1 - پطرس 5
5
1تنهنڪري اوهان ۾ جيڪي بزرگ آهن، تن کي آئون نصيحت ٿو ڪريان، جو آئون بہ اُنهن منجهان هڪڙو ۽ مسيح جي ڏکن جو شاهد آهيان، ۽ جيڪو جلال ظاهر ٿيڻ وارو آهي، تنهن ۾ بہ شريڪ آهيان؛ 2خدا جو ڌڻ، جو اوهان جي سپرد آهي، تنهن کي اوهين چاريو ۽ انهي جي نگهباني ڪريو، نہ لاچاريءَ سبب، پر خوشيءَ سان، نہ پيسي جي لالچ تي، پر دل جي شوق سان؛ 3جيڪي اوهان جي سپرد ڪيا ويا آهن، تن تي حڪم هلائڻ واسطي نہ، پر انهي لاءِ تہ انهي ڌڻ جي اڳيان پاڻ کي نمونو بنايو. 4۽ جڏهن وڏو ڌنار ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهان کي جلال جو اهڙو ڇَٽ ملندو، جو ڪومائجڻ جو ناهي. 5ساڳيءَ طرح، اي جوانو، اوهين وڏن جا تابعدار ٿيو. هائو، اوهين سڀ هڪٻئي جي خدمت ڪرڻ لاءِ نماڻائيءَ سان پنهنجي ڪمر ٻَڌو؛ ڇالاءِ جو ”خدا مغرورن جو مقابلو ٿو ڪري، پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“ 6تنهنڪري خدا جي قدرت واري هٿ هيٺ پاڻ کي نماڻو ڪريو، تہ مناسب وقت تي هو اوهان کي سرفراز ڪري. 7پنهنجو سمورو فڪر مٿس رکو، ڇالاءِ جو هن کي اوهان جو خيال آهي. 8هوشيار ٿيو، سجاڳ رهو؛ اوهان جو دشمن شيطان گجندڙ شينهن وانگر هيڏانهن هوڏانهن پيو گهُمي ۽ وجهہ پيو ڳولي تہ ڪنهن کي ڦاڙي کائي. 9پنهنجي ايمان تي قائم رهي، سندس مقابلو ڪريو، ڇوتہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان جا ڀائر، جي دنيا ۾ آهن، سي بہ اهڙن ڏکن ۾ پيا گذارين. 10خدا، جو ساري فضل جو چشمو آهي، جنهن اوهان کي مسيح ۾ پنهنجي ابدي جلال جي لاءِ سڏيو آهي، سو اوهان جي ٿوري وقت تائين ڏکن سهڻ کانپوءِ اوهان کي ڪامل، ۽ قائم، ۽ مضبوط ڪندو. 11شل سندس بادشاهي هميشہ تائين رهي. آمين.
12سلوانس، جنهن کي آئون ايماندار ڀاءُ ٿو سمجهان، تنهن جي معرفت مون مختصر طور اوهان ڏانهن لکيو آهي، ۽ نصيحت ڪئي ۽ شاهدي ڏني اٿم تہ اهو ئي خدا جو سچو فضل آهي، انهي تي اوهين قائم رهو. 13بابل واري ڪليسيا جا اوهان سان گڏ چونڊيل آهي، سا اوهان کي سلام ٿي موڪلي؛ ۽ اهڙيءَ طرح منهنجو فرزند مرقس بہ. 14محبت جو ڀاڪر پائي هڪٻئي کي سلام ڪجو.
اوهين سڀ، جي مسيح ۾ آهيو، تن کي شل اطمينان حاصل ٿئي.
Currently Selected:
1 - پطرس 5: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.