YouVersion Logo
Search Icon

1 - سموئيل 3

3
1۽ اهو ڇوڪر سموئيل عيليءَ جي اڳيان خداوند جي خدمت ڪندو هو، ۽ خداوند جو ڪلام انهن ڏينهن ۾ ڪامياب هو؛ ڪو ظاهر ظهور رويا نہ ٿيندو هو. 2۽ انهيءَ وقت هيئن ٿيو تہ جڏهن عيلي پنهنجي جاءِ تي ليٽيو پيو هو هاڻي هن جي اکين ۾ ڌنڌ ٿيڻ لڳو هو جنهنڪري هو ڏسي نہ سگهندو هو. 3۽ خداوند جو ڏيئو اڃا گل نہ ٿيو هو، ۽ سموئيل خداوند جي هيڪل، جتي خدا جي صندوق هئي، تنهن ۾ سمهيو پيو هو، 4تہ خداوند سموئيل کي سڏ ڪيو: ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان. 5۽ هو ڊوڙي عيلي وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان ڇالاءِ جو تو مون کي سڏيو. تڏهن هن چيس تہ مون ڪونہ سڏيو؛ وري وڃي سمهہ، ۽ هو وڃي وري سمهي پيو. 6۽ وري بہ خداوند سڏ ڪري چيو تہ سموئيل. ۽ سموئيل اُٿي عيليءَ وٽ ويو، ۽ چيائينس تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان؛ ڇالاءِ جو تو مون کي سڏيو، تڏهن هن ورندي ڏني تہ منهنجا پٽ، مون ڪونہ سڏيو؛ وري وڃي سمهي رهہ. 7هاڻي سموئيل اڃا خدا کي نہ سڃاڻندو هو، نڪي خدا جو ڪلام هن تي ظاهر ٿيو هو. 8۽ خداوند وري ٽيون ڀيرو سموئيل کي سڏيو، ۽ هو اُٿي عيليءَ وٽ ويو ۽ چيائينس تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان؛ ڇالاءِ جو تو مون کي سڏيو. تڏهن عيليءَ سهي ڪيو تہ خداوند هن ڇوڪر کي سڏيو آهي. 9تنهنڪري عيليءَ سموئيل کي چيو تہ وڃي سمهي رهہ: ۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن هو توکي سڏي تہ تون چئج تہ اي خداوند حڪم ڪر، ڇالاءِ جو تنهنجو ٻانهو ٻڌي ٿو، ۽ سموئيل وڃي پنهنجي جاءِ تي ليٽي پيو. 10۽ خداوند اچي بيٺو ۽ اڳئين وانگر سڏ ڪري چيائين تہ سموئيل، سموئيل. تڏهن سموئيل چيو تہ حڪم ڪر؛ ڇالاءِ جو تنهنجو ٻانهو ٻڌي ٿو. 11۽ خداوند سموئيل کي چيو تہ ڏس، آءٌ اسرائيل ۾ هڪڙو ڪم ڪندس، سو ٻڌي سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جا ڪن وڄڻ لڳندا. 12انهي ڏينهن جيڪي عيليءَ جي گهراڻي جي نسبت ۾ مون چيو آهي سو شروع کان وٺي پڇاڙيءَ تائين انهي جي برخلاف پورو ڪندس. 13ڇالاءِ جو مون هن کي چيو آهي تہ جنهن ڏوهہ جي کيس خبر آهي تنهن جي لاءِ آءٌ هميشہ تائين سندس گهراڻي کي سزا ڏيندس، ڇالاءِ جو هن جي پٽن پاڻ تي لعنت آندي، ۽ هن کين ڪين روڪيو. 14۽ تنهنڪري مون عيلي جي گهر سان قسم کنيو آهي، تہ عيلي جي گهراڻي جو ڏوهہ قربانيءَ يا نذراني سان بہ ڪڏهن معاف ڪين ٿيندو. 15۽ سموئيل صبح تائين سمهيو پيو هو، ۽ پوءِ اُٿي خداوند جي گهر جا در کوليائين. ۽ سموئيل عيلي کي انهي رويا جي بيان ڪري ٻڌائڻ کان ڊنو. 16تڏهن عيليءَ سموئيل کي سڏيو، ۽ چيائينس تہ اي سموئيل، منهنجا پٽ: ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان. 17۽ هن چيس تہ اها ڳالهہ ڪهڙي آهي جا خداوند توکي ٻڌائي آهي؟ ڀلائي ڪري اُها مون کان نہ لڪاءِ. جيڪڏهن اُهي ڳالهيون جي خدا توکي چيون آهن تن سڀني مان ڪا مون کان لڪائيندين، تہ خدا شل توسان ائين ئي ڪري، بلڪ اِنهي کان بہ وڌيڪ. 18۽ سموئيل سڀ ڪجهہ هن کي ٻڌايو، ۽ هن کان ڪجهہ بہ نہ لڪايائين. ۽ هن چيو تہ اهو خداوند آهي: ڀلي اُنهي کي جيڪي وڻي سو ڪري. 19۽ سموئيل وڏو ٿيندو ويو، ۽ خداوند ساڻس هو، ۽ هن جي ڪابہ ڳالهہ اجائي نہ ٿيڻ ڏنائين. 20۽ ساري اسرائيل کي دان کان وٺي بيرسبع تائين خبر پئجي ويئي تہ سموئيل خداوند جو نبي مقرر ٿيو آهي. 21۽ خداوند وري بہ سيلا ۾ ظاهر ٿيو: ڇالاءِ جو خداوند پاڻ کي سموئيل تي سيلا ۾، خداوند جي ڪلام جي وسيلي ظاهر ڪيو.

Currently Selected:

1 - سموئيل 3: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for 1 - سموئيل 3