1
يشوع 2:6
Sindhi Bible NT
SB62
۽ خداوند يشوع کي چيو تہ ڏس، مون يريحو، ۽ انهي جو بادشاهہ، ۽ زور وارا بهادر مرد، سڀ تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن.
Compare
Explore يشوع 6:2
2
يشوع 5:6
۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو گهٽي جي سڱ سان هڪڙو ڊگهو آواز ڪن، ۽ اوهين اُهو قرناءِ جو آواز ٻڌو، تڏهن سڀ ماڻهو ڏاڍي زور سان رڙيون ڪن؛ ۽ شهر جي ڀت هيٺ ڪري پوندي، پوءِ سڀڪو ماڻهو پنهنجي سامهون سڌو چڙهندو وڃي.
Explore يشوع 6:5
3
يشوع 3:6
۽ اوهين جيڪي جنگي مرد آهيو سي سڀ لشڪر کي وڃي گهيرو ڪريو، ۽ هڪ دفعو شهر جي چوڌاري ڦري اچو؛ ڇهہ ڏينهن اوهين ائين ڪجو.
Explore يشوع 6:3
4
يشوع 4:6
۽ ست ڪاهن صندوق جي اڳيان گهٽن جي سڱن جون ست قرنائيون کڻن، ۽ ستين ڏينهن اوهين شهر کي ست ڦيرا ڏجو، ۽ ڪاهن اُهي قرنائيون وڄائين.
Explore يشوع 6:4
5
يشوع 1:6
(هاڻي يريحو بني اسرائيل جي ڪري ڏاڍي پڪيءَ طرح بند ڪيو ويو هو؛ نہ تہ ڪو ٻاهر ويندو هو نہ ڪو اندر ايندو هو).
Explore يشوع 6:1
6
يشوع 16:6
۽ هيئن ٿيو جو ستين ڀيري جڏهن ڪاهنن قرنائون وڄايون تڏهن يشوع ماڻهن کي چيو تہ رڙيون ڪريو؛ ڇالاءِ جو خداوند اوهان کي هي شهر ڏنو آهي.
Explore يشوع 6:16
7
يشوع 17:6
۽ شهر، ۽ جيڪي منجهس آهي، سو سڀ خداوند جي لاءِ بلڪل تباهہ ڪيو ويندو: رڳو راحب ڪسبياڻي، ۽ ٻيا جيڪي سندس گهر ۾ آهن، سي جيئرا بچندا؛ ڇالاءِ جو جيڪي قاصد اسان موڪليا هئا تن کي هن لڪايو هو.
Explore يشوع 6:17