1
رومين 13:15
Sindhi Bible FB
SB
هاڻ جڏهن تہ اوهين ايمان تي قائم آهيو، تڏهن شل اميد بخشيندڙ خدا اوهان کي خوشيءَ ۽ سلامتيءَ سان ڀرپور ڪري، تہ جيئن پاڪ روح جي قدرت سان اوهان جي اميد ۾ گھڻو واڌارو ايندو وڃي.
Compare
Explore رومين 15:13
2
رومين 4:15
جيڪي بہ ڳالهيون اڳي لکيون ويون آهن، سي اسان جي تعليم لاءِ آهن، تہ جيئن ثابت قدميءَ مان ۽ پاڪ ڪلام کان مليل حوصلي مان اسان کي اميد حاصل ٿئي.
Explore رومين 15:4
3
رومين 5:15-6
سو ثابت قدمي بخشيندڙ ۽ حوصلو ڏيندڙ خدا شل اوهان کي هيءَ توفيق ڏئي جو اوهين عيسيٰ مسيح جي پيروي ڪندي پاڻ ۾ هڪ دل ٿي رهو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين سڀ گڏجي هڪ زبان سان خدا جي واکاڻ ڪريو، جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو پيءُ آهي.
Explore رومين 15:5-6
4
رومين 7:15
تنهنڪري جيئن مسيح اوهان کي قبول ڪيو آهي تيئن اوهين بہ هڪٻئي کي قبول ڪريو، تہ جيئن خدا جي واکاڻ ٿئي.
Explore رومين 15:7
5
رومين 2:15
اسان مان هر هڪ کي پنهنجي همايمان جي مرضيءَ جو لحاظ رکڻ گھرجي، تہ جيئن هن جي ايمان ۾ بہ واڌارو ٿئي.
Explore رومين 15:2
Home
Bible
Plans
Videos