1
ڳاڻاٽو 30:13
Sindhi Bible NT
SB62
پوءِ ڪالب موسيٰ جي روبرو ماڻهن کي ماٺ ڪرائي چيو تہ هلو تہ هڪدم هلي اهو ملڪ هٿ ڪريون؛ ڇالاءِ جو اسين انهي تي پوريءَ طرح غالب پونداسين.
Compare
Explore ڳاڻاٽو 13:30
2
ڳاڻاٽو 33:13
۽ اسان اتي راڪاس ڏٺا، يعني عناق جو اولاد، جي راڪاسن جي نسل مان آهن، ۽ اسين انهن جي اڳيان پنهنجي نظر ۾ تڏين جهڙا هئاسين، ۽ انهن جي نظر ۾ بہ اهڙا ئي هئاسين.
Explore ڳاڻاٽو 13:33
3
ڳاڻاٽو 31:13
پر جيڪي ماڻهو هن سان گڏ ويا هئا، تن چيو تہ اسين انهن ماڻهن تي حملي ڪرڻ لاءِ وڃي نٿا سگهون، ڇو تہ اهي اسان کان وڌيڪ زور وارا آهن.
Explore ڳاڻاٽو 13:31
4
ڳاڻاٽو 32:13
۽ هنن، جنهن ملڪ جي جاسوسي ڪري آيا هئا، تنهن بابت بني اسرائيل کي هڪڙي خراب خبر ٻڌائي، ۽ چيائون تہ اها زمين، جنهن جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ اسين ويا هئاسين، سا اهڙي زمين آهي، جا اتي جي رهاڪن کي کايو وڃي، ۽ جيڪي ماڻهو اسان اتي ڏٺا سي سڀ ڏاڍا قداور آهن.
Explore ڳاڻاٽو 13:32
5
ڳاڻاٽو 27:13
۽ چيائونس تہ جنهن ملڪ ۾ تو اسان کي موڪليو هو، انهي ۾ اسين وياسين، ۽ سچ پچ انهي ملڪ ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، ۽ هي انهي جو ميوو آهي.
Explore ڳاڻاٽو 13:27
6
ڳاڻاٽو 28:13
پر جيڪي ماڻهو انهي ملڪ ۾ رهن ٿا، سي ڏاڍا زوراور آهن، ۽ اتي جا شهر تمام وڏا ۽ ڪوٽن وارا آهن: ۽ اسان اُتي عناق جو اولاد بہ ڏٺو.
Explore ڳاڻاٽو 13:28
7
ڳاڻاٽو 29:13
انهي ملڪ جي ڏکڻ ۾ عماليقي ٿا رهن، ۽ حتي ۽ يبوسي ۽ اموري جبلن ۾ ٿا رهن، ۽ سمنڊ واري پاسي ۽ يردن جي ڪناري تي ڪنعاني ٿا رهن.
Explore ڳاڻاٽو 13:29
8
ڳاڻاٽو 26:13
پوءِ هو فاران جي بيابان ۾ قادس منجهہ، موسيٰ ۽ هارون ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت وٽ آيا، ۽ اچي حال احوال ڏنائون، ۽ انهيءَ زمين جو ميوو ڏيکاريائون.
Explore ڳاڻاٽو 13:26