۽ ٻيو بہ هڪڙو نشان آسمان ۾ ڏٺو ويو؛ ۽ ڏسو، هڪڙو وڏو ڳاڙهو ازدها، جنهن کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا، ۽ سندس مٿن تي ست تاج هئا. ۽ انهي جي پڇ آسمان جي تارن مان ٽيون حصو ڇڪي زمين تي ڪيرائي وڌو: ۽ جنهن زال کي ٻار ڄمڻ تي هو، تنهن جي اڳيان اهو ازدها وڃي بيهي رهيو، انهي لاءِ تہ جنهن وقت هوءَ ٻار ڄڻي، تنهن وقت سندس ٻار کي ڳڙڪائي وڃي.