يعقوب 5
5
1اي دولتمندو، هاڻي ٻُڌو؛ جيڪي مصيبتون اوهان تي اچڻيون آهن، تن جي ڪري اوهين روئو ۽ رڙيون ڪريو. 2اوهان جي دولت سڙي ڪِني ٿي ويئي، ۽ اوهان جا ويس وڳا ڪينئن کائي چٽ ڪيا. 3اوهان جي سون ۽ چانديءَ تي ڪٽ چڙهي ويئي آهي، ۽ اُها ڪٽ اوهان تي شاهدي ڏيندي، ۽ باهہ وانگر اوهان جو ماس کائيندي. اوهان پوين ڏينهن لاءِ خزانو گڏ ڪيو آهي. 4ڏسو، جن مزورن اوهانجين ٻنين ۾ لابارو وڌو، تن جي مزوري، جا اوهان ٺڳي ڪري روڪي رکي ڇڏي، سا رڙيون پيئي ڪري: ۽ اُنهن لاهيارن جون دانهون لشڪرن جي خداوند جي ڪَنن تائين وڃي پهتيون آهن. 5اوهين زمين تي عيش عشرت ۾ رهيا آهيو، ۽ موجون ماڻيون اٿوَ؛ قتلام جي ڏينهن لاءِ اوهان پنهنجين دلين کي تازو توانو ڪيو آهي. 6راستباز کي اوهان ڏوهاري ٺهرائي قتل ڪيو؛ پر هو اوهان جي مخالفت نٿو ڪري.
7تنهنڪري اي ڀائرو، خداوند جي اچڻ تائين صبر ڪريو. ڏسو، هاري زمين جي قيمتي ڦل لاءِ جيستائين آڳاٽو ۽ پاڇاٽو مينهن نٿو پوي، تيستائين صبر سان انتظار ٿو ڪري. 8اوهين بہ صبر ڪريو؛ پنهنجيون دليون مضبوط ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند جو اچڻ ويجهو آهي. 9اي ڀائرو، هڪٻئي جي شڪايت نہ ڪريو، متان ڏوهاري ٺهرو: ڏسو، انصاف ڪرڻ وارو در تي بيٺو آهي. 10اي ڀائرو، جن نبين خداوند جي نالي ڪلام ڪيو، تن جي ڏک سهڻ ۽ صبر جي نموني تي هلو. 11ڏسو، جن صبر ڪيو، تن کي اسين مبارڪ ٿا سڏيون؛ اوهان ايوب جي صبر جو حال ٻُڌو آهي، ۽ ڏٺو اٿوَ تہ خداوند ساڻس پڇاڙيءَ ۾ ڇا ڇا ڪيو، ۽ ڪيئن خداوند فضل ۽ رحم سان ڀرپور آهي.
12پر اي منهنجا ڀائرو، سڀ کان وڏي ڳالهہ هيءَ آهي تہ قسم نہ کڻو، نہ آسمان جو، نہ زمين جو، نہ ڪنهن ٻيءَ شيءِ جو؛ پر اوهان جي ها، ها هئڻ کپي؛ ۽ اوهان جي نہ، نہ؛ تہ اوهين سزاوار نہ ٿيو.
13جيڪڏهن اوهان مان ڪوبہ ڏکي هجي تہ اُهو دعا گهُري، ۽ جيڪڏهن ڪو خوش هجي تہ اُهو تعريف جا گيت ڳائي. 14جيڪڏهن اوهان ۾ ڪو بيمار هجي تہ اهو ڪليسيا جي بزرگن کي سڏي؛ ۽ اهي کيس خداوند جي نالي تيل مکي هن لاءِ دعا گهُرن: 15۽ جا دعا ايمان سان گهُربي، سا بيمار کي بچائيندي، ۽ خداوند انهي کي اُٿاري کڙو ڪندو؛ ۽ جيڪڏهن هن گناهہ ڪيا هوندا تہ انهن جي معافي ملنديس. 16تنهنڪري پنهنجا گناهہ هڪٻئي اڳيان باسيو ۽ هڪٻئي لاءِ دعا گهُرو تہ شفا پايو. راستباز ماڻهوءَ جي دعا جو گهڻو اثر ٿو ٿئي. 17ايلياہ بہ اسان جهڙيءَ طبيعت جو ماڻهو هو، ۽ هن دل و جان سان دعا گهُري تہ مينهن نہ وسي؛ پوءِ ساڍا ٽي ورهيہ برابر زمين تي مينهن نہ وسيو. 18۽ هن وري دعا گهُري، تڏهن آسمان مان مينهن وسيو ۽ زمين مان پيداوار ٿيڻ لڳي.
19اي منهنجا ڀائرو، جيڪڏهن اوهان مان ڪو حق کان گمراهہ ٿي وڃي، ۽ ٻيو ڪو کيس موٽائي آڻي؛ 20تہ ان کي ڄاڻڻ گهرجي تہ جيڪو ڪنهن گنهگار کي گمراهيءَ کان ڦيرائي صحيح راهہ تي ٿو آڻي، سو پنهنجي جان کي موت کان بچائيندو ۽ گهڻا گناهہ ڍڪي ڇڏيندو.
Currently Selected:
يعقوب 5: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: