1
عبرانين 18:2
Sindhi Bible FB
SB
هاڻ جيئن تہ عيسيٰ مسيح آزمائش ۾ پئي پاڻ تڪليفون سٺيون، تنهنڪري هو انهن جي مدد ڪري سگھي ٿو جيڪي آزمائش ۾ پون ٿا.
Compare
Explore عبرانين 2:18
2
عبرانين 14:2
سو جيئن اهي ٻار انسان آهن، تيئن عيسيٰ پاڻ بہ انهن سان گڏ انهن وانگر بڻيو، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي موت جي وسيلي موت تي اختيار رکندڙ يعني ابليس کي ناس ڪري.
Explore عبرانين 2:14
3
عبرانين 1:2
تنهنڪري لازمي آهي تہ عيسيٰ بابت جيڪي ڳالهيون اسان ٻڌيون آهن، تن تي اسين وڌيڪ ڌيان ڏيون، انهيءَ لاءِ تہ متان لڙهي انهن کان پري نڪري نہ وڃون.
Explore عبرانين 2:1
4
عبرانين 17:2
تنهنڪري اهو لازمي هو تہ هو پاڻ بہ هر طرح پنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ هو اهڙو سردار ڪاهن ٿئي، جيڪو رحمدل ۽ وفادار هجي ۽ ماڻهن جي گناهن جو ڪفارو ادا ڪري سگھي.
Explore عبرانين 2:17
5
عبرانين 9:2
پر اسين عيسيٰ کي ڏسون ٿا، جنهن کي ”ملائڪن کان ٿورڙو گھٽ“ ڪيو ويو هو، تہ جيئن هو خدا جي فضل سان هر انسان لاءِ موت جو ذائقو چکي. سو جيئن تہ هن موت جي تڪليف سٺي، تنهنڪري کيس ”عزت ۽ عظمت وارو تاج“ پارايو ويو آهي.
Explore عبرانين 2:9