1
مڪاشفو 20:3
Sindhi Bible FB
SB
ڏسو، آءٌ دروازي وٽ بيهي کڙڪايان ٿو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجو آواز ٻڌي دروازو کوليندو تہ آءٌ اندر لنگھي وٽس ويندس ۽ اسين ٻيئي گڏجي ماني کائينداسين.
Compare
Explore مڪاشفو 3:20
2
مڪاشفو 15:3-16
”مون کي اوهان جي عملن جي ڄاڻ آهي. اوهين نہ ٿڌا آهيو نڪي گرم. ڪاش! اوهين ٿڌا يا گرم هجو ها تہ چڱو ٿئي ها. پر اوهين نہ گرم نڪي ٿڌا، بلڪ نيم گرم آهيو. تنهنڪري آءٌ اوهان کي پنهنجي وات مان ٿوڪاري ڇڏيندس.
Explore مڪاشفو 3:15-16
3
مڪاشفو 19:3
آءٌ جن سان پيار ڪندو آهيان تن کي تنبيهہ ۽ سيکت بہ ڏيندو آهيان، تنهنڪري سرگرم ٿيو ۽ توبهہتائب ٿيو.
Explore مڪاشفو 3:19
4
مڪاشفو 8:3
”مون کي اوهان جي عملن جي ڄاڻ آهي ۽ ڄاڻان ٿو تہ اوهان ۾ طاقت ٿوري آهي. تنهن هوندي بہ اوهان منهنجي پيغام تي عمل ڪيو ۽ منهنجي نالي جو انڪار ڪين ڪيو. سو مون اوهان جي اڳيان هڪڙو دروازو کولي ڇڏيو آهي، جنهن کي ڪوبہ بند ڪري نہ ٿو سگھي.
Explore مڪاشفو 3:8
5
مڪاشفو 21:3
جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو تنهن کي آءٌ پاڻ سان گڏ پنهنجي تخت تي ويهاريندس، جهڙيءَ طرح آءٌ پاڻ غالب پيس ۽ پنهنجي پيءُ سان گڏ سندس تخت تي ويٺس.
Explore مڪاشفو 3:21
6
مڪاشفو 17:3
ڏسو، اوهين چئو ٿا تہ ’اسين دولتمند آهيون ۽ گھڻو مال ملڪيت گڏ ڪيو آهي ۽ ڪنهن بہ شيءِ جي گھرج ڪانہ آهي.‘ پر اوهان کي اها خبر ڪانهي تہ حقيقت ۾ اوهين بدبخت، ڏکيارا، ڪنگال، انڌا ۽ اگھاڙا آهيو.
Explore مڪاشفو 3:17
7
مڪاشفو 10:3
جيئن تہ اوهين منهنجي حڪم مطابق ثابت قدم رهيا آهيو، تنهنڪري آءٌ آزمائش جي انهيءَ گھڙيءَ ۾ اوهان جي حفاظت ڪندس، جيڪا ڌرتيءَ تي رهڻ وارن جي آزمائش لاءِ سڄي جهان تي اچڻي آهي.
Explore مڪاشفو 3:10
8
مڪاشفو 11:3
آءٌ جلد اچڻو آهيان. جيڪي ڪجھہ اوهان وٽ آهي تنهن کي مضبوطيءَ سان جھليو تہ ڪوبہ اوهان جو تاج کسي نہ وٺي.
Explore مڪاشفو 3:11
9
مڪاشفو 2:3
اوهين سجاڳ ٿيو ۽ جيڪي ڪجھہ اوهان وٽ باقي بچيو آهي ۽ ناس ٿيڻ تي آهي تنهن کي مضبوط ڪريو، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان جي ڪنهن بہ عمل کي پنهنجي خدا جي آڏو پورو نہ ڏٺو آهي.
Explore مڪاشفو 3:2