داني ايل چيو تہ شل خدا جو نالو هميشہ تائين مبارڪ هجي: ڇالاءِ جو حڪمت ۽ قدرت انهيءَ جي آهي: ۽ هو وقت ۽ موسمون بدلائي ٿو: هو هڪڙن بادشاهن کي برطرف ڪري ٿو، ۽ ٻين بادشاهن کي اُٿاري ٿو: هو ڏاهن کي ڏاهپ عطا ڪري ٿو، ۽ سمجهہ وارن کي علم ڏئي ٿو. هو اونهيون ۽ ڳجهيون ڳالهيون ظاهر ڪري ٿو: هن کي خبر آهي تہ اونداهي ۾ ڇا آهي، ۽ روشنائي انهيءَ وٽ رهي ٿي.