۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، سي جيڪڏهن اوهين ڌيان ڏيئي ٻڌندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪندا، ۽ پنهنجيءَ ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان انهي جي عبادت ڪندا، تہ آءٌ اوهان جي ملڪ ۾ مند تي پهريون ۽ پويون مينهن وسائيندس. انهي لاءِ تہ تون پنهنجو اَن، ۽ پنهنجو شراب، ۽ پنهنجو تيل گڏ ڪري سگهين.