کي چوندا هئا تہ آخر زماني ۾ اهڙا ٺٺوليون ڪرڻ وارا ايندا، جي پنهنجين برين خواهشن تي هلندا. 19هي اُهي آهن جي جدائيون ٿا وجهن؛ نفساني ماڻهو، جن ۾ روح نہ آهي. 20پر اي پيارو، پنهنجي نهايت پاڪ ايمان ۾ قائم ٿي پاڪ روح ۾ دعا گهُرو، 21۽ پاڻ کي خدا جي پيار ۾ قائم رکو، ۽ هميشہ جي زندگيءَ لاءِ اسان جي خداوند يسوع مسيح جي رحم جا منتظر رهو. 22۽ ڪي ماڻهو جي اوهان سان بحث ٿا ڪن، تن تي رحم ڪريو. 23۽ ڪن کي ڇڪي باهہ مان ڪڍي بچايو، ۽ ڪن تي خوف کائيندي رحم ڪريو؛ بلڪ جنهن پوشاڪ تي جسم جي ڪري داغ ٿيا آهن، تنهن کان نفرت ڪريو.
24هاڻي جيڪو اوهان کي گمراهہ ٿيڻ کان بچائي ٿو سگهي ۽ نهايت خوشيءَ سان پنهنجي ازلي حضور ۾ بي عيب ڪري بيهاري ٿو سگهي، 25اُنهي واحد خدا، اسان جي نجات ڏيندڙ کي، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي، جلال ۽ عظمت ۽ بادشاهي ۽ قدرت، ازل کان ۽ هاڻي ۽ هميشہ تائين هجي. آمين.
Currently Selected:
يهوداهہ 1: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: