1 - پطرس 2
2
1تنهنڪري اوهين سڀ بدڪاري، سڀ ٺڳي ۽ رياڪاري، حسد ۽ سڀ بدگويون ڇڏي ڏيو. 2نوزاد ڄاول ٻارن وانگر اُنهي نج روحاني کير جا خواهشمند ٿيو، تہ انهي تي نپجي نجات حاصل ڪريو؛ 3ڇالاءِ جو اوهان خداوند جي مهربانيءَ جو سواد چکيو آهي. 4انهيءَ پهڻ وٽ اچو جنهن کي معمارن رد ڪري ڇڏيو، پر جو خدا کي پسند ۽ قيمتي آهي. 5۽ اوهين بہ زندہ پهڻن وانگر اڏجي روحاني گهر بڻجو، انهي لاءِ تہ هڪڙي ڪاهنن جي پاڪ جماعت ٿي، اهڙيون روحاني قربانيون چاڙهيو جي يسوع مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول ٿيون پون. 6ڇالاءِ جو پاڪ ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ ”ڏسو، آئون صيون ۾ چونڊيل ۽ ڪنڊ جو قيمتي پهڻ ٿو رکان: ۽ جيڪو اُنهي تي ايمان آڻيندو سو شرمندو نہ ٿيندو.“ 7تنهنڪري اوهين جن ايمان آندو آهي، تن لاءِ اهو قيمتي آهي؛ پر جيڪي ايمان نٿا آڻين تن جي لاءِ ”جيڪو پهڻ اڏيندڙن رد ڪري ڇڏيو، سو ساڳيو ئي ڪنڊ جي سري جو پهڻ ٿي پيو.“ 8۽ ”ٿاٻڙجڻ جو پهڻ ۽ ٺوڪر کائڻ جي ڇپ“: ڇالاءِ جو هو نافرمان ٿي ڪلام کان گمراهہ ٿا ٿين: ۽ انهي جي لاءِ هو مقرر بہ ڪيا ويا هئا.
9پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، ۽ شاهي ڪاهنن جي جماعت، ۽ پاڪ قوم، ۽ خدا جي اهڙي اُمت آهيو، جا سندس خاص ملڪيت آهي، تان تہ انهي جون خوبيون ظاهر ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان ڪڍي، پنهنجي عجيب روشنائيءَ ۾ سڏيو آهي: 10جو اڳي اوهين ڪابہ اُمت نہ هئا، پر هاڻي اوهين خدا جي اُمت آهيو: اڳي اوهان تي رحم ڪونہ ٿيو هو، پر هاڻي اوهان تي رحم ٿيو آهي.
11اي پيارو، آئون اوهان کي پرديسي ۽ مسافر ڄاڻي عرض ٿو ڪريان تہ اُنهن جسماني خواهشن کان پري رهو، جي روح سان وڙهن ٿيون، 12۽ غير قومن ۾ پنهنجي هلت چلت چڱي رکو، تہ جن ڳالهين ڪري هو اوهان کي بدڪار ڄاڻي اوهان جي گلا ٿا ڪن، تن ۾ اوهان جا چڱا ڪم ڏسي عدالت جي ڏينهن خدا جي وڏائي ظاهر ڪن.
13خداوند جي خاطر انسان جي سڀ ڪنهن اختياريءَ جا تابعدار رهو. بادشاهہ جا هن ڪري جو هو سڀني کان اعليٰ آهي؛ 14۽ حاڪمن جا هن ڪري جو هو بدڪار کي سزا ڏيڻ لاءِ ۽ نيڪي ڪندڙن جي تعريف ڪرڻ لاءِ موڪليل آهن. 15ڇالاءِ جو خدا جي اها ئي مرضي آهي تہ نيڪي ڪرڻ سان اوهين بيوَقوف ماڻهن جي نادانيءَ جي ڳالهين کي بند ڪريو. 16۽ پاڻ کي آزاد ڄاڻو، پر ائين نہ ٿئي جو اها آزادي اوهان جي بدي ڪرڻ جو بهانو ٿي پوي، پر پاڻ کي خدا جا غلام سمجهو. 17سڀني ماڻهن جي عزت ڪريو. برادريءَ وارن کي پيار ڪريو. خدا کان ڊڄو. بادشاهہ جي تعظيم ڪريو.
18اي نوڪرو، ڏاڍي ادب سان پنهنجن ڌڻين جي تابعداريءَ ۾ رهو؛ نہ رڳو نيڪ ۽ نرم طبيعت وارن جي، پر تيز طبيعت وارن جي بہ. 19ڇالاءِ تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا جي نالي ناحق ڏک سهندو ۽ تڪليفون برداشت ڪندو، تہ اها قبول پوڻ جهڙي ڳالهہ آهي. 20هن ڪري جو جيڪڏهن اوهين گناهہ ڪري انهي لاءِ مار کائو، ۽ پوءِ صبر ڪري اُها سهو تہ اُنهي ۾ ڪهڙو فخر آهي؟ پر جيڪڏهن نيڪي ڪري ڏک ڀوڳيو، ۽ صبر ڪري اُهو سور سهو، تہ خدا وٽ اها ڳالهہ قبول پوندي. 21ڇالاءِ جو انهي لاءِ ئي اوهين سڏيا ويا آهيو: هن ڪري جو مسيح بہ اوهان جي لاءِ ڏک سَٺا، ۽ اوهان کي هڪڙو نمونو ڏيئي ويو تہ اوهين بہ سندس پيروي ڪريو. 22هن ڪوبہ گناهہ ڪونہ ڪيو، نڪا سندس وات مان ڪا ٺڳيءَ جي ڳالهہ نڪتي؛ 23هن گاريون کاڌيون، پر موٽائي گار نہ ڏنائين؛ هن ڏک سَٺو پر ڪنهن کي بہ ڌمڪايائين ڪين؛ بلڪ پاڻ کي سچي انصاف ڪرڻ واري جي حوالي ڪيائين. 24هو پاڻ اسان جا گناهہ پنهنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙهيو، انهي لاءِ تہ اسين گناهن جي ڪري مري راستبازيءَ لاءِ جيون؛ هن جي مار کائڻ جي ڪري اوهان کي شفا ملي. 25ڇالاءِ جو پهرين اوهين رڍن وانگر رُلي ويا هئا؛ پر هاڻي پنهنجن روحن جي ڌنار ۽ نگهبان (بشپ) وٽ موٽي آيا آهيو.
Currently Selected:
1 - پطرس 2: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: