YouVersion Logo
Search Icon

1 - سموئيل 1

1
1هاڻي افرائيم جي ڪوهستان ۾ راماتيم صوفيم جو هڪڙو ماڻهو هو، ۽ انهي جو نالو هو القانہ، بن يروحام، بن اليهو، بن توحو، بن صوف، جو افرائيمي هو. 2۽ انهي کي ٻہ زالون هيون: هڪڙيءَ جو نالو حنہ هو ۽ ٻيءَ جو فننہ: ۽ فننہ کي اولاد هو، پر حنہ کي اولاد ڪونہ هو. 3۽ اهو ماڻهو سال بسال پنهنجي شهر مان نڪري لشڪرن جي خداوند جي حضور سجدي ڪرڻ، ۽ قرباني چاڙهڻ واسطي سيلا ۾ ويندو هو. ۽ عيليءَ جا ٻہ پٽ، حفني ۽ فينحاس، اُتي خداوند جا ڪاهن هوندا هئا. 4۽ جڏهن القانہ جي قرباني چاڙهڻ جو ڏينهن ايندو هو تڏهن هو پنهنجي زال فننہ کي، ۽ پنهنجن سڀني پٽن، ۽ ڌيئن کي، حصا ڏيندو هو: 5پر حنہ کي هو ٻيڻو حصو ڏيندو هو، ڇالاءِ جو حنہ سان هن جي محبت هئي؛ پر خداوند هن کي ٻار ڄڻڻ کان روڪي ڇڏيو هو. 6۽ هن جي پهاڄ کيس ڏاڍو ستائيندي هئي، تہ ڀلي تہ هوءَ ڪنجهي ڪُرڪي، جو خداوند هن کي ٻار ڄڻڻ کان روڪي ڇڏيو هو. 7۽ سال بسال جڏهن هوءَ خداوند جي گهر ڏي ويندي هئي تڏهن هن کي چيڙائيندي هئي: تنهنڪري هوءَ روئندي هئي، ۽ ماني ڪين کائيندي هئي. 8۽ سندس مڙس القانہ کيس چيو تہ اي حنہ، تون ڇو ٿي روئين؟ ۽ ڇو ماني نٿي کائين؟ ۽ ڇو تنهنجي دل غمگين آهي؟ ۽ آءٌ تنهنجي لاءِ ڏهن پٽن کان بهتر ناهيان ڇا؟ 9هاڻي سيلا ۾ جڏهن هنن کائي بس ڪئي، تڏهن حنہ اُٿي، ۽ عيلي ڪاهن خداوند جي هيڪل جي دروازي واري ٿنڀ وٽ پنهنجي جاءِ تي ويٺو هو. 10۽ هن ڏاڍي دل جي درد مان خداوند کان دعا گهري، ۽ زار زار رنائين. 11۽ مڃتا مڃيائين ۽ چيائين، تہ اي لشڪرن جا خداوند، جيڪڏهن تون سچ پچ پنهنجي ٻانهيءَ جي مصيبت تي نظر ڪندين، ۽ مون کي ياد ڪندين، ۽ پنهنجي ٻانهيءَ کي وساري نہ ڇڏيندين، پر پنهنجي ٻانهيءَ کي هڪڙو پٽ ڏيندين، تہ انهي کي آءٌ سندس ساري ڄمار تائين خداوند جي لاءِ نذر ڪنديس، ۽ انهي جي مٿي تي اصل پاڪي نہ گهمندي. 12۽ جڏهن هن خداوند جي حضور دعا پئي گهري، تڏهن عيلي هن جي وات ڏي نهاري ويٺي ڏٺو. 13هاڻي حنہ تہ پنهنجيءَ دل ۾ پئي دعا گهري؛ فقط سندس چپ پئي چُريا، پر سندس آواز ٻڌڻ ۾ نٿي آيو: تنهنڪري عيليءَ سمجهيو تہ هوءَ نشي ۾ آهي. 14تڏهن عيليءَ چيس تہ ڪيستائين تون نشي ۾ هوندينءَ؟ پنهنجو شراب پاڻ وٽان پري ڪري ڇڏ. 15۽ حنہ ورندي ڏيئي چيو تہ نہ منهنجا سائين، آءٌ دل جي ڏکي زال آهيان: مون نڪو شراب پيتو آهي نڪا ٻي نشي واري شيءِ، پر مون خداوند سان پنهنجي اندر جو حال ٿي اوريو. 16تون پنهنجي ٻانهيءَ کي خبيث نہ ڄاڻ: ڇالاءِ جو هيستائين مون پنهنجي ڏک ۽ رنج جي گهڻائيءَ کان پئي ڳالهايو آهي. 17تڏهن عيليءَ ورندي ڏيئي چيو تہ سلامتيءَ سان وڃ: ۽ اسرائيل جي خدا کان جيڪا مراد گهري اٿيئي سا شل اُهو پورو ڪري. 18۽ هن چيو تہ شل تنهنجي ٻانهي تنهنجي نظر ۾ مان لهي. پوءِ اُها زال پنهنجي واٽ وٺي هلي ويئي، ۽ وڃي ماني کاڌائين، ۽ انهي کان پوءِ هن جو چهرو غمگين نہ رهيو. 19۽ هو صبح جو سوير اُٿي خداوند جي اڳيان سجدو ڪري، موٽي پنهنجي گهر رامہ ۾ آيا: ۽ القانہ پنهنجي زال حنہ سان صحبت ڪئي؛ ۽ خداوند هن کي ياد ڪيو. 20۽ هيئن ٿيو تہ پوري وقت تي حنہ پيٽ سان ٿي، ۽ پٽ ڄڻيائين؛ ۽ هن انهي جو نالو سموئيل رکيو، ڇالاءِ جو چيائين تہ مون هن کي خداوند کان گهري ورتو آهي. 21۽ اُهو ماڻهو القانہ، ۽ سندس گهر جا سڀ ڀاتي خداوند جي اڳيان سالياني قرباني چاڙهڻ لاءِ، ۽ نذر بجا آڻڻ لاءِ ويا. 22پر حنہ اوڏانهن نہ ويئي؛ ڇالاءِ جو هن پنهنجي مڙس کي چيو تہ جيسين ڪ ٻار جو کير نہ ڇڏائينديس تيسين اوڏانهن ڪين وينديس؛ ۽ پوءِ آءٌ انهي کي آڻينديس تہ اُهو خداوند جي اڳيان حاضر ٿئي، ۽ هميشہ اُتي رهي. 23۽ سندس مڙس القانہ چيس تہ جيئن توکي مناسب نظر اچي تيئن ڪر؛ ڀلي تيستائين ترس جيستائين تون هن جو کير نہ ڇڏائين؛ رڳو خداوند پنهنجو سخن سچو ڪري. انهي طرح اُها زال ترسي پيئي ۽ پنهنجي پٽ کي کير پياريندي رهي، جيسين ڪ انهي جو کير نہ ڇڏايائين. 24۽ جڏهن هن انهي جو کير ڇڏايو تڏهن انهي کي پاڻ سان وٺي ويئي، ۽ ٽي ڍڳا، ۽ هڪڙو ايفہ ميدو، ۽ هڪڙي شراب جي کلي بہ کنيائين، ۽ انهي کي سيلا ۾ خداوند جي گهر ۾ آندائين: ۽ اُهو ٻار ننڍو هو. 25۽ هنن هڪڙو ڍڳو ذبح ڪيو، ۽ ٻار کي عيليءَ وٽ آندائون. 26۽ هن چيو تہ اي منهنجا سائين، آءٌ تنهنجي حياتيءَ جو قسم ٿي کڻان تہ آءٌ اُها ئي زال آهيان، جنهن هتي تنهنجي ڀر ۾ بيٺي خداوند کان دعا گهري. 27اُها دعا هن ٻار جي لاءِ ٿي گهريم: ۽ خداوند کان جيڪا مراد مون گهري، سا هن پوري ڪئي آهي: 28تنهنڪري مون بہ هن کي خداوند کي ڏيئي ڇڏيو آهي؛ جيسين ڪ هو جيئرو هوندو تيسين هو خداوند کي ڏنو ويو آهي، ۽ هن اُتي خداوند کي سجدو ڪيو.

Currently Selected:

1 - سموئيل 1: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy