تڏهن سدرڪ، ميسڪ، عبدنجو ورندي ڏيئي بادشاهہ کي چيو تہ اي نبوڪدنضر انهي ڳالهہ بابت توکي جواب ڏيڻ جو اسان کي ضرور ڪونهي. جيڪڏهن ائين ٿيندو تہ اسان جو خدا، جنهن جي اسين عبادت ٿا ڪريون، سو اسان کي باهہ جي ٻرندڙ کوري مان بہ بچائي سگهندو؛ ۽ اُهو، اي بادشاهہ، اسان کي تنهنجي هٿان ڇڏائيندو. پر جي نہ، تہ بہ اي بادشاهہ توکي خبر هجي تہ اسين تنهنجن معبودن جي عبادت ڪين ڪنداسين، ۽ نہ جيڪا سوني مورت تو بيهاري آهي تنهن کي سجدو ڪنداسين.