شريعت جو دور 10
10
1انهي وقت خداوند مون کي چيو، تون اڳين جهڙيون پٿر جون ٻيون ٻہ تختيون جوڙ، ۽ مون وٽ جبل تي چڙهي اچ، ۽ ڪاٺ جي هڪڙي صندوق جوڙ. 2آءٌ انهن تختين تي اهي ڳالهيون لکندس، جي انهن اڳين تختين تي لکيل هيون، جن کي تو ڀڃي ڇڏيو، ۽ تون اهي انهيءَ صندوق ۾ رکج. 3ان موجب مون ٻٻر جي ڪاٺ جي هڪڙي صندوق جوڙي، ۽ اڳين تختين جهڙيون پٿر جون ٻہ تختيون جوڙيم، ۽ اهي ٻئي تختيون پنهنجي هٿ ۾ کڻي، جبل تي چڙهي ويس. 4۽ جيڪي ڏهہ حڪم خداوند جبل تي باهہ جي وچ مان جماعت واري ڏينهن اوهان کي ٻڌايا هئا، سي هن پهرئين لکئي موجب انهن تختين تي لکيا: ۽ خداوند اهي مون کي ڏنيون. 5پوءِ آءٌ موٽي جبل تان هيٺ لٿس، ۽ جيڪا صندوق مون جوڙي هئي، تنهن ۾ اهي تختيون رکيم؛ ۽ اهي اڃا اتي ئي رکيل آهن، جيئن ڪ خداوند مون کي فرمايو هو. 6(پوءِ بني اسرائيل بيروت بني يعقان کان روانا ٿي موسيرہ ۾ آيا: اتي هارون وفات ڪئي، ۽ هن کي اتي ئي دفن ڪيو ويو؛ ۽ سندس پٽ اليعزر سندس جاءِ تي ڪهانت جي عهدي تي خدمت ڪرڻ لڳو. 7پوءِ هو اُتان ڪوچ ڪري جدجودہ ۾ آيا؛ ۽ جدجودہ مان روانا ٿي يوطبات ۾ آيا، جتي پاڻيءَ جون نهرون هيون. 8انهي وقت خداوند لاويءَ جي قبيلي کي ڌار ڪيو، تہ اهي خداوند جي عهد جي صندوق کڻن، ۽ خداوند جي حضور ۾ حاضر رهي انهي جي خدمت ڪن، ۽ سندس نالو وٺي برڪت ڏين، جيئن اڄ ڏينهن تائين ٿيندو اچي. 9انهي ڪري لاوين کي سندن ڀائرن سان گڏ ڪوبہ حصو يا ورثو ڪونہ مليو؛ ڇالاءِ جو خداوند پاڻ هنن جو ورثو آهي، جيئن ڪ خداوند تنهنجي خدا هنن کي فرمايو آهي.) 10۽ آءٌ اڳي وانگر، چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون، جبل تي رهيس: ۽ هن ڀيري بہ خداوند منهنجي ٻڌي؛ ۽ توکي برباد نہ ڪيائين. 11پوءِ خداوند مون کي چيو، تہ اُٿ، ۽ ماڻهن جي رهبري ڪر؛ تہ هو انهي ملڪ تي وڃي قبضو ڪن، جنهن بابت مون انهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تہ انهن کي ڏيندس.
12هاڻي اي اسرائيل، خداوند تنهنجو خدا توکان ڇا ٿو گهري، رڳو ايترو تہ تون خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهہ، سندس سڀني واٽن تي هل، ۽ کيس پيار ڪر، ۽ پنهنجي ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان، خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪر، 13۽ خداوند جا حڪم ۽ سندس قانون، جي آءٌ تنهنجيءَ ڀلائيءَ جي لاءِ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن کي مڃيندو رهہ؟ 14۽ ڏس، آسمان ۽ آسمانن جو آسمان، زمين ۽ جيڪي منجهس آهي، سو سڀ خداوند تنهنجي خدا جو آهي؛ 15تڏهن بہ خداوند خوشيءَ سان تنهنجي ابن ڏاڏن کي پيار ڪيو، ۽ انهن کان پوءِ سندس اولاد کي، يعني اوهان کي ٻين سڀني قومن مان چونڊي ڪڍيائين، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي. 16تنهنڪري اوهين پنهنجي دل جو ختنو ڪريو ۽ اڳتي وري ضدي نہ ٿيو. 17ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا، جو خدائن جو خدا، ۽ خداوندن جو خدا آهي، جو عظيم، قادر، ۽ خوفناڪ خدا آهي، هو ماڻهن جي طرفداري نٿو ڪري، ۽ نڪي رشوت ٿو وٺي. 18هو يتيمن ۽ بيوہ زالن جو انصاف ٿو ڪري، ۽ پرديسيءَ کي پيار ٿو ڪري، ۽ انهي کي کاڌو ۽ ڪپڙو ٿو ڏئي. 19تنهنڪري اوهين پرديسيءَ کي پيار ڪريو: ڇالاءِ جو اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ پرديسي هئا. 20تون خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج؛ رڳو انهي جي عبادت ڪج؛ ۽ انهي سان قائم رهج؛ ۽ انهي جي نالي جو قسم کڻج. 21اهوئي تنهنجي تعريف جو حقدار آهي، اهو ئي تنهنجو خدا آهي، جنهن تنهنجي لاءِ اهي وڏا ۽ هيبتناڪ ڪم ڪيا، جي تو پنهنجين اکين سان ڏٺا. 22تنهنجا ابا ڏاڏا جڏهن مصر ۾ ويا تڏهن ستر ڄڻا هئا؛ پر هاڻي خداوند تنهنجي خدا توکي آسمان جي تارن جيترو وڌايو آهي.
Currently Selected:
شريعت جو دور 10: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.