1 - ڪرنٿين 14
14
1محبت جا طالب ٿيو، ۽ شوق سان روحاني نعمتن جي آرزو رکو، خاص ڪري انهي لاءِ تہ نبوت ڪريو. 2ڇالاءِ تہ جيڪو نامعلوم ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ٿو، سو ماڻهن سان نٿو ڳالهائي، پر خدا سان ٿو ڳالهائي؛ هن ڪري جو ڪوبہ ماڻهو اها ٻولي نٿو سمجهي، مگر هو تہ روح جي ڪري ڳُجهيون ڳالهيون ٿو ڪري. 3پر جيڪو نبوت ٿو ڪري سو ماڻهن سان سڌاري، ۽ نصيحت، ۽ دلاسي جون ڳالهيون ٿو ڪري. 4جيڪو نامعلوم ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ٿو سو پنهنجو سڌارو ٿو ڪري، پر جيڪو نبوت ٿو ڪري سو ڪليسيا کي ٿو سڌاري. 5جيتوڻيڪ منهنجي مرضي آهي تہ اوهين سڀ نامعلوم ٻوليون ڳالهايو، پر بهتر ائين آهي تہ نبوت ڪريو. ۽ جيڪو نامعلوم ٻوليون ٿو ڳالهائي سو جيڪڏهن ڪليسيا جي سڌاري لاءِ ترجمو نہ ڪري سگهي، تہ انهي کان نبوت ڪندڙ وڏو آهي.
6پر هاڻي اي ڀائرو، جيڪڏهن آئون اوهان وٽ اچي نامعلوم ٻولين ۾ ڳالهايان، پر مڪاشفي، يا علم، يا نبوت، يا تعليم جي رستي نہ ڳالهايان، تہ آئون اوهان کي ڪهڙو فائدو رسائيندس؟ 7بي جان شيون، جيئن تہ بانسري يا بربط، جن مان آواز ٿو نڪري، تن جي آوازن ۾ بہ جي تفاوت نہ هوندو تہ ڪيئن معلوم ٿي سگهندو تہ بانسري يا بربط جو ڪهڙو سُر آهي؟ 8۽ جيڪڏهن تُريءَ جو آواز چٽو نہ هوندو، تہ ڪير پاڻ کي جنگ جي لاءِ تيار ڪندو؟ 9انهيءَ طرح اوهين بہ جيڪي زبان سان ڳالهائيندا، سو جيسين سمجهہ ۾ نہ ايندو، تيسين ڪيئن خبر پوندي تہ ڇا ٿا ڳالهايو؟ بلڪ ڄڻ تہ هوا سان ٿا ڳالهايو. 10دنيا ۾ کڻي گهڻن ئي قسمن جون ٻوليون هجن، پر تن مان ڪابہ اهڙي ڪانهي جا بي معنيٰ هجي؛ 11پر جيڪڏهن اها ٻولي مون کي نہ ايندي هوندي تہ ڳالهائڻ واري جي نظر ۾ آئون ڌاريو ٿيندس، ۽ ڳالهائڻ وارو بہ منهنجي نظر ۾ ڌاريو ٿيندو. 12تنهنڪري اوهين بہ، جن کي روحاني نعمتن جي آرزو آهي، سي اها ڪوشش ڪريو تہ اوهان جي نعمتن جي وڌڻ ڪري ڪليسيا جو سڌارو ٿئي. 13تنهنڪري جيڪو ڪنهن ڌاريءَ ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ٿو، تنهن کي دعا گهُرڻ کپي تہ ترجمو بہ ڪري سگهي. 14ڇالاءِ جو جيڪڏهن آئون ڪنهن ڌاريءَ ٻوليءَ ۾ دعا گهُران، تہ منهنجو روح دعا گهُري ٿو، پر منهنجو عقل بيڪار آهي. 15تڏهن ڇا ڪجي؟ آئون روح سان بہ دعا گهُرندس ۽ عقل سان بہ دعا گهُرندس: آئون روح سان بہ ڳالهائيندس ۽ عقل سان بہ ڳالهائيندس. 16نہ تہ جي تون فقط روح سان دعا ڪندين تہ جيڪو ناواقف آهي سو تنهنجي شڪرگذاريءَ ڪرڻ تي ڪيئن آمين چوندو، جڏهن جيڪي تون چوين ٿو سو هو نٿو سمجهي؟ 17ڇالاءِ جو تون تہ برابر چڱيءَ طرح شڪرگذاري ٿو ڪرين، پر هن ٻئي کي تہ فائدو ڪونہ ٿو رسي. 18آئون خدا جو شڪر ٿو ڪريان، تہ آئون اوهان سڀني کان زيادہ ٻوليون ٿو ڳالهايان؛ 19تنهن هوندي بہ ڪليسيا ۾ نامعلوم ٻوليءَ ۾ ڏهہ هزار لفظ ڳالهائڻ کان مون کي اهو زيادہ پسند آهي تہ سمجهہ سان پنج لفظ ڳالهايان، تہ ٻين کي بہ تعليم ڏيئي سگهان.
20اي ڀائرو، اوهين سمجهہ ۾ ٻار نہ ٿيو، بديءَ ۾ تہ ٻارڙا ٿيا، پر سمجهہ ۾ بالغ ٿيو. 21شريعت ۾ لکيل آهي تہ خداوند فرمائي ٿو تہ ”آئون ڌارين ماڻهن جي ٻولين ۽ ڌارين ماڻهن جي واتان هن اُمت سان ڳالهائيندس، تہ بہ هو منهنجي نہ ٻُڌندا.“ 22تنهنڪري ٻوليون ايمان وارن جي لاءِ نہ پر جيڪي ايمان وارا نہ آهن تن لاءِ نشان آهن، ۽ نبوت انهن لاءِ نشان نہ آهي جيڪي ايمان وارا نہ آهن، پر انهن لاءِ آهي، جيڪي ايمان وارا آهن. 23تنهنڪري جيڪڏهن ساري ڪليسيا هڪڙي هنڌ گڏ ٿئي، ۽ سڀيئي ڌاريون ٻوليون ڳالهائين، ۽ جيڪڏهن اوپرا يا بي دين ماڻهو اندر لنگهي اچن، تہ اُهي ائين ڪين چوندا تہ اوهين چريا آهيو؟ 24پر جيڪڏهن سڀ نبوت ڪندا ۽ ڪو بي دين يا اوپرو ماڻهو اندر لنگهي ايندو، تہ سڀيئي هن کي قائل ڪندا ۽ کيس پرکي وٺندا، 25۽ سندس دل جا ڳُجهہ ظاهر ٿي پوندا، ۽ نيٺ هو گوڏا کوڙي خدا کي سجدو ڪندو، ۽ قبول ڪندو تہ تحقيق خدا اوهان ۾ آهي.
26تڏهن اي ڀائرو ڇا؟ جيڪڏهن اوهين گڏ ٿيو ٿا، تڏهن ڪو زبور ٿو ڳائي، ڪو تعليم ٿو ڏئي، ڪو مڪاشفو ٿو ظاهر ڪري، ڪو نامعلوم ٻولي ٿو ڳالهائي، ۽ ڪو سمجهاڻي ٿو ڏئي، پر اهي سڀ ڳالهيون سڌاري لاءِ هئڻ گهرجن. 27جيڪڏهن ڪي ماڻهو نامعلوم ٻوليءَ ۾ ڳالهائين، تہ ٻہ، يا وڌيڪ ۾ وڌيڪ ٽي ڄڻا ٿي ڳالهائين، سي بہ واري واري؛ ۽ هڪڙو سمجهائيندو رهي. 28پر جي ترجمي ڪرڻ وارو نہ هجي تہ اُهي ڪليسيا ۾ ماٺ ڪيو ويٺا هجن، ۽ پاڻ سان ۽ خدا سان ڳالهائين. 29۽ نبوت ڪرڻ وارا بہ ٻہ يا ٽي ڳالهائين، ۽ ٻيا هنن جي ڪلام جي جاچ ڪن. 30پر جي ٻئي ڪنهن ويٺل کي الهام اچي وڃي، تہ هو پهريان ماٺ ڪري ويهن. 31ڇالاءِ جو اوهين سڀيئي هڪڙو هڪڙو ٿي نبوت ڪري سگهندا، انهي لاءِ تہ سڀيئي سکن ۽ نصيحت حاصل ڪن؛ 32۽ نبين جا روح نبين جي تابع آهن. 33ڇالاءِ تہ خدا گڙٻڙ جو نہ پر اطمينان جو خدا آهي.
جيئن پاڪ ٿيلن جي سڀني ڪليسيائن ۾ آهي، 34زالن کي جماعت ۾ ماٺ ڪري ويهڻ کپي، ڇالاءِ جو هنن کي ڳالهائڻ جي اجازت ڪانهي، پر کين تابعدار رهڻ کپي، جيئن شريعت ۾ بہ فرمايل آهي. 35۽ جي هو ڀانئين تہ ڪجهہ سِکون تہ اُهو هنن کي گهر ۾ پنهنجن مڙسن کان پڇڻ کپي، ڇالاءِ جو زال جي لاءِ اها شرم جي ڳالهہ آهي تہ جماعت ۾ ڳالهائي. 36ڇا خداوند جو ڪلام اوهان منجهان نڪتو؟ يا رڳو اوهان وٽ آيو؟
37جيڪڏهن ڪو پاڻ کي نبي يا روحاني ماڻهو سمجهي، تہ ڄاڻي تہ جيڪي ڳالهيون آئون اوهان ڏانهن لکان ٿو، سي خداوند جا حڪم آهن. 38پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو نہ مڃي تہ نہ مڃي. 39تنهنڪري، اي منهنجا ڀائرو، دل سان نبوت ڪرڻ جي آرزو رکو، ۽ ڌارين ٻولين ۾ ڳالهائڻ جي منع نہ ڪريو. 40پر سڀ ڳالهيون فضيلت سان ۽ ترتيب وار ڪرڻ کپن.
Currently Selected:
1 - ڪرنٿين 14: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.