هڪڙي کي پاڪ روح ڏاهپ سان ڳالهائڻ جي نعمت بخشي ٿو تہ ٻئي کي ساڳيو پاڪ روح ڄاڻ سان ڳالهائڻ جي نعمت ٿو بخشي. ڪنهن کي ساڳيو پاڪ روح ايمان ۾ مضبوطي بخشي ٿو تہ ڪنهن کي اهو هڪڙو ئي پاڪ روح شفا ڏيڻ جي نعمت ٿو عطا ڪري. پاڪ روح ڪنهن کي معجزن ڪرڻ جي طاقت ڏئي ٿو تہ ڪنهن کي خدا جو پيغام ٻڌائڻ جي نعمت ٿو بخشي. ڪنهن کي سچن ۽ ڪوڙن روحن کي سڃاڻڻ جي لياقت ڏئي ٿو تہ ڪنهن کي اڻڄاتل ٻوليون ڳالهائڻ جي ۽ ڪنهن کي انهن ٻولين جي ترجمي ڪرڻ جي قابليت ڏئي ٿو.