هاڻي اي اسرائيل، خداوند تنهنجو خدا توکان ڇا ٿو گهري، رڳو ايترو تہ تون خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهہ، سندس سڀني واٽن تي هل، ۽ کيس پيار ڪر، ۽ پنهنجي ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان، خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪر، ۽ خداوند جا حڪم ۽ سندس قانون، جي آءٌ تنهنجيءَ ڀلائيءَ جي لاءِ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن کي مڃيندو رهہ؟