YouVersion Logo
Search Icon

1 - بادشاهہ 17

17
1۽ ايلياہ تشبي، جو جلعاد جي رهاڪن مان هو، تنهن اخي آب کي چيو تہ خداوند اسرائيل جي جيئري خدا جو قسم آهي، جنهن جي اڳيان آءٌ بيٺو آهيان، تہ منهنجي چئي بنا هنن ورهين ۾ ماڪ يا مينهن نہ پوندو. 2۽ هن وٽ خدا جو ڪلام آيو، جنهن چيو تہ 3تون هتان نڪري وڃ ۽ اُڀرندي ڏي ڦري ڪريت جي نهر، جا يردن جي اڳيان آهي، تنهن جي ڀرسان وڃي پاڻ کي لڪاءِ. 4۽ هيئن ٿيندو تہ تون انهيءَ نهر مان پاڻي پيئندين؛ ۽ مون ڪانگن کي حڪم ڏنو آهي تہ اُتي توکي کاڌو کارائين. 5اُن موجب هن وڃي خداوند جي ڪلام تي عمل ڪيو: ڇالاءِ جو هو وڃي ڪريت جي نهر وٽ رهڻ لڳو، جا يردن جي اڳيان آهي. 6۽ ڪانگ صبح جو هن کي ماني ۽ گوشت، ۽ شام جو بہ ماني ۽ گوشت آڻي ڏيندا هئا؛ ۽ هو نهر مان پاڻي پيئندو هو. 7۽ ٿوري وقت کان پوءِ هيئن ٿيو تہ اُها نهر سڪي ويئي، ڇالاءِ جو ملڪ ۾ مينهن ڪونہ پيو هو.
8۽ خداوند جو ڪلام هن وٽ آيو، جنهن چيس تہ 9اُٿ، صارپت، جو صيدونين جو شهر آهي، تنهن ۾ وڃي رهہ: ڏس مون هڪڙيءَ رن زال کي حڪم ڏنو آهي تہ تنهنجي پرورش ڪري. 10تڏهن هو اُٿيو ۽ صارپت ڏي ويو؛ ۽ جڏهن هو شهر جي دروازي وٽ آيو، تڏهن ڏسي تہ هڪڙي رن زال ڪاٺيون پيئي گڏ ڪري: ۽ هن سڏي چيس تہ ڀلائي ڪري ڪنهن باسڻ ۾ مون کي ٿورو پاڻي آڻي ڏي تہ پيئان. 11۽ جڏهن هوءَ اُهو آڻڻ لاءِ هلي، تڏهن هن سڏي چيس تہ ڀلائي ڪري پنهنجي هٿ ۾ ٽڪر مانيءَ جو بہ کڻي اچجانءِ. 12۽ اُنهيءَ زال چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ مون وٽ پڪل ماني ڪانهي، پر مٽ ۾ اٽي جي مٺ ۽ دليءَ ۾ ٿورو تيل اٿم: ۽ ڏس آءٌ ٻہ ڪاٺيون ٿي ميڙيان تہ وڃي اُهو پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي پٽ لاءِ پچايان، تہ اُهو کائون ۽ مرون. 13تڏهن ايلياہ چيس تہ ڊڄ نہ، جيئن چيو اٿئي تيئن وڃي ڪر: پر پهرين اُنهيءَ مان منهنجي لاءِ هڪڙي ننڍڙي ماني پچائي مون وٽ کڻي اچ ۽ پوءِ پنهنجي لاءِ، ۽ پنهنجي پٽ لاءِ پچائج. 14ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اُنهيءَ مٽ مان اٽو ڪين کُٽندو، نڪي انهيءَ دليءَ مان تيل کُٽندو، جيسين ڪ اُهو ڏينهن نہ ايندو، جنهن ۾ خداوند زمين تي مينهن وسائيندو. 15تڏهن هوءَ ويئي، ۽ جيئن ايلياہ چيو هوس تيئن ڪيائين: پوءِ هوءَ ۽ سندس ڪٽنب ۽ ايلياہ گهڻن ڏينهن تائين اُهو کائيندا رهيا. 16اٽي جو اُهو مٽ کُٽو ئي ڪين، ۽ نہ تيل جي اُها دلي کُٽي، جيئن ڪ خداوند ايلياہ سان ڪلام ڪيو هو. 17۽ اُنهن ڳالهين کان پوءِ هيئن ٿيو تہ اُنهيءَ زال، يعني گهر جي ڌياڻيءَ جو پٽ بيمار ٿي پيو؛ ۽ اُنهي جي بيماري اهڙي سخت ٿي پيئي جو هن ۾ ڪوبہ پساهہ نہ بچيو. 18۽ هن زال ايلياہ کي چيو تہ، اي خدا جا ٻانها منهنجو توسان ڪهڙو ڪم آهي؟ تون مون وٽ انهيءَ لاءِ آيو آهين ڇا تہ منهنجو گناهہ ياد ڏيارين ۽ منهنجو پٽ مارين! 19۽ هن چيس تہ مون کي منهنجو پٽ ڏي. پوءِ هن اُهو هن جي گود مان کڻي مٿي ڪوٺيءَ ۾ آندو، جتي هو پاڻ رهندو هو، ۽ اُتي اُنهيءَ کي پنهنجي هنڌ تي رکيائين. 20۽ هن خداوند کي سڏي چيو تہ اي خداوند منهنجا خدا، تو هن زال جو پٽ ماري انهي تي بہ مصيبت آندي آهي ڇا؟ 21پوءِ هن ٽي ڀيرا پاڻ کي اُنهيءَ ٻار تي ليٽائي خداوند کي سڏي چيو تہ اي خداوند منهنجا خدا، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ هن ٻار ۾ وري ساهہ وجهہ. 22۽ خداوند ايلياہ جي دعا ٻڌي، ۽ ڇوڪر جو ساهہ موٽي هن ۾ آيو، ۽ هو وري جيئرو ٿيو. 23۽ ايلياہ ڇوڪر کڻي ڪوٺيءَ مان ڪڍي هيٺ لاهي گهر ۾ آندو، ۽ ماڻس کي ڏيئي ڇڏيائين: ۽ ايلياہ چيو تہ ڏس، تنهنجو پٽ جيئرو آهي. 24۽ اُنهيءَ زال ايلياہ کي چيو تہ هاڻي آءٌ ڄاڻان ٿي تہ تون خدا جو ٻانهو آهين، ۽ تنهنجي وات ۾ جو خدا جو ڪلام آهي سو سچو آهي.

Currently Selected:

1 - بادشاهہ 17: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy