يرمياہ 8:20-9
يرمياہ 8:20-9 SB
جنهن بہ وقت آءٌ ڳالهايان ٿو تہ، ظلم ۽ تباهيءَ جو ئي اعلان ٿو ڪريان. اهڙيءَ طرح تو خداوند جو فرمان سڄو ڏينهن مون لاءِ بيعزتي ۽ کل ٺٺوليءَ جو سبب ٿو بڻجي. پر جيڪڏهن آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تو بابت ڪوبہ ذڪر نہ ڪندس، ۽ تنهنجي نالي سان اڳتي وري ڪجھہ بہ نہ چوندس، تہ پوءِ تنهنجو فرمان منهنجي دل ۾ ڄڻ تہ هڪڙي اهڙي باهہ وانگر ڀڙڪي ٿو جيڪا منهنجي هڏن منجھہ لڪل آهي. آءٌ انهيءَ کي برداشت ڪرڻ جي ڪوشش تہ ڪريان ٿو، پر ڪري نہ ٿو سگھان.





