1
1.ٿسلونيڪين 17:4
Sindhi Bible FB
SB
انهيءَ کان پوءِ اسان ايمان وارن مان جيڪي ان وقت جيئرا هوندا سي انهن سان گڏ ڪڪرن ۾ مٿي کنيا ويندا، تہ جيئن هوا ۾ خداوند عيسيٰ جو استقبال ڪن. انهيءَ طرح اسين سڀ خداوند عيسيٰ سان هميشہ گڏ رهنداسين.
Compare
Explore 1.ٿسلونيڪين 4:17
2
1.ٿسلونيڪين 16:4
اهو ملائڪن جي سردار جي آواز سان ۽ خدا طرفان توتاري وڄڻ سان ٿيندو. ان وقت خداوند عيسيٰ وڏي واڪي حڪم ڏيندي پاڻ آسمان مان هيٺ لهندو. تڏهن جيڪي مسيح تي ايمان رکندي مري ويا آهن سي پهريائين جيئرا ٿي اٿندا.
Explore 1.ٿسلونيڪين 4:16
3
1.ٿسلونيڪين 3:4-4
مطلب تہ خدا جي مرضي اها آهي تہ اوهين هن لاءِ مخصوص ۽ پاڪ رهو. سو زناڪاريءَ کان پوريءَ طرح پاسو ڪريو. اوهان مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي بدن کي پاڪ ۽ عزت واري نموني ۾ تابع رکڻ سکي،
Explore 1.ٿسلونيڪين 4:3-4
4
1.ٿسلونيڪين 14:4
ڏسو، جيئن تہ اسان جو ايمان آهي تہ عيسيٰ مري ويو ۽ وري جيئرو ٿي اٿيو، تيئن اسان جو هي بہ ايمان آهي تہ جيڪي عيسيٰ ۾ مري ويا آهن، تن کي بہ خدا عيسيٰ سان گڏ رهائيندو.
Explore 1.ٿسلونيڪين 4:14
5
1.ٿسلونيڪين 11:4
جهڙيءَ طرح اسان اوهان کي اڳي ئي چئي ڇڏيو آهي، تهڙيءَ طرح ڪوشش ڪري امن وَ امان واري زندگي گذاريو، پنهنجي ڪم سان ڪم رکو ۽ پنهنجن هٿن سان پورهيو ڪريو.
Explore 1.ٿسلونيڪين 4:11
6
1.ٿسلونيڪين 7:4
ياد رکو، خدا اسان کي ناپاڪ زندگي گذارڻ لاءِ نہ، پر پاڪ زندگي گذارڻ لاءِ سڏيو آهي.
Explore 1.ٿسلونيڪين 4:7