شريعت جو دور 26:11-28
شريعت جو دور 26:11-28 SB62
ڏسو آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان جي اڳيان برڪت ۽ لعنت ٿو رکان؛ برڪت انهي حالت ۾، جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جا حڪم، جي آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪندا: ۽ لعنت انهيءَ حالت ۾، جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جا حڪم نہ مڃيندا، ۽ جنهن رستي جو مون اڄوڪي ڏينهن اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تنهن کي ڇڏي ٻئي پاسي ڦرندا، ۽ ٻين معبودن جي پيروي ڪندا، جن جي اڃا تائين اوهان کي خبر ڪانهي.





