YouVersion Logo
Search Icon

2 - ڪرنٿين 13

13
1هي ٽيون ڀيرو آهي جو آئون اوهان ڏانهن ٿو اچان. ٻن يا ٽن شاهدن جي واتان سڀڪا ڳالهہ ضرور ثابت ٿي پوندي. 2جڏهن آئون ٻئي ڀيري حاضر هوس، تڏهن جيئن اڳيئي چيو هوم، تيئن هن ڀيري بہ جڏهن آئون غير حاضر آهيان، انهن کي ٿو چوان جن هيستائين گناهہ پي ڪيا آهن، ۽ ٻين سڀني کي بہ ٿو چوان تہ جڏهن آئون ايندس، تڏهن ڪنهن کي بہ نہ ڇڏيندس؛ 3ڇالاءِ جو اوهين اها ثابتي ٿا گهُرو تہ مسيح مون ۾ ڳالهائي ٿو. هو اوهان لاءِ ڪمزور نہ آهي پر اوهان ۾ زور وارو آهي. 4جيتوڻيڪ هو ڪمزوريءَ جي ڪري صليب تي چاڙهيو ويو، تہ بہ خدا جي قدرت ڪري جيئرو آهي. ڇالاءِ جو اسين بہ هن ۾ ڪمزور آهيون، مگر خدا جي قدرت سان اوهان لاءِ ساڻس گڏ جيئنداسين. 5اوهين پاڻ کي جاچي ڏسو تہ ايمان تي آهيو يا نہ؛ ۽ پاڻ کي آزمايو. يا اوهان کي اها خبر ڪانهي ڇا، تہ يسوع مسيح اوهان ۾ آهي؟ بي وفا هجو تہ ٻي ڳالهہ آهي. 6پر آئون اُميد ٿو ڪريان تہ اوهان کي خبر پوندي تہ اسين بي وفا نہ آهيون. 7هاڻي اسين خدا کان دعا ٿا گهُرون تہ اوهين ڪا بڇڙائي نہ ڪريو؛ نہ انهي لاءِ تہ اسين وفادار ڏسڻ ۾ اچون، پر انهي لاءِ تہ اوهين اُهوئي ڪريو جو چڱو هجي، پوءِ اسين ڀلي تہ بي وفا سمجهيا وڃون. 8ڇالاءِ جو اسين سچ جي برخلاف ڪجهہ بہ ڪري نٿا سگهون، پر فقط سچ جي لاءِ ڪري ٿا سگهون. 9هن ڪري جو جڏهن اسين ڪمزور آهيون ۽ اوهين زور وارا آهيو، تڏهن اسان کي خوشي ٿي ٿئي، ۽ اسين اها بہ دعا ٿا گهُرون تہ اوهين ڪامل ٿيو. 10انهي نسبت اچڻ کان اڳ ۾ اهي ڳالهيون لکان ٿو، تہ جڏهن اچان، تڏهن مون کي انهي اختيار موجب سختي ڪرڻي نہ پوي، جو خداوند مون کي قائم ڪرڻ لاءِ ڏنو آهي، نہ ڊاهڻ جي لاءِ.
11آخر ۾، اي ڀائرو، شل خوش هجو. ڪامل ٿيو؛ دلجاءِ ڪريو؛ يڪ دلا ٿيو؛ اطمينان ۾ رهو؛ ۽ خدا، جو محبت ۽ اطمينان جو چشمو آهي، سو اوهان سان هجي. 12پاڪ چُمي ڏيئي هڪٻئي کي سلام ڪجو. 13سڀ پاڪ ٿيل اوهان کي سلام ٿا ڏين. 14خداوند يسوع مسيح جو فضل ۽ خدا جي محبت ۽ پاڪ روح جي شراڪت اوهان سڀني سان هجي.

Currently Selected:

2 - ڪرنٿين 13: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in