1
يسعياہ 5:53
Sindhi Bible FB
SB
جڏهن تہ هو اسان جي ئي گناهن جي ڪري زخمي ڪيو ويو، ۽ اسان جي ئي بڇڙاين جي ڪري چٿيو ويو. اسان جي سلامتيءَ لاءِ هن تي سزا آئي، ۽ هن جي ئي مار کائڻ سان اسين ڇٽي چڱا ڀلا ٿياسين.
Compare
Explore يسعياہ 53:5
2
يسعياہ 6:53
اسين سڀ اهڙين رڍن وانگر آهيون، جيڪي پنهنجي رستي کان ڀٽڪي ٿيون وڃن. اسان مان هر ڪو پنهنجي پنهنجي رستي ڏانهن ڦري ٿو وڃي. پر خداوند اها سزا هن جي مٿان آندي، جڏهن تہ انهيءَ سزا جا حقدار اسين ئي هئاسين.
Explore يسعياہ 53:6
3
يسعياہ 4:53
يقيناً هن اسان جا ڏک سٺا، ۽ اسان جا غم پاڻ تي کنيا. پر اسان هن جي تڪليفن کي خدا جي طرفان مليل سزا سمجھيو.
Explore يسعياہ 53:4
4
يسعياہ 3:53
هو ماڻهن ۾ حقير ۽ رد ٿيل هو. هن جي زندگي ڏکن ۽ مشڪلاتن سان اهڙي تہ ڀريل هئي، جو اسان بہ ڏانهس ڏسڻ گوارا نہ ٿي ڪيو. هن کي ڌڪاريو ويو، ۽ اسان بہ سندس ڪو قدر نہ ڪيو.
Explore يسعياہ 53:3
5
يسعياہ 7:53
هن تي ظلم ڪيو ويو پر هن اهو برداشت ڪيو، ۽ واتان ٻڙڪ بہ نہ ڪڇيائين. هائو، جيئن ڪو گھيٽڙو ڪهڻ واري جي اڳيان، يا ڪا رڍ اُن ڪترڻ واري جي اڳيان ماٺ ڪيو بيهندي آهي، تيئن هن بہ هڪ لفظ نہ ڪڇيو.
Explore يسعياہ 53:7
6
يسعياہ 10:53
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اها منهنجي مرضي هئي تہ هو ڏک سهي، بيشڪ هن جو موت گناهن جي معافيءَ واسطي ڪفارو هو. سو هاڻ هو وڏي عمر ماڻيندو ۽ پنهنجو نسل ڏسندو. هن جي وسيلي منهنجي مرضي پوري ٿيندي.
Explore يسعياہ 53:10
7
يسعياہ 2:53
پر ٿيو ائين ئي جيئن خدا جي مرضي هئي تہ سندس ٻانهو هڪڙي خسيس ٻوٽي وانگر مشڪلاتن جي خشڪ زمين مان پاڙ هڻي ڦٽي نڪري. سو انهيءَ ۾ نہ ڪا حشمت هئي، ۽ نہ وري ڪا سونهن هئي جو اسين ڏانهس ڌيان ڏيون. منجھس ڪا خوبصورتي ئي ڪانہ هئي، جو اسين سندس مشتاق بڻجون.
Explore يسعياہ 53:2
8
يسعياہ 12:53
جيئن تہ هن پنهنجي جان موت جي حوالي ڪئي، تنهنڪري آءٌ خداوند هن کي عزت ۽ طاقت عطا ڪندس. ماڻهن هن کي گنهگار سمجھيو، جڏهن تہ هن گھڻن جا گناهہ پنهنجي سر تي کنيا، ۽ بدڪارن جي شفاعت ڪيائين.“
Explore يسعياہ 53:12
9
يسعياہ 11:53
هو پنهنجي ڏکن واري زندگيءَ کان پوءِ وري خوشيون ڏسندو. هن کي مون بابت وڏو عرفان حاصل هوندو، سو منهنجو اهو سچار ٻانهو گھڻن ئي کي سچار قرار ڏيندو، ۽ انهن جون خطائون پنهنجي سر تي کڻندو. هائو، هن جي خاطر آءٌ گھڻن ئي کي معاف ڪري ڇڏيندس.
Explore يسعياہ 53:11
10
يسعياہ 8:53
هن کي گرفتار ڪيو ويو، ۽ مٿس سزا جي فتويٰ مڙهي کيس مارڻ لاءِ نيو ويو. هن جي انجام جي ڪنهن بہ پرواهہ نہ ڪئي. کيس جيئرن جي جهان مان ڪڍيو ويو. هائو، هو اسان جي گناهن جي ڪري قتل ڪيو ويو.
Explore يسعياہ 53:8
11
يسعياہ 9:53
جيتوڻيڪ هن ڪوبہ ظلم نہ ڪيو هو، ۽ نہ وري سندس زبان مان ڪا ٺڳيءَ جي ڳالهہ نڪتي هئي، تنهن هوندي بہ کيس بدڪارن سان گڏ دفنايو ويو، ۽ دولتمندن سان گڏ قبر ۾ رکيو ويو.“
Explore يسعياہ 53:9