1 - ڪرنٿين 9
9
1آئون آزاد نہ آهيان ڇا؟ آئون رسول نہ آهيان ڇا؟ مون اسان جي خداوند يسوع کي نہ ڏٺو آهي ڇا؟ اوهين خداوند ۾ منهنجي ڪاريگري نہ آهيو ڇا؟ 2جيڪڏهن آئون ٻين جي لاءِ رسول نہ آهيان، تہ بہ لٿي پٿي اوهان جي لاءِ تہ آهيان؛ ڇالاءِ جو اوهين پاڻ خداوند ۾ منهنجي رسالت جي مُهر آهيو.
3جيڪي منهنجو امتحان وٺڻ ٿا چاهين، تن کي منهنجو جواب هي آهي. 4اسان کي کائڻ پيئڻ جو اختيار ڪونهي ڇا؟ 5اسان کي اهو اختيار ناهي ڇا تہ جيئن ٻيا رسول، ۽ خداوند جا ڀائر ۽ ڪيفاس ٿا ڪن، تيئن ڪنهن مسيحي زال سان شادي ڪري کيس پاڻ سان رکون؟ 6يا فقط مون کي ۽ برناباس کي اهو اختيار ڪونهي تہ پورهئي ڪرڻ کان نہ ڇُٽون؟ 7ڪڏهن ڪو سپاهي پنهنجي خرچ تي جنگ ڪري ٿو ڇا؟ اهو ڪير آهي جو ڊاک جو منهہ پوکي ٿو ۽ انهي جو ڦل نٿو کائي؟ يا ڪير ڌڻ چاري ٿو ۽ ڌڻ جو کير نٿو پيئي؟
8اهي ڳالهيون آئون انسانن جي دستور موجب ٿو چوان ڇا؟ يا شريعت بہ ائين نٿي چوي ڇا؟ 9ڇالاءِ جو موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي تہ ”جڏهن ڪو ڏاند اَن ڳاهي، تڏهن اُن جو ٻُوٿ نہ ٻَڌ.“ هاڻي خدا کي رڳو ڏاندن جو فڪر آهي ڇا؟ 10يا هو خاص اسان جي لاءِ بہ ائين ٿو چوي؟ هائو، اهو اسان لاءِ لکيو ويو آهي، تہ هاريءَ کي اُميد رکي هر ڏيڻ گهرجي، ۽ جيڪو اَن ڳاهي ٿو تنهن کي اها اميد رکڻ گهرجي تہ انهي مان حصو ملندس. 11جيڪڏهن اسان اوهان لاءِ روحاني شيون پوکيون، تہ اها ڪا وڏي ڳالهہ آهي ڇا تہ اسين اوهان جي جسماني شين ۾ حصيدار ٿيون؟ 12جيڪڏهن ٻين کي اوهان جي مٿان اهو اختيار آهي تہ اسان کي انهي کان وڌيڪ نہ آهي ڇا؟ انهي هوندي بہ اسان اهو اختيار نہ هلايو، پر اسين سڀ ڪجهہ برداشت ٿا ڪريون، انهي لاءِ تہ مسيح جي خوشخبري ڦهلائڻ ۾ ڪا رنڊڪ نہ وجهون. 13اوهان کي خبر ڪانهي ڇا تہ جيڪي هيڪل ۾ خدمت ٿا ڪن سي هيڪل جي شين مان ٿا کائين؛ ۽ جيڪي قربانگاهہ جي خدمت ٿا ڪن، تن کي قربانگاهہ مان حصو ٿو ملي؟ 14انهيءَ طرح خداوند بہ ائين ٺهرايو آهي، تہ جيڪي انجيل جي منادي ٿا ڪن، تن جو گذران انجيل جي ڪري ئي ٿئي.
15پر مون اهو رستو استعمال ڪونہ ڪيو آهي، ۽ آئون هي ڳالهيون انهي لاءِ نٿو لکان تہ منهنجي نسبت ۾ ائين ڪرڻ ۾ اچي. متان ڪو ماڻهو منهنجو فخر کسي وٺي تنهن کان منهنجي لاءِ مرڻ بهتر آهي. 16ڇالاءِ جو جيڪڏهن آئون انجيل جي منادي ٿو ڪريان، تہ مون کي فخر ڪرڻ جو سبب ڪونهي، ڇالاءِ جو اهو منهنجو فرض آهي. ۽ جيڪڏهن انجيل جي منادي نہ ڪريان، تہ منهنجي حال تي افسوس! 17ڇالاءِ تہ جي آئون پنهنجي مرضيءَ سان ائين ٿو ڪريان تہ انهي جو مون کي اُجورو ٿو ملي، پر جي پنهنجي مرضيءَ کانسواءِ ٿو ڪريان تہ پوءِ اِها مختياري مون کي سونپيل آهي. 18تڏهن منهنجو اُجورو ڪهڙو ٿيو؟ اهو تہ جڏهن انجيل جي منادي ڪريان تڏهن اُها مفت ٻُڌايان، ۽ انجيل جي نسبت ۾ جيڪو منهنجو حق آهي، سو پوريءَ طرح ڪم نہ آڻيان. 19ڇالاءِ تہ جيتوڻيڪ آئون سڀني ماڻهن کان آزاد هوس، تہ بہ مون پاڻ کي سڀني جو غلام ڪيو، انهي لاءِ تہ گهڻن کي ڇڪي آڻيان. 20۽ يهودين جي لاءِ آئون يهودين جهڙو ٿيس تہ يهودين کي هٿ ڪريان؛ جيڪي شريعت جي ماتحت آهن، انهن جي لاءِ آئون شريعت جي ماتحت ٿيس، جيتوڻيڪ آئون پاڻ شريعت جي ماتحت نہ هوس، سو انهي لاءِ تہ شريعت وارن کي هٿ ڪريان. 21جن وٽ شريعت ڪانهي، تن جي لاءِ آئون بي شريعت جهڙو ٿيس، اگرچہ خدا جي اڳيان آئون بي شريعت نہ هوس، پر مسيح جي شريعت هيٺ هوس، سو انهي لاءِ تہ جيڪي بي شريعت آهن تن کي هٿ ڪريان. 22ڪمزورن جي لاءِ آئون ڪمزور ٿيس تہ ڪمزورن کي بچايان، آئون سڀني ماڻهن جي لاءِ سڀ ڪجهہ ٿيو آهيان، تہ هر طرح سان ڪن کي بچايان. 23۽ آئون انجيل جي واسطي سڀ ڪجهہ ٿو ڪريان، تہ انهيءَ جي بخشش ۾ حصيدار ٿيان.
24اوهان کي خبر ڪانهي ڇا تہ شرط ۾ ڊوڙڻ وارا تہ سڀيئي ٿا ڊوڙن، مگر انعام فقط هڪڙي کي ٿو ملي؟ اوهين بہ اهڙيءَ طرح ڊوڙو جو انعام حاصل ڪريو. 25هرڪو پهلوان سڀني ڳالهين ۾ پرهيز ٿو ڪري. هاڻي هو جو ائين ٿا ڪن، سو فاني تاج حاصل ڪرڻ لاءِ، پر اسين غير فانيءَ لاءِ. 26تنهنڪري آئون بہ بي ٺڪاڻي نٿو ڊوڙان؛ نڪي آئون هوا کي مُڪون ٿو هڻان؛ 27بلڪ آئون پنهنجي بدن کي مُڪون ٿو هڻان ۽ انهي کي قابو ٿو ڪريان، تہ متان ٻين کي منادي ڪرڻ کانپوءِ پاڻ قبول نہ پوان.
Currently Selected:
1 - ڪرنٿين 9: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.