YouVersion Logo
Search Icon

1 - يوحنا 5

5
1جنهن کي اهو ايمان آهي تہ يسوع ئي مسيح آهي، سو خدا مان نئين سر پيدا ٿيو آهي، ۽ جيڪو پيدا ڪندڙ کي پيار ٿو ڪري، سو انهي کي بہ پيار ٿو ڪري جنهن کي هن پيدا ڪيو آهي. 2جڏهن اسين خدا جي ٻارن کي پيار ٿا ڪريون، تڏهن ڄاڻون ٿا تہ خدا کي پيار ٿا ڪريون ۽ سندس حڪمن جا فرمانبردار آهيون. 3ڇالاءِ جو خدا جو پيار اهو ئي آهي، تہ اسين سندس حڪمن جي تعميل ڪريون؛ ۽ هن جا حڪم سخت نہ آهن. 4ڇالاءِ جو جيڪو خدا مان پيدا ٿيو آهي، سو دنيا تي غالب ٿو پوي؛ ۽ اهو غلبو جنهن دنيا کي فتح ڪيو آهي، سو اسان جو ايمان آهي. 5۽ دنيا کي مغلوب ڪرڻ وارو ٻيو ڪير آهي، سواءِ انهي جي، جو اهو ايمان ٿو رکي تہ يسوع خدا جو فرزند آهي؟ 6هي اهو ئي آهي جو پاڻيءَ ۽ رت سان آيو، يعني يسوع مسيح. نہ رڳو پاڻيءَ سان، پر پاڻي ۽ رت ٻنهي سان. 7۽ جيڪو شاهدي ٿو ڏئي، سو روح آهي، ڇوتہ روح حق آهي. 8ڇالاءِ جو شاهدي ڏيڻ وارا ٽي آهن: روح، پاڻي ۽ رت: ۽ اهي ٽيئي هڪڙي ئي ڳالهہ ٿا ڪن. 9جيڪڏهن اسين ماڻهن جي شاهدي قبول ٿا ڪريون، تہ خدا جي شاهدي انهي کان وڌيڪ آهي: ڇالاءِ جو خدا جي شاهدي هيءَ آهي، جا هن پنهنجي فرزند جي حق ۾ ڏني آهي. 10جيڪو خدا جي فرزند تي ايمان ٿو آڻي، تنهن ۾ شاهدي موجود آهي: جيڪو خدا تي ايمان نٿو آڻي تنهن هن کي ڪوڙو ڪيو آهي؛ ڇالاءِ تہ جيڪا شاهدي خدا پنهنجي فرزند جي حق ۾ ڏني آهي، تنهن تي ايمان نہ آندو اٿس. 11۽ اها شاهدي هيءَ آهي، تہ خدا اسان کي هميشہ جي زندگي ڏني، ۽ اها زندگي سندس فرزند ۾ آهي. 12جنهن وٽ فرزند آهي، تنهن وٽ زندگي آهي؛ جنهن وٽ خدا جو فرزند نہ آهي تنهن وٽ زندگي بہ ڪانهي.
13اوهين جي خدا جي فرزند جي نالي تي ايمان ٿا رکو، تن ڏانهن مون هي ڳالهيون لکيون آهن، انهي لاءِ تہ اوهان کي معلوم ٿئي تہ اوهان کي هميشہ جي زندگي ملي آهي. 14۽ اها ئي همت اسان کي هن جي حضور ۾ آهي، تہ جيڪڏهن اسين سندس مرضيءَ موجب ڪا شيءِ گهُرون، تہ هو اسان جي ٻُڌي ٿو. 15۽ جيڪڏهن اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪو سوال اسين هن کي ڪريون ٿا سو هو ٻُڌي ٿو، ۽ اسين ايترو بہ ڄاڻون ٿا تہ جيڪي عرض اسان کيس ڪيا آهن، سي قبول ٿيا آهن. 16جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ کي اهڙو گناهہ ڪندو ڏسي، جنهن جو نتيجو موت نہ هجي، تہ عرض ڪري، ۽ خدا هن جي ڪري انهي کي زندگي ڏيندو، جي اهڙا گناهہ نٿا ڪن جن جو نتيجو موت آهي. اهڙو بہ گناهہ آهي جنهن جو نتيجو موت آهي؛ اُنهي بابت عرض ڪرڻ لاءِ آئون نٿو چوان. 17هر طرح جي ناراستي گناهہ آهي: پر اهڙو بہ گناهہ آهي جنهن جو نتيجو موت نہ آهي.
18اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪو خدا مان پيدا ٿيل آهي سو گناهہ نٿو ڪري؛ پر جيڪو خدا مان پيدا ٿيو هو، سو هن جي حفاظت ٿو ڪري، ۽ اهو بڇڙو کيس هٿ لائي نٿو سگهي. 19اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين خدا جا آهيون، پر سارو جهان انهي بڇڙي جي قبضي ۾ آهي. 20۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند آيو آهي، ۽ اسان کي سمجهہ ڏني اٿس، تہ جيڪو سچو آهي تنهن کي ڄاڻون؛ ۽ جيڪو سچو آهي تنهن ۾ اسين آهيون، يعني سندس فرزند يسوع مسيح ۾. اهوئي سچو خدا ۽ هميشہ جي زندگي آهي. 21اي ننڍڙا ٻارو، پاڻ کي بُتن کان بچائجو.

Currently Selected:

1 - يوحنا 5: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in