1
1.ڪرنٿين 4:13-5
Sindhi Bible FB
SB
محبت صبر ڪرڻ واري ۽ مهربان آهي. محبت حسد نہ ٿي ڪري، نڪي پاڻ کي پڏائي ٿي ۽ نہ وري پاڻ بابت ٻٽاڪون ٿي هڻي. محبت بدتميزي نہ ٿي ڪري، محبت خودغرض نہ ٿي ٿئي، محبت جلدي نہ ٿي چڙي ۽ نہ وري غلطين جو حساب ڪتاب ٿي رکي.
Compare
Explore 1.ڪرنٿين 13:4-5
2
1.ڪرنٿين 7:13
محبت سڀ ڪجھہ ڍڪي ڇڏي ٿي ۽ پورو اعتماد رکي ٿي. محبت پوري اميد رکي ٿي ۽ سڀ ڪجھہ برداشت ڪري ٿي.
Explore 1.ڪرنٿين 13:7
3
1.ڪرنٿين 6:13
محبت بڇڙائيءَ ۾ خوش نہ ٿي ٿئي، پر سچائيءَ ۾ خوش ٿئي ٿي.
Explore 1.ڪرنٿين 13:6
4
1.ڪرنٿين 13:13
مطلب تہ ايمان، اميد ۽ محبت، اهي ٽيئي اٽل آهن. پر انهن ٽنهي مان محبت افضل آهي.
Explore 1.ڪرنٿين 13:13
5
1.ڪرنٿين 8:13
محبت ڪڏهن ختم نہ ٿي ٿئي، جڏهن تہ خدا جو پيغام ٻڌائڻ جو ڪم ختم ٿي ويندو، اڻڄاتل ٻوليون بند ٿي وينديون، ۽ ڄاڻ ميٽجي ويندي،
Explore 1.ڪرنٿين 13:8
6
1.ڪرنٿين 1:13
جيڪڏهن آءٌ انسانن توڙي ملائڪن جون ٻوليون ڳالهائيندو هجان، پر مون ۾ محبت نہ آهي، تہ پوءِ آءٌ رڳو وڄندڙ گھِنڊ، يا ڇمڪندڙ جھانجھر آهيان.
Explore 1.ڪرنٿين 13:1
7
1.ڪرنٿين 2:13
جيڪڏهن مون کي خدا جو پيغام ٻڌائڻ جي نعمت مليل هجي، سڀني رازن ۽ هر ڄاڻ جي واقفيت هجي، ۽ منهنجو ايمان ايڏو تہ ڪامل هجي، جو آءٌ جبلن کي بہ هٽائي سگھان، پر جيڪڏهن مون ۾ محبت نہ آهي، تہ آءٌ ڪجھہ بہ نہ آهيان.
Explore 1.ڪرنٿين 13:2
8
1.ڪرنٿين 3:13
جيڪڏهن آءٌ پنهنجو سڀ مال ملڪيت غريبن ۾ ورهائي ڇڏيان، بلڪ پنهنجي جان بہ جوکي ۾ وجھان، پر مون ۾ محبت نہ آهي، تہ انهيءَ مان مون کي ڪو فائدو ڪونہ ٿيندو.
Explore 1.ڪرنٿين 13:3
9
1.ڪرنٿين 11:13
جڏهن آءٌ ٻار هئس، تڏهن ٻارن وانگر ڳالهائيندو هئس، ٻارن وانگر سمجھندو هئس ۽ ٻارن وانگر سوچيندو هئس. پر جڏهن آءٌ جوان ٿيس، تڏهن ٻاراڻيون ڳالهيون ڇڏي ڏنم.
Explore 1.ڪرنٿين 13:11