1
1.ڪرنٿين 33:14
Sindhi Bible FB
SB
انهيءَ جو سبب هي آهي تہ خدا گڙٻڙ جو نہ، بلڪ امن وَ امان جو خدا آهي. مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي سڀني ڪليسيائن ۾ هي دستور آهي تہ
Compare
Explore 1.ڪرنٿين 14:33
2
1.ڪرنٿين 1:14
سو اوهين محبت جا طلبگار رهو. انهيءَ کان علاوہ پاڪ روح کان ملندڙ نعمتن لاءِ جاکوڙ ڪندا رهو، خاص ڪري خدا جو پيغام ٻڌائڻ جي نعمت لاءِ.
Explore 1.ڪرنٿين 14:1
3
1.ڪرنٿين 3:14
جڏهن تہ خدا جو پيغام ٻڌائيندڙ اهڙيون ڳالهيون ٿو ڪري جيڪي ماڻهن جي روحاني ترقي، نصيحت ۽ دلاسي جو سبب بڻجن ٿيون.
Explore 1.ڪرنٿين 14:3
4
1.ڪرنٿين 4:14
جيڪو ماڻهو اڻڄاتل ٻوليءَ ۾ ٿو ڳالهائي سو رڳو پنهنجي فائدي لاءِ ائين ٿو ڪري، پر جيڪو خدا جو پيغام ٿو ٻڌائي سو ڪليسيا جي ڀلائيءَ لاءِ ائين ٿو ڪري.
Explore 1.ڪرنٿين 14:4
5
1.ڪرنٿين 12:14
اهو اوهان تي بہ لاڳو آهي. سو جيئن اوهين پاڪ روح کان ملندڙ نعمتن جي تمنا رکو ٿا، تيئن اها ڪوشش بہ ڪريو تہ اوهان جي انهن نعمتن جي استعمال سان ڪليسيا جي روحاني ترقي ٿئي.
Explore 1.ڪرنٿين 14:12