حزقيايل 1:37-2
حزقيايل 1:37-2 SB
هڪڙي دفعي مون حزقيايل تي خداوند جي قدرت وڏي زور سان نازل ٿي. هن جي روح مون کي کڻي هڪڙي اهڙي ماٿريءَ ۾ آڻي لاٿو، جيڪا انساني هڏين سان ڀري پيئي هئي. هن مون کي ماٿريءَ ۾ چوڌاري گھمايو ڦيرايو ۽ مون ڏٺو تہ هڏيون تمام گھڻيون پيون هيون ۽ اهي سڀيئي بلڪل سڪل هيون.





