YouVersion Logo
Search Icon

2 - ٿسلونيڪين 2

2
1هاڻي اي ڀائرو، اسان جو خداوند ايندو ۽ اسين سندس حضور ۾ گڏ ٿينداسين، تنهن بابت اسين عرض ٿا ڪريون، 2تہ روح، يا ڪلام، يا خط جي ڪري جو اسان وٽان آيل سمجهو، اوهين پنهنجن خيالن ۾ ڊانوان ڊول نہ ٿيو، نڪي پريشان ٿيو، جو ڄڻ تہ خداوند جو ڏينهن هاڻي اچي پهتو آهي. 3ڪنهن بہ طرح ڪنهن ماڻهوءَ جي فريب ۾ نہ اچجو: ڇالاءِ جو اهو ڏينهن تيسين نہ ايندو، جيسين پهرين گمراهي نہ اچي، ۽ گناهہ جو شخص، يعني برباديءَ جو فرزند ظاهر نہ ٿئي. 4۽ جيڪو معبود ٿو سڏجي، يا جنهن جي پرستش ٿي ٿئي، تنهن کان هو پاڻ کي وڏو ٿو ڄاڻي، ۽ مخالفت ٿو ڪري؛ ايتري قدر جو هو خدا جي هيڪل ۾ ويهي پاڻ کي خدا ٿو سڏائي. 5اوهان کي ياد ناهي ڇا تہ جڏهن آئون اڃا اوهان وٽ هوس، تڏهن اوهان کي هي ڳالهيون ٻُڌائيندو هوس؟ 6۽ هاڻي اوهان کي خبر آهي تہ اها ڪهڙي ڳالهہ آهي جيڪا هن کي روڪيو بيٺي آهي، انهي لاءِ تہ هو پنهنجي پوري وقت تي ظاهر ٿئي. 7ڇالاءِ جو بي دينيءَ جو راز تہ هاڻي اثر ٿو ڪري: پر هينئر هڪڙو آهي جنهن کي جيستائين وچ مان ڪڍي نہ ڇڏبو، تيستائين هو روڪيندو رهندو. 8تنهن کانپوءِ اُهو بي دين پڌرو ٿيندو، ۽ خداوند يسوع پنهنجي وات جي ڦوڪ سان هن کي ماري وجهندو، ۽ پنهنجي اچڻ جي ظهور سان چٽ ڪري ڇڏيندو، 9يعني اُهو بي دين، جنهن جو اچڻ شيطان جي تاثير موجب، هر طرح جي طاقت ۽ نشانين ۽ ڪوڙين ڪرامتن سان، 10۽ برباد ٿيڻ وارن جي لاءِ ناراستيءَ جي هر طرح جي فريب سان ٿيندو؛ ڇالاءِ جو انهن سچ جي محبت اختيار نہ ڪئي تہ نجات ملين. 11۽ انهي ڪري خدا هنن کي گمراهيءَ ۾ ڇڏي ٿو ڏئي تہ ڪوڙ کي مڃين: 12۽ جيڪي سچ تي ايمان نٿا آڻين، ۽ ناراستيءَ ۾ خوش ٿا رهن، تن سڀني کي سزا ملندي.
13پر اي ڀائرو، خداوند جا پيارا، اسين ٻَڌل آهيون تہ هميشہ اوهان جي لاءِ خدا جا شڪرانا بجا آڻيون، ڇالاءِ جو خدا شروع کان اوهان کي انهي لاءِ چونڊي ڪڍيو هو تہ روح جي وسيلي پاڪ ٿيو، ۽ سچ تي ايمان آڻيو، ۽ نجات حاصل ڪريو. 14انهي لاءِ ئي هن اوهان کي اسان جي خوشخبريءَ جي وسيلي سڏيو، تہ اوهين اسان جي خداوند يسوع مسيح جو جلال حاصل ڪريو. 15تنهنڪري، اي ڀائرو، ثابت قدم رهو، ۽ جيڪي روايتون اسان اوهان کي زباني يا خط جي وسيلي سيکاريون آهن، تن تي قائم رهو.
16هاڻي اسان جو خداوند يسوع مسيح پاڻ، ۽ اسان جو پيءُ خدا، جنهن اسان سان محبت رکي، ۽ فضل جي ڪري اسان کي هميشہ جي تسلي ۽ چڱي اُميد ڏنائين؛ 17سو اوهان جي دلين کي تسلي ڏئي، ۽ سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۽ ڪلام ۾ مضبوط ڪري.

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for 2 - ٿسلونيڪين 2