YouVersion Logo
Search Icon

2 - بادشاهہ 2

2
1۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خداوند ايلياہ کي هڪڙي واچوڙي ۾ مٿي آسمان ۾ کڻڻ وارو هو، تڏهن ايلياہ اليشع سان گڏجي جلجال ڏي ويو. 2۽ ايلياہ اليشع کي چيو تہ مهرباني ڪري هتي ترس؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي بيت ايل تائين موڪليو آهي. ۽ اليشع چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي ۽ تنهنجيءَ جان جو قسم آهي تہ آءٌ توکي نہ ڇڏيندس. تنهنڪري هو بيت ايل ڏي ويا. 3۽ جيڪي نبين جا پٽ بيت ايل ۾ هئا سي نڪري اليشع وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ اها توکي ڪا خبر آهي يا نہ تہ خداوند اڄ تنهنجي ڌڻيءَ کي تنهنجي مٿي تان کڻي ويندو؟ ۽ هن چيو تہ هائو، مون کي خبر آهي؛ اوهين ماٺ ڪري ويهو. 4۽ ايلياہ هن کي چيو تہ اي اليشع، ڀلائي ڪري هتي ترس؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي يريحو ڏي موڪليو آهي. ۽ هن چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ تنهنجيءَ جان جو قسم آهي تہ آءٌ توکي نہ ڇڏيندس. تڏهن هو يريحو ۾ آيا. 5۽ نبين جا پٽ، جي يريحو ۾ هئا، سي اليشع وٽ آيا، ۽ انهيءَ کي چيائون تہ اها ڪا توکي خبر آهي يا نہ تہ اڄ خداوند تنهنجي ڌڻيءَ کي تنهنجي مٿي تان کڻي ويندو؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ هائو مون کي اها خبر آهي؛ اوهين ماٺ ڪري ويهو. 6۽ ايلياہ هن کي چيو تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ هتي ترس؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي يردن ڏانهن موڪليو آهي. ۽ هن چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ تنهنجيءَ جان جو قسم آهي تہ آءٌ توکي نہ ڇڏيندس. پوءِ هو ٻئي اڳتي هليا ويا. 7۽ نبين جي پٽن مان پنجاهہ ڄڻا وڃي پري کان هن جي سامهون بيهي رهيا: ۽ هو ٻئي يردن جي ڀرسان بيهي رهيا. 8۽ ايلياہ پنهنجي چادر کڻي ويڙهي سيڙهي پاڻيءَ کي هنئي تہ پاڻي هِن پاسي ۽ هُن پاسي ڌار ٿي بيهي رهيو، جنهنڪري هو ٻئي سڪيءَ زمين تان لنگهي پار ويا. 9۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو پار پهتا تڏهن ايلياہ اليشع کي چيو تہ آءٌ تو وٽان کڄي وڃان، تنهن کان اڳي گهُر تہ آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ڪريان. ۽ اليشع چيو تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ تنهنجي روح جو ٻيڻو حصو مون تي پوي. 10۽ هن چيو تہ تو مشڪل سوال ڪيو آهي: انهيءَ هوندي بہ جڏهن آءٌ تو وٽان کڄي وڃان، تڏهن جي تون مون کي ڏسندين تہ توسان ائين ٿيندو، پر جي نہ، تہ ائين نہ ٿيندو. 11۽ هيئن ٿيو تہ جيئن هو ڳالهائيندا هليا ٿي ويا تيئن ڏس، هڪڙو باهہ جو رٿ، ۽ باهہ جا گهوڙا ڏسڻ ۾ آيا، جن هنن ٻنهي کي هڪٻئي کان ڌار ڪري ڇڏيو؛ ۽ ايلياہ هڪڙي واچوڙي ۾ آسمان ڏانهن چڙهي ويو. 12۽ اليشع اهو ڏسي رڙ ڪري چيو تہ اي منهنجا پيءُ، منهنجا پيءُ، اسرائيل جا رٿ ۽ انهن جا گهوڙي سوار! پوءِ وري هن انهيءَ کي نہ ڏٺو: ۽ هن پنهنجا ڪپڙا جهلي اُنهن کي ڦاڙي ٻہ ٽڪر ڪيا. 13هن ايلياہ جي چادر بہ کنئي، جا هن تان ڪِري پيئي هئي، ۽ پوءِ هو موٽي وڃي يردن جي ڪناري تي بيهي رهيو. 14پوءِ هن اُها چادر جا ايلياہ تان ڪِري پيئي هئي سا کڻي پاڻيءَ تي هنئي، ۽ چيائين تہ خداوند، ايلياہ جو خدا ڪٿي آهي؟ ۽ جڏهن هن بہ پاڻيءَ کي ڌڪ هنيو، تڏهن پاڻي چيرجي هِن پاسي ۽ هُن پاسي ٿي پيو: ۽ اليشع پار هليو ويو. 15۽ جڏهن نبين جا پٽ، جي هن جي سامهون يريحو ۾ هئا، تن هن کي ڏٺو، تڏهن هو چوڻ لڳا تہ ايلياہ جو روح اليشع تي اچي پيو آهي، ۽ هو سندس استقبال لاءِ آيا، ۽ سندس اڳيان زمين تائين جهڪيا. 16۽ هن کي چيائون تہ هاڻي ڏس، تنهنجن ٻانهن سان پنجاهہ زور وارا ماڻهو آهن؛ اسين عرض ٿا ڪريون تہ اُنهن کي موڪل ڏي تہ وڃي تنهنجي ڌڻيءَ کي ڳولين، متان خداوند جي روح هن کي کڻي وڃي ڪنهن جبل تي يا ڪنهن واريءَ ۾ اُڇلايو هجي. ۽ هن چيو تہ انهن کي نہ موڪليو. 17۽ جڏهن هنن گهڻو زور لاتس، تڏهن هو شرمندو ٿيو، ۽ چيائين تہ چڱو ڀلي موڪليو. تنهنڪري هنن پنجاهہ ماڻهو موڪلي ڏنا، ۽ هنن ٽن ڏينهن تائين گهڻوئي ڳوليو پر ڪين لڌائونس. 18۽ جيسين هو يريحو ۾ ٽِڪيو پيو هو تيسين هو موٽي وٽس آيا؛ ۽ هن اُنهن کي چيو تہ مون اوهان کي ڪين چيو هو ڇا تہ نہ وڃو؟
19۽ شهر جي ماڻهن اليشع کي چيو تہ ڏس، اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ هي شهر چڱيءَ جاءِ تي بيٺل آهي جيئن ڪ منهنجو ڌڻي پاڻ ٿو ڏسي: مگر انهيءَ جو پاڻي ٻاڙو آهي، ۽ زمين پيدائش جهڙي نہ آهي. 20تڏهن هن چيو تہ مون کي هڪڙو ڪورو مٽ آڻي ڏيو، ۽ انهيءَ ۾ لوڻ وجهو. ۽ هنن اُهو هن کي آڻي ڏنو. 21۽ هو نڪري پاڻيءَ جي چشمي تي ويو، ۽ اُنهيءَ ۾ لوڻ اُڇلائي چيائين تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ مون هي پاڻي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو آهي؛ هن کانپوءِ وري انهيءَ ۾ موت يا غير آبادي نہ رهندي. 22انهيءَ طرح جيڪو ڪلام اليشع ڪيو، تنهن موجب اڄ ڏينهن تائين پاڻي مٺو ٿي پيو.
23پوءِ هو اُتان نڪري بيت ايل ڏانهن ويو: ۽ جيئن هو واٽ وٺيو پئي ويو تيئن ننڍڙا ٻار شهر مان نڪري آيا ۽ هن تي ٺٺوليون ڪري چوڻ لڳا تہ هل ڙي گنجا؛ هل ڙي گنجا. 24۽ هن پٺتي منهن ورائي اُنهن کي ڏٺو، ۽ خداوند جي نالي سان پٽيائين. ۽ اوچتو ٻيلي مان ٻہ رڇڻيون نڪري آيون ۽ اُنهن مان ٻائيتاليهن ٻارن کي ڦاڙي ڇڏيائون. 25پوءِ هو اُتان نڪري ڪرمل جبل ڏانهن ويو، ۽ اُتان موٽي سامريہ ۾ آيو.

Currently Selected:

2 - بادشاهہ 2: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in