1 - پطرس 1
1
1يسوع مسيح جي رسول، پطرس جي طرفان انهن مسافرن ڏانهن جي پنطس، ۽ گلتيہ، ۽ ڪپدڪيا، ۽ آسيا، ۽ بٿنيہ ۾ پکڙيل آهن، 2۽ جيڪي خدا پيءُ جي سابق علم موجب چونڊيا ويا آهن، تہ روح جي پاڪ ڪرڻ سان فرمانبردار ٿين، ۽ يسوع مسيح جي رت ڇٽڪارڻ ڪري مخصوص ٿين. شل اوهان تي فضل ۽ اطمينان وڌندو رهي.
3اسان جي خداوند يسوع مسيح جو خدا ۽ پيءُ مبارڪ هجي، جنهن پنهنجي بيحد رحم سان يسوع مسيح جي مُئلن مان جي اُٿڻ جي ڪري اسان کي زيادہ اُميد جي لاءِ وري نئين سر پيدا ڪيو؛ 4تہ اسين هڪڙو غير فاني، ۽ بي داغ، ۽ لازوال ورثو حاصل ڪريون، جو خاص اوهان جي لاءِ آسمان ۾ رکيل آهي. 5۽ جيڪا نجات آخر زماني ۾ ظاهر ٿيڻ جي لاءِ تيار آهي، تنهن جي لاءِ ايمان جي وسيلي خدا جي قدرت سان اوهان جي حفاظت ٿي ٿئي. 6انهي جي ڪري اوهين گهڻي خوشي ڪريو، جيتوڻيڪ هاڻي ٿوري وقت لاءِ ضرورت جي سبب اوهان کي آزمائشون سَهڻيون ٿيون پون. 7انهي لاءِ تہ اوهان جو ايمان، جو باهہ سان پرکيل فاني سون کان زيادہ قيمتي آهي، سو مسيح جي ظاهر ٿيڻ وقت، تعريف ۽ جلال ۽ عزت جي لائق ٿئي. 8بنا ڏٺي اوهين هن کي پيار ٿا ڪريو؛ ۽ جيتوڻيڪ اوهين هاڻي کيس نٿا ڏسو، تہ بہ ايمان آڻي ايتري گهڻي خوشي ٿا ڪريو جا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي، ۽ جلال سان ڀرپور آهي. 9۽ پنهنجي ايمان جو نتيجو، يعني پنهنجي روحن جي نجات حاصل ٿا ڪريو. 10انهن نبين، جن انهيءَ فضل جي نبوت ڪئي جو اوهان تي ٿيڻ وارو هو، انهيءَ نجات جي تلاش ۽ تحقيقات ڪئي. 11۽ پڇا ڪيائون تہ ڪهڙي شخص يا زماني ڏانهن، مسيح جو روح جو منجهن هو، اشارو ٿو ڪري تہ مسيح ڏک سهندو ۽ پوءِ جلال حاصل ڪندو. 12۽ مٿن هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي تہ هنن، اهي ڳالهيون پنهنجي لاءِ نہ، پر اوهان جي خدمت لاءِ ٿي ڪيون، جن جي خبر هاڻي اوهان کي انهن جي معرفت ملي، جن انهي پاڪ روح جي وسيلي، جو آسمان مان موڪليو ويو هو، اوهان کي خوشخبري ٻُڌائي، ۽ ملائڪ بہ انهن ڳالهين تي غور ڪرڻ لاءِ خواهشمند آهن.
13تنهنڪري سمجهہ جو سندرو ٻُڌي هوشيار ٿيو، ۽ انهي فضل جي ڪامل اُميد رکو، جو يسوع مسيح جي ظهور وقت اوهان تي ٿيڻو آهي. 14فرمانبردار ٻارن وانگر پنهنجي نادانيءَ جي وقت وارين نفساني خواهشن موجب هلت نہ ڪريو؛ 15پر جيئن اوهان جو سڏڻ وارو پاڪ آهي، تيئن اوهين بہ هر طرح جي هلت چلت ۾ پاڪ ٿيو؛ 16هن ڪري جو لکيل آهي تہ ”اوهين پاڪ ٿيو؛ ڇالاءِ جو آئون پاڪ آهيان.“
17۽ جيڪڏهن اوهين انهي کي ابو ڪري ٿا سڏيو، جو بنا پاسخاطريءَ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي ڪم موجب انصاف ٿو ڪري، تہ پنهنجي مسافريءَ جو وقت خوف ۾ گذاريو. 18اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان جي اجائي هلت چلت جا اوهان جي ابن ڏاڏن کان وٺي هلي آئي آهي، تنهن کان اوهان کي فاني شين، يعني سون ۽ چانديءَ جي وسيلي نجات نہ ملي؛ 19پر هڪڙي بي عيب ۽ بي داغ گهيٽي جي قيمتي رت سان ملي، يعني مسيح جي رت سان. 20هو دنيا جي شروعات کان اڳي مقرر ٿيو هو، پر اوهان جي خاطر آخري زماني ۾ پڌرو ڪيو ويو. 21هن جي وسيلي اوهان خدا تي ايمان آندو آهي، جنهن هن کي مُئلن مان جياريو ۽ جلال ڏنائينس؛ انهي لاءِ تہ اوهان جو ايمان ۽ آسرو خدا تي هجي. 22جڏهن اوهان حق جي تابعداري ڪري پنهنجن روحن کي پاڪ ڪيو تہ ڀائرن سان حقيقي محبت ڪريو، تڏهن دل و جان سان هڪٻئي کي پيار ڪريو. 23ڇالاءِ جو اوهين فاني ٻج مان نئين سر پيدا نہ ٿيا آهيو، پر غير فاني ٻج مان، يعني خدا جي ڪلام جي وسيلي، جو زندہ ۽ قائم آهي. 24ڇالاءِ جو ”انسان گاهہ وانگر آهي. گاهہ سُڪي وڃي ٿو ۽ گل ڪِري ٿو پوي، 25پر خدا جو ڪلام هميشہ تائين قائم رهندو.“ ۽ اهوئي خوشخبريءَ جو ڪلام آهي جو اوهان کي ٻُڌايو ويو.
Currently Selected:
1 - پطرس 1: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: