۽ اُنهن ڏينهن جي گذرڻ کانپوءِ مون نبوڪدنضر پنهنجون اکيون مٿي آسمان ڏي کنيون ۽ منهنجي سمجهہ موٽي مون ۾ آئي، ۽ مون خدا تعاليٰ جو شڪر ڪيو ۽ سندس تعريف ڪيم، ۽ تعظيم ڏنم، جو هو هميشہ لاءِ جيئرو آهي؛ ڇالاءِ جو هن جي بادشاهي هميشہ تائين جٽاءُ ڪندڙ آهي، ۽ هن جي حڪومت پيڙهي بہ پيڙهي هلي ٿي