مڪاشفو 5:12-6
مڪاشفو 5:12-6 SB62
۽ هن کي پٽ ڄائو، يعني اُهو ٻار جو لوهہ جي لٺ سان سڀني قومن تي حڪم هلائڻ وارو آهي. ۽ انهيءَ زال جو ٻار خدا ڏانهن ۽ سندس تخت ڏانهن هڪدم کڄي ويو. ۽ اُها زال انهي بيابان ڏانهن ڀڳي، جتي خدا سندس لاءِ جاءِ تيار ڪري ڇڏي هئي، تہ انهي هنڌ هڪ هزار، ٻہ سؤ ۽ سٺ ڏينهن تائين سندس پرورش ٿئي.





